پاڪستان: اقتدار لاءِ ڊوڙ، وسيلن جي ڦُرلُٽ ۽ گنڀير مسئلن ۾ ڦاٿل عوام
عوام هاڻي پاڪستاني سياست کان باغي ٿي چڪو آهي، مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن، عوام چاهي ٿو ته حقيقي آزادي ملي. ملڪ ۾ تشدد، ظلم، زيادتي، ڦرلٽ جي بازار گرم آهي، مهانگائي، بيروزگاري، آپگهات، پاڻ ساڙڻ جا واقعا وڌندا پيا وڃن، بازارون، عبادتگاهون، مقدس جايون پڻ محفوظ نه رهيون آهن. اغوا جون وارداتون وڌنديون پيون وڃن، کاڌي پيتي وارين شين ۾ ملاوٽ، رشوت، ذخيرا اندوزي، پيئڻ جي پاڻي کان وٺي زرعي زمين جي پاڻيءَ جي کوٽ، بجلي ۽ گئس جي به لوڊشيڊنگ آهي.

تحرير پروفيسر مدد علي جھتيال
قائداعظم محمد علي جناح جي وفات 11 سيپٽمبر 1948ع کانپوءِ ملڪ ۾ رساڪشي شروع ٿي، هر سياسي اڳواڻ جي خواهش هئي ته پاڪستان جو چڱو مڙس مان ٿيان، انهيءَ ڪشمڪش ۾ ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي ويو جو 9 سالن ۾ به ملڪ جو نه آئين ٺاهي سگهيا ۽ نه ان کي ترقي وٺرائي سگهيا. ڏھن ورھين جي مختصر مُدي ۾ 1947ع کان 1957ع تائين ملڪ جا 8 سربراهه بڻيا. ملڪ ۾ سخت غذائي کوٽ ٿي، جنهن جي پورائيءَ لاءِ اسان 1953ع ۾ آمريڪا اڳيان جهولي جهلي ته اسان جو عوام بک ٿو مري، اسان کي کائڻ لاءِ ڪڻڪ ڏيو. آمريڪا به دير ئي نه ڪئي، اسان جي وات ۾ ڳڀو وجھي اسان کي امداد تي هيرائي ڇڏيو. ان کانپوءِ ملڪ ۾ اهڙيون ته حالتون پيدا ڪيون ويون جو ملڪ پريشانين ۾ وٺجي ويو ۽ هر سياسي ليڊر توڙي بيورو ڪريٽ پنهنجن مفادن کي پيارو رکندي هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ شروع ڪيا، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ نهايت ئي سنگين حالتون پيدا ٿينديون ويون. نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستان ۾ لڙائي جهڙي ڪيفيت پيدا ٿي وئي ۽ اوڀر پاڪستان موجوده بنگلاديش اسان کان 16 ڊسمبر 1971ع ۾ جدا ٿي الڳ ملڪ ٿي ويو.
پاڪستان جي ٻن ٽڪرن ۾ ورھائجڻ کانپوءِ موجوده پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي، جنهن کي پنهنجو وقت پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ ملڪ ۾ ٽين مارشل لاءِ 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءُ الحق لڳائي ڇڏي، جيڪا جنرل ضياءَ جي حادثاتي موت تي 17 آگسٽ 1988ع کانپوءِ ختم ٿي. ان کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت 2 ڊسمبر 1988ع تي قائم ٿي، جنهن جي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٿي، جيڪا 6 آگسٽ 1990ع تائين رهي، ان کانپوءِ پهريون دفعو ملڪ ۾ نگران وزيراعظم جو عهدو قائم ڪري 6 آگسٽ 1990ع کان 6 نومبر 1990ع تائين پاڪستان جو پهريون نگران وزيراعظم غلام مصطفي جتوئي کي ڪيو ويو. نگران حڪومت ملڪ ۾ عام چُونڊون ڪرايون، جنهن ۾ ميان نواز شريف کي ڪاميابي حاصل ٿي ۽ هو 6 نومبر 1990ع تي پاڪستان جو پهريون دفعو وزيراعظم ٿيو، جيڪو پڻ معطل ٿي ٻيهر سپريم ڪورٽ جي آرڊر تحت بحال ٿيو. ان کانپوءِ 19 جولاءِ 1993 تي نواز شريف جي اسعيفي کانپوءِ آمريڪا مان معين الدين قريشي کي پاڪستان ۾ آڻي 18 جولاءِ 1993ع کان 19 آڪٽوبر 1993ع تائين پاڪستان جو نگران وزيراعظم ڪيو ويو، جنهن عام چونڊون ڪرايون، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ٽيون دفعو ڪاميابي حاصل ٿي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ دفعو ٻيهر 19 آڪٽوبر 1993ع تي وزيراعظم ٿي، جيڪا 5 نومبر 1996ع تائين رهي، ان کانپوءِ وري نگران وزيراعظم ملڪ معراج خالد کي ڪيو ويو، جنهن ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرايون، جنهن ۾ نواز شريف جي پارٽي ٻيو دفعو ڪاميابي حاصل ڪئي. جيڪو پاڻ کي اميرالمؤمنين ڪرائڻ جي چڪر ۾ مار کائي ويو ۽ 12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل پرويز مشرف ملڪ ۾ ايمرجنسي جي نالي سان اقتدار تي قبضو ڪيو ۽ پاڻ کي پاڪستان جو سربراهه مقرر ڪيو، جيڪو 18 آڪٽوبر 2008ع تائين پنهنجي مرضي واريءَ حڪومت ڪندو رهيو. انهيءَ عرصي دوران محترمه بينظير ڀٽو کي 27 دسمبر 2007ع راولپنڊي جي لياقت باغ واري علائقي ۾ شهيد ڪيو ويو، جنهن جي ڪري جنرل پرويز مشرف ڪمزور ٿيو ۽ اقتدار مان هٿ ڪڍيائين، نگران سيٽ اپ آيو، ان اليڪشن ڪرائي، جنهن ۾ چوٿون دفعو 25 مارچ 2008ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومت ٺاهي ۽ پنهنجو پنجن سالن جو مدو پورو ڪيو. هي پاڪستان جي تاريخ ۾ پهرين جمهوري حڪومت هئي، جنهن پنهنجا پنج سال پورا ڪيا. پنجن سالن کانپوءِ ملڪ ۾ چُونڊون ٿيون ۽ ٽيون دفعو نواز شريف 5 جون 2012ع ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، جنهن جي باري ۾ به چيو ٿو وڃي ته جعلي مينڊيٽ جي بنياد تي حڪومت ٺاهي. وري عمران خان پاڪستان جو دعويدار پيدا ٿيو. عمران خان جي حڪومت چار سال بہ نه ھلي ۽ کيس ھٽائي شھباز شريف کي آندو ويو.
عوام ته هاڻي پاڪستاني سياست کان باغي ٿي چڪو آهي، ڇو ته عوام جا مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن، عوام چاهي ٿو ته حقيقي آزادي ملي، ڇو ته حقيقي آزادي هن وقت تائين ناهي ملي سگھي، اسان جي ملڪ ۾ تشدد، ظلم، زيادتي، ڦرلٽ جي بازار گرم آهي، مهانگائي، بيروزگاري، آپگهات، پاڻ ساڙڻ جا واقعا وڌندا پيا وڃن، بازارون، عبادتگاهون، مقدس جايون پڻ محفوظ نه رهيون آهن. اغوا جون وارداتون وڌنديون پيون وڃن، کاڌي پيتي وارين شين ۾ ملاوٽ، رشوت، ذخيرا اندوزي، پيئڻ جي پاڻي کان وٺي زرعي زمين جي پاڻيءَ جي کوٽ، بجلي ۽ گئس جي به لوڊشيڊنگ آهي.آخرڪار هي سڀ ڪجھ اسان جي ملڪ ۾ ڇو پيو ٿئي؟
پاڪستان کي قائم ٿيندي 78 سال ٿي چڪا آهن، پر اڄ به اسان پاڻ کي غلام قومن ۾ پيا تصور ڪيون. سچ ته هي آهي ته ناهل حڪمرانن اڳيان روئڻ به اکين جو زيان ئي آهي، جن وٽ آزاديءَ جهڙي نعمت جي ڪا اهميت نه آهي، ڇو ته انهن جا بئنڪ اڪائونٽ ۽ ملڪيتون ٻاهرين مالڪن ۾ محفوظ آهن ۽ سندن اها خواهش ۽ نيت رهي آهي ته جڏهن به اقتدار مان لهندا يا لاٿا ويندا ته هو پرڏيهه وڃي عيش ۽ عشرت واري زندگي گذاريندا. ايئن ٿيندو به رهيو آهي. اهڙو ذهن رکندڙ حڪمرانن کي ڇا ياد ڏياريون ته هي ملڪ سندن ۽ پنھنجي ٻارن يا مِٽن مائٽن لاءِ نه ٺهيو هو، بلڪه غريب عوام لاءِ قائم ٿيو هو ته انهن کي اجهو، لٽو ۽ اُٽو ملندو، انهن جي حقن جي حاصلات ٿيندي، مٿن انگريز حڪمرانن جي ظلمن جو ازالو ٿيندو، انهن جي ايندڙ نسلن جو روشن مستقيل ٿيندو.
ٻئي پاسي افسوس ان ڳالهه جو به ٿئي پيو ته هن ملڪ جي نادان ماڻهن کي پنهنجي حقن وٺڻ جي به خبر نه آهي، اگر چند ماڻهن کي خبر آهي به ته اهي گونگا ٻوڙا نظر اچن پيا، دنيا جي ملڪن ۾ تيزيءَ سان تبديليون اچن پيون، اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي به ان طرف توجهه ڏيڻ گهرجي. اگر اڄ به تبديلي پسند نه ٿيا ته شايد ئي اسان جو وجود بچي، باقي اوندهه ئي اوندهه هوندي.
______________

پروفيسر مدد علي جھتيال حيدرآباد ۾ رھي ٿو



