چين: ھڪ مثالي مُلڪ، جتي نہ مھانگائي ٿي، نہ تعليمي ادارا بند ٿيا
چين ۾ نہ مارڪن جا داٻا نہ فيل ٿيڻ جا داٻا ڏنا ويندا آھن. نہ ھتي شاگردن کي ھراس ڪيو ويندو آھي، نہ ڊگري ۽ مارڪشيٽ جا پيسا ورتا ويندا آھن. نہ ڪنھن جي سفارش ھلندي آھي نہ ڪنھنجي ٻڌي ويندي آھي، نہ ھتي ڪرپشن جو ڪو تصور آھي.

سھيل احمد ، نانجنگ چين
ايندڙ دور چين جو آھي. ايندڙ وقت ۾ جيڪي بہ موقعا ملندا اھي چين مان ايندا. انھيءَ ڪري مطلب چيني ٻولي اچڻ ضروري آھي. چين ۾ ھڪ اسڪول جي استاد جي پگھار 15 ھزار يان آھن يعني پاڪستاني پنج لک روپيا، جڏھن تہ مھيني جو ٻن يا ٽن ماڻھن جو خرچ ٻہ لک بہ ناھي. اھا تہ ھڪ اسڪول جي استاد جي پگھار آھي. سپچيو تہ يونيورسٽيءَ جي استاد جي ڪيتري پگھار ھوندي.
چين جي کوڙ يونيورسٽين ۾ سنڌي پروفيسر لڳل آھن جتي ھو پنھنجي زندگي سڪون سان گذارن پيا، جتي کين ھر قسم جي سھولت ڏني پئي وڃي.
جيڪڏھن توھانجي پاڪستان ۾ سٺي پگھار آھي ت پنھنجي ٻارن کي بيچلرس لاء ٻاھر ڪڍو. پھريان ٽن کان چار لک توھان جو خرچ ايندو، پوء ھر مھيني پنھنجي ٻار کي صرف ٽيھ ھزار رُپيا موڪليو جيڪي ڪافي آھن، باقي ھن جي پڙھائي مفت ھوندي.
توھانکي لڳندو ھوندو چين ۾ بيحيائي آھي پر آءُ چوندس چين ايترو مصروف ملڪ آھي جو ڪو ڪنھن کي ڏسندو ئي ناھي. ھر ڪو پنھنجي ڪم سان ڪم رکندو آھي. ھو ان بيحيائي جي سخت خلاف آھن.
توھانکي لڳندو ھوندو چين ۾ صرف حرام ملندو آھي پر ايئن بلڪل ناھي. چين ۾ حلال بہ ملندو آھي. چين ۾ ھر سبزي ملندي آھي پر اڪثر پاڻ ڪندا آھيون نہ تہ يونيورسٽي ۾ حلال ڪنٽين بہ موجود آھن.
چين جي ٻولي اچڻ سان توھانجي زندگي سيٽ ٿي سگھي ٿي ڇو جو چين سستو آھي. ھن وقت پوري دنيا مھانگائي سان جنگ پئي وڙھي پر چين پوري دنيا کان سستو آھي. شين جون قيمتون اتي جو اتي ئي آھن. نہ گاڏين جو ڀاڙو مھانگھو ٿيو
نہ شيون مھانگيون ٿيون، نہ ئي اسڪول بند ٿيا. ڄڻ چين تي ڪو اثر ئي نہ ٿيو.
ڪوشش ڪريو، جنھن وٽ الله جو گنج آھي، جيڪي سمجھن ٿا تہ ٽيھ ھزار يا ويھ ھزار ھر مھيني پنھنجي ٻار کي ڏئي سگھن ٿا ته اھي بيچلرس چين مان ڪرائن تہ بھتر آھي. نہ ھتي مارڪن جا داٻا ڏنا ويندا آھن نہ ھتي فيل ٿيڻ جا داٻا ڏنا ويندا آھن.
نہ ھتي شاگردن کي ھراس ڪيو ويندو آھي
نہ ھتي ڪاغذن جي نالي تي پيسا ورتا ويندا آھن
نہ ھتي ڊگري ۽ مارڪشيٽ جا پيسا ورتا ويندا آھن
نہ ھتي ڪنھن جي سفارش ھلندي آھي نہ ڪنھنجي ٻڌي ويندي آھي
نہ ھتي ڪرپشن جو ڪو تصور آھي
انھن سڀني شين مان اندازو ڪريو تہ پڙھائي جو ڇا تہ ماحول ھوندو.
____________

سھيل احمد، نانجنگ، چين



