ڪراچي ٻہ ٽي سئو سال نہ، ھزارين ورھيہ پُراڻو بندرگاھي شھر آھي
ڪراچي سنڌو ماٿري تھذيب جو هزارين سال پراڻو بندرگاهي شهر آهي، نه ڪي ٽي سئو سال پراڻو. اھو چوڻ بلڪل غلط آھي تہ ڪراچيءَ جي تاريخ سونمياڻي، لسٻيلي کان هتي اچي آباد ٿيندڙ ماهيگيرن جي ڳوٺ کان شروع ٿئي ٿي!

ڪراچي برصغير جي ساحلن ۽ ايران ۽ عرب رياستن جي ڪنارن جي وچ ۾ واقع سامونڊي ڀنورن (ڪروچي) جي ويجهو منھوڙو، ڪياماڙي، ڪلفٽن ۽ ٻين ٻيٽن جي وچ ۾ هڪ محفوظ بندرگاهي چينل وارو شهر ھو،
ابراھيم صالح محمد
هي قصو آهي هزارين سال پراڻي سنڌو ماٿري تھذيب جي هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) ۾ واقع برصغير جي ساحلن ۽ ايران ۽ عرب رياستن جي ڪنارن جي وچ ۾ واقع سامونڊي ڀنورن (ڪروچي) جي ويجهو منھوڙو، ڪياماڙي، ڪلفٽن ۽ ٻين ٻيٽن جي وچ ۾ هڪ محفوظ بندرگاهي چينل واري شهر جو، جنهن کي سڪندرِ اعظم جي دور کان وٺي هر دور ۾ هڪ نئون نالو مليو ۽ جنهن کي بعد ۾ ارڙهين صديءَ ۾ هڪ ماهيگير بستيءَ ۾ تبديل ڪيو ويو. (انهن نالن ۽ دورن جو تفصيل توهان ڪراچيءَ جي مقامي مورخ عبدالغفور کتري صاحب جي ڪتاب “ڪراچيءَ جي ڪهاڻي، تاريخ جي زباني” ۾ ڏسي سگهو ٿا).

ڪراچيءَ جي بدقسمتي آهي ته ان جي تاريخ سان هميشه ھٿ چُراند ٿيندي آئي آهي. ڪڏهن ان کي بندرگاهي شهر واري حيثيت تان هٽائي ساحلن تي واقع هزارين ماهيگير وسندين مان محض هڪ ننڍڙو ماهيگير ڳوٺ بڻايو وڃي ٿو، ته ڪڏهن ان کي انگريزن جي ان مخصوص بندرگاهي جڳهه، ان جي مضافات، ان جي جاگرافيائي اهميت ۽ ان جي رهواسين بابت آرڪائيوز ۾ محفوظ لکڻين جي برخلاف، 1947ع کان هڪ نئين من ماني تاريخ لکڻ، پوءِ 1971ع ۾ پاڪستان ٽٽڻ ۽ هتي بنگال، هندستان ۽ ايران کان نون قبضاگيرن جي اچڻ کانپوءِ تاريخ ۾ تحريف در تحريف جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.
غير ملڪي جهازين ۽ سياحن جي لکيل تاريخ ۽ آرڪيالاجي جا سائنسي حوالا ان ڳالهه جا شاهد آهن ته ڪراچي قديم زماني کان سامونڊي جهازين لاءِ هڪ قدرتي ۽ محفوظ بندرگاهه رهي آهي. هتان جي ڪياماڙي، بابا ڀٽ، ڪلفٽن، شمس پير، نوانل ۽ منھوڙي جي ٻيٽن تي اڪثر سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي وڏن ڪڇي ڀاٽيا، لُھاڻا ۽ ٻين سنڌي ۽ گجراتي واپارين جي بادباني مال بردار بحري ٻيڙن جي آمد و رفت رهي آهي ۽ اهي سمنڊ سان وابسته ماڻهن جي عارضي توڙي مستقل رهائشگاهه رهيا آهن. انهن جي سفر بابت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ گهڻو ڪجهه اکين ڏٺو حال بيان ڪيو آهي.
هتان کان ئي هنگلاج ماتا جا ياتري هزارين سالن کان پنهنجي ڪُل ماتا “ناني” جي مندر جي زيارت ۽ برصغير جي جوڳين جي “لاهوت لامڪان” (موجوده هنگول نيشنل پارڪ) جي سفر تي ويندا رهيا آهن. هتي ئي ويجهو “رام باغ” (موجوده آرام باغ) جي چشمي تي سري رام جي هنگلاج ياترا بابت مذهبي ڪتابن ۾ قصا درج آهن. هتان جي ئي موجوده ڪلفٽن جي ان وقت جي ٻيٽ جي ٽڪرين تي ناڳ ديوتا جا غار ۽ پاڻي جا چشما موجود هئا (جتي هڪ ٽڪريءَ تي بعد ۾ هڪ مشهور درگاهه بڻائي وئي جيڪا اڄڪلهه هتان جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي). هتان نه صرف ڪاروبار جي غرض سان، پر حجاج جا قافلا به انهن بادباني بحري ٻيڙن ذريعي روانا ٿيندا ۽ واپس ايندا هئا. قديم زماني کان هتي قلعا، لائيٽ هائوس ۽ انهن جو عملو مقرر رهندو آيو آهي.

هتان جي پسگردائيءَ ۾ ٺٽي جي ماتحت ملير ۽ کيرٿر جا زميندار ۽ مالدار ماڻهو، ملير ندي ۽ لياري نديءَ جي آسپاس ٻني ٻارو ۽ مالداري ڪندا هئا ۽ هتان جي بندرگاهه تان مال جي آمد و رفت ڪندا هئا. ڪراچيءَ جي منھوڙي ٻيٽ تي قائم قلعي جي قلعه داري شروعاتي دور ۾ پهريان ته “رتو ڪوٽ” (جنهن جا کنڊرات موجوده قاسم پورٽ کان اڳتي واقع آهن) جي حڪمران راجپوت راڻن وٽ هئي، اتي سوناميءَ جي تباهيءَ کانپوءِ اها ملير جي جوکيا ڄامن وٽ رهي، جيڪي بندرگاهه جو محصول وصول ڪندا هئا.
ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ سامونڊي سونامي سبب لسٻيلي جي ساحلي بندرگاهن جي تباهيءَ کانپوءِ سونمياڻي جا ڪيترائي ماهيگير خاندان سيٺ ڀوڄومل جي قيادت ۾ هتي اچي آباد ٿيا ۽ موجوده ٽاور کان کارادر ۽ مٺادر جي ٽڪريءَ واري علائقي ۾ آباد ٿيا. (بعد ۾ انگريزن کين اتان منتقل ڪري، ماهيگيريءَ جي ڪاروبار جي سهولت خاطر “کڏا” جي زمين هميشه لاءِ مستقل مالڪاڻي حقن سان الاٽ ڪئي، جنهن کي اسان جي نادان دوستن پنهنجي نادانيءَ ۾ ڀٽو دور 1974ع ۾ مستقل مالڪاڻا حق ڇڏي 99 سالا عارضي ليز ۾ تبديل ڪرائي ڇڏيو. انهن هتي موجوده مڇر ڪالوني جي ويجهو فشريز بڻائي ساحلي ماهيگيريءَ جو ڌنڌو شروع ڪيو (فشرمين جي فلاح بهبود لاءِ ڪوآپريٽو سوسائٽي قيامِ پاڪستان کان اڳ ئي بڻجي چڪي هئي).

انهن ئي ڏينهن ۾ انگريزن سنڌ جي ميرن جي اجازت سان هتي پنهنجي ڪاروباري ڪوٺي قائم ڪئي. جڏهن انگريزن کي روس ۽ برٽش انڊيا جي وچ ۾ افغانستان کي بفر اسٽيٽ بڻائڻ ۽ وچ اوڀر کان سنگاپور تائين هندي وڏي سمنڊ جي ساحلن جي نگرانيءَ جي ضرورت محسوس ٿي ته سندن نظر ڪراچيءَ تي پئي. ان مقصد لاءِ چارلس نيپيئر ۽ ان جي ساٿين کي، جيڪي ڪڇ جي ساحلن تان خفيه طور ڪراچي جي زميني سروي لاءِ آيا هئا، ڀوڄومل جي خاندان جي نائومل ۽ سونمياڻي جي هتي آباد ڪيترن ئي ماهيگير قبيلي جي ڄاموٽن مدد فراهم ڪئي هئي. منھوڙي جي قلعي وارن جي نظرن کان بچائڻ لاءِ ڪشتي ۾ ويٺل گورن صاحبن کي مڇيءَ جو ڪارو تيل لڳائي آيا هئا ته جيئن بندرگاهه جا رکوالا کين پري کان مقامي ماهيگير سمجهي نہ روڪن. هن خفيه مدد جي عيوض بعد ۾ انهن مان چئن قبيلن جي ڄاموٽن کي ملڪه برطانيا طرفان “ترام پتر” (Copper Plated Certificate) جاري ڪيا ويا هئا، جيڪي مون پنهنجي اکين سان فشرمين ڪراچيه جماعت جي “مامون ڄاموٽ” وٽ ڏٺا هئا. بعد ۾ منهنجي علم ۾ اها ڳالهه به آئي ته لاڙا جماعت جي حاجي يونس شمس پير واري (جنهن ستر واري ڏهاڪي ۾ شمس پير سان لڳو لڳ نوانل آئيس لينڊ تي ‘يونس آباد’ جي نالي سان کڏه جي فشرمينن لاءِ نئين بستي آباد ڪئي هئي) اهو رڪارڊ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هاڻي ڪيترو رڪارڊ سندس وارثن يا ڪراچيه جماعت وارن وٽ محفوظ آهي، ان جي مون کي خبر ناهي.

ابراهيم حيدريءَ ۾ آباد ٿيندڙ حاجي ولي محمد جي ڏاڏي جو خاندان (جيڪي بعد ۾ پاڻ به ڄاموٽ سڏيا، (حاجي شفي محمد ڄاموٽ به ان ئي خاندان جو فرد هو)، ان وقت ڪراچيه جماعت جو اصل ڄاموٽ صرف مامون ڄاموٽ کڏه وارو ئي هو. ستر جي ڏهاڪي ۾ منهنجون مامون ڄاموٽ سان ملاقاتون رهيون آهن، ان وقت هو ڪافي وڏي عمر (سئو سال کان مٿي) جو هو، پر ياداشت ان وقت به تيز هئس. ڪراچيه ۽ لاڙا جهڙين وڏين فشرمين جماعتن کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي جماعتون جهڙوڪ بندري جماعت، ونگوره جماعت وغيره شامل هيون، جن جا پنهنجا پنهنجا ڄاموٽ هوندا هئا.
هاڻي هتي ڪجهه سوال آهن جن تي اسان جي پڙهيل لکيل نوجوانن کي سائنسي انداز سان اصل تاريخ جي بحاليءَ لاءِ تحقيق ڪرڻ گهرجي:
مورڙو ميربحر سونمياڻي ۾ رهندو هو ۽ اتان وڏي منگر (شارڪ) جو شڪار ڪرڻ هن چينل ۾ آيو هو، هن پنهنجي ڀائرن جون قبرون لياري نديءَ جي ٻئي ڪناري جي ٽڪريءَ (موجوده مسرور بيس ماڙيپور) ۾ ٺاھيون ۽ واپس هليو ويو. سندس ماءُ يا ڏاڏي مائي ڪولاچي هتي ڪهڙي جڳهه تي آباد هئي؟ ڪياماڙيءَ ۾، ڪنهن ٻئي ٻيٽ تي، کارادر مٺادر ۾، کڏه ۾ يا لياريءَ ۾؟ لياري جنهن جو وجود ئي انگريز جي دور ۾ پيو، اتي ان نالي سان ڪراچيءَ جي پراڻي نالي ۾ تحريف ڪري ڪراچي کي “مائي ڪولاچي جو ڳوٺ” بڻايو ويو؟
ڇا انگريزن جي معلومات ايتري ناقص هئي جو هو هن بندرگاهي شهر کي “ڪروچي” لکندا آيا آهن، نه ڪي “ڪولاچي جو ڳوٺ”؟
ڇا سونمياڻي کان هجرت ڪري هتي آباد ٿيندڙ ماهيگيرن کي هن جڳهه جو نالو “مائي ڪولاچي جو ڳوٺ” ياد نه هو جو کين پنهنجي پهرين وڏي جماعت جو نالو “ڪراچيه جماعت” رکڻو پيو، نه ڪي “ڪولاچي جماعت”؟
حقيقت ۾ “ڪولاچي” نالو لسٻيلي جي هڪ مقامي برادريءَ جي جماعت جو نالو آهي. ان نالي جو ڪو ڳوٺ مضافات ۾ هجي ته هجي، پر هن بندرگاهي حدن ۾ ڪو ڳوٺ نه هو. بعد ۾ لياري مان 1988ع ۾ چونڊيل اسان جي لاسي MPA دوست عبدالخالق جمعه، بينظير صاحبه کي ڪوئنز روڊ کان ڪلفٽن جي وچ ۾ چينا ڪريڪ جي مينهوڪن (Mangroves) ۽ گپ کي ڀري زمين ريڪليم ڪري بڻايل شاهراهه جو نالو “مائي ڪولاچي” رکڻ جو مشورو ڏنو هو.

نوٽ: ڄاموٽ، ڄاموتر ۽ پٽيل بابت:
ڄاموٽ: هي لسٻيلي جي والي “ڄام” پاران پنهنجي علائقن جي برادرين مان چونڊيل فردن جو لقب هوندو هو جيڪي برادري جي قيادت ڪندا هئا ۽ ڄام جا وزير به سڏبا هئا. ڪراچي جي فشرمين جماعتن جا پنهنجا پنهنجا ڄاموٽ هوندا هئا، جيتوڻيڪ هاڻي اهو سسٽم موجود ناهي.
ڄاموتر: ڪراچي ۽ ڪڇ (گجرات) ۾ رهندڙ سماٽ ڪڇي برادرين جي قيادت لاءِ چونڊيل وڏي فرد کي “ڄاموتر” (ڄام پوتر) چيو ويندو هو. ڪراچي ۾ هي سلسلو هلي نه سگهيو. هتي اها ڳالهه به عرض ڪريان ته ورهاڱي کان اڳ ئي ڪڇ ۾ اسان جي هنگورا برادريءَ پنهنجي ڄاموتر کي هڪ سماجي ڏوهه جي الزام ۾ ڪوڙي (ٻه ٽڪا) جرمانو هڻي “نات ٻاهر” (سماجي بائيڪاٽ) ڪري ڇڏيو هو. هر طرف کان بائيڪاٽ کان گهٻرائي اهو ڄاموتر پنهنجي اهل عيال سميت ڪڇ ڇڏي ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيو هو. هاڻي ته ڪڇ ۾ به تمام برادرين ۾ ڄاموتر بدران جمهوري سسٽم لاڳو آهي. ڪراچي ۾ اسان جي برادريءَ ۾ شروع کان ئي ڄاموتري سسٽم بدران جمهوري شورائي نظام رائج رهيو آهي (اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن پئسي وارا ماڻهو پنهنجي پئسي جي زور تي جماعت تي قابض ٿي ويندا آهن).
پٽيل: پٽيل ڪڇي ۽ گجراتي برادري جي اهڙي اڳواڻ کي چيو ويندو هو جيڪي مختلف برادرين جو مجموعو هوندا هئا، جيئن بڊالا جماعت جو پٽيل، يا واهگير جماعت جو پٽيل. جڏهن ته گجرات ۾ هڪ برادري “پٽيل” جي نالي سان به موجود آهي جيڪا مسلم پٽيل ۽ هندو پٽيل ۾ ورهايل هئي. پيپلز پارٽي جي ڀٽو دور جو ڪراچي جو هڪ MPA ۽ وزير قاسم عباس پٽيل، گجراتي پٽيل برادري جو فرد هو، جڏهن ته ڪيماڙي جو MNA ۽ اڳوڻو وزير عبدالقادر پٽيل پنهنجي بڊالا جماعت جي پٽيل والد جي ڪري پاڻ کي پٽيل سڏائي ٿو.
____________

ابراھيم صالح محمف ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



