Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

قلندري فلسفو ۽ تحريڪ: قلندر بندگيءَ ۾ آزادي ۽ آزاديءَ ۾ بندگي ڏسي ٿو

اسلامي روحانيت ۾ قلندر هڪ اهڙو درويش آهي جيڪو نه پنھنجي ظاهر جي پروا ڪري ٿو، نه تعريف چاهي ٿو۽ نه وري ڪنھن جي ملامت کان ڊڄي ٿو. ھو ڪرامت ظاهر ڪرڻ جي فڪر ۾ نہ ٿو رھي ۽ نه ئي ڪنھن سماجي مقام جو طالب آھي. قلندري تحريڪون آزادي (حرّيت) جي فڪر کي پسند ڪن ٿيون. اھي انساني نفس کي سڀ کان وڏو غلاميءَ جو گھر سمجھن ٿا.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل تصوير

پيتامبر لوھاڻو

اسلامي دنيا ۾ قلندر کي عام طور ھڪ اھڙي عارف طور پيش ڪيو وڃي ٿو جيڪو عشق ۾ آزاد، مست، ۽ خود کان فنا آهي. اھي خيال سنڌ، ھند، ايران، افغانستان، ترڪي سميت ڪيئي ملڪن ۾ موجود تحريڪن ۽ تاريخ جو تسلسل آھن جن ۾ قلندرن ۽ انھن سان ملندڙ جلندڙ تحريڪون تاريخ جو زيور بڻيون آھن. انھن تحريڪن ۾ ملامتي، حشيش، موالي، تحريڪون شامل آھن. اسلامي قلندرن کان علاوہ مغرب ۾ پڻ ان سان ملندڙ تحريڪون ھلنديون رھيو آھن جن ۾ بوھمي ۽ جپسي تحريڪون شامل آھن.

اسلامي دنيا ۾ قلندريہ تحريڪون ڪڏھن ۽ ڪٿي شروع ٿيون آھن تنھن جي لاءِ يقين سان چوڻ مشڪل آھي. قلندري فڪر ۽ تحريڪ جي حوالي سان تاريخ ۾ پھريون اھم حوالو ابو اسماعيل عبدالله بن محمد انصاري هراوي جو آھي جيڪو پنجين صدي ھجري ۾ خراسان جي علائقي ھرات ۾ ڄائو ھو. (جتان لطيف جا وڏا سنڌ لڏي آيا ھئا) سندس پيروڪار کيس ”پيرِ هرات“ ”خواجهِ انصاري“ ۽ ”امامُ العارفين“ جي لقبن سان ياد ڪندا آھن. ھو پنھنجي دور جو سڀ کان وڌيڪ اثرائتو صوفي، واعظ ۽ شاعر هو. سندس نصيحتون، مناجاتون ۽ رسالا تصوف جي تاريخ ۾ هڪ مستقل مقام رکن ٿا. ھن جو قلَندَرنامه جي نالي سان لکيل ڪتاب جنھن کي مناجاتِ قلندري يا مقامِ قلندري پڻ چيو وڃي ٿو، ھڪ اھم رسالو آھي. قلندرنامه هڪ مختصر، گهرو ۽ رمزي رسالو آهي، جنھن ۾ خواجه انصاري قلندرن جي طبيعت، نفسياتي آزادي، ۽ غير روايتي سلوڪ کي بيان ڪيو آھي جنھن موجب قلندر روايتي خانقاهي صوفي کان مختلف شخصيت آهي، جيڪو دنيا جي قيدن کان آزاد، نفس جي بندشن کان پار، خلق جي تعریف ۽ ملامت کان بي ‌نياز رڳو حق کي ويجهو هوندو آهي. بقول ابو اسماعيل عبدالله بن محمد انصاري هراوي جي ”قلندر آزاديءَ جو بلند مقام آھي“

انصاري هراوي جي قلندريت بابت ڪجھ شعرن جو ترجمو ھيٺ پيش ڪجي ٿو جنھن مان توھان کي ھن جي خيالن بابت وڌيڪ آگاھي ملندي:

”قلندر اهو آهي، جيڪو ٻنھي جهانن ۾ نه رهي، نه پنھنجي وجود ۾ ۽ نه خلق ۾، نه مُلڪ ۾ ۽ نه مَلَڪوت ۾. ھو فقط حق ۾ رھندو آھي.“

”قلندر وٽ نه نالو باقي رهي ٿو ۽ نه ئي ھو عزت جو طلبگار آھي. ھو بس امن جو خريدار آھي“

”قلندر حق جو ديوانو ۽ آوارہ هوندو آهي، کيس نه بندگيءَ تي فخر آهي، نه ئي آزاديءَ تي“.

”قلندر عشق ۾ اهڙو سڙي ٿو جو نفعو نقصان نٿو سڃاڻي، نه عبادت تي فخر ڪري نہ ئي گناهه تي روئي. ڇو ته عشق جي باهه ۾ سڀ برابر ٿي وڃن ٿا“.

”قلندر لاءِ فقر ئي بادشاهي آهي، نه ظاهر ۾ بندو، نه ئي غيب جو سلطنت. سندس ٻنھي جهانن ۾ ڪا طلب باقي نه ٿي رهي، فقط دوست جو طالب“ .

”قلندر بندگيءَ ۾ آزادي ڏسي ٿو ۽ آزادي ۾ بندگي، جتي سڀ ڪجھه آهي، اتي هو نه آهي، جتي ڪجھ نه آهي، اتي هو آھي“.

”قلندر جو رستو بي ‌راهيءَ جو رستو آهي، ھو پاڻيءَ تي نقش ٺاهيندو آهي ۽ هوا ۾ پنھنجو گهر. ھو هر گهڙي هزار ڀيرا مرندو آهي ۽ هزار ڀيرا جيئرو ٿيندو آهي“.

قلندري تاريخ ۾ ٻيو اھم نالو ابوالمجيد عبدالله بن محمد بن علي سنائي غزنوي آھي جيڪو ڇھين صدي ھجري جو عارف ۽ شاعر ھو. ھو فارسي جو وڏو شاعر آهي جنھن تصوف، ملامتي ۽ قلندري فڪر کي منظم، نظرياتي ۽ شعري صورت ۾ پيش ڪيو. رومي، عطار ۽ جامي جي شاعري تي ھن جو اثر نظر اچي ٿو. ھن جا ڪجھ شعر سنڌي ۾ ترجمو ڪري ھيٺ پيش ڪجن ٿا:

”قلندر وانگر آزاد ٿي وڃ، ٻنھي جهانن کان ڪٽيل. پاڻ مان خالي ٿي. دوست جي ڪُوچي ۾ مردانگيءَ سان جيءُ“

”ملامت قلندر جو رستو آهي، عشق تائين رسڻو آهي ته اهوئي رستو هلڻو پوندو. “

”فقر قلندر جو مقام آهي، جيڪو ڪڏهن بادشاه نٿو ٿئي، جنھن کي خدا فقر ڏنو، ان کي ئي بادشاه بڻايو. “

”قلندر اهو آهي جو مستيءَ ۾”مان“کان ڀڄي وڃي. نه عبادت ۾ قيد رهي ۽ نه گناهه ۾ مري، ھو ٻنھي پردن کان آزاد آھي“

”رندي ۽ قلندري کي جدا نٿو ڪري سگهجي، ٻئي عشق جي بادشاه آهن.“

سنائي غزنوي کان پوءِ قلندري ادب ۾ ٽيون اھم نالو شهاب أبو عمري جو آھي. “شهاب” جي نالي سان ڪئي صوفي، قلندر ۽ عارف تاريخ ۾ پڙھڻ جي لاءِ ملن ٿا پر ھي شهاب بعض مؤرخن مطابق دمشق يا خراسان واري حلقن ۾ رهيو، جتي ملامتي ۽ قلندري تصوف اڳ ئي مضبوط هو. سندس دور تقريباً ڇهين صدي هجري جو آهي. خيال آھي تہ اهو ئي وقت ھو جڏهن ملامتي فڪر کان قلندري تحريڪ الڳ شڪل ۾ نڪتي ۽ وڌيڪ انتھاپسند رخ اختيار ڪيو.

شھاب ابو عمري چيو ٿو:

 ”ملامتي پنھنجي نيت کي لڪائي ٿو، پر قلندر پنھنجي نفيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. “

”ملامتي پنھنجي اندر جي نور کي لڪائي ٿو، پر قلندر اُن نور جي پردن کي ساڙي، بي حجاب ڪري ٿو“

”فقر جيستائين آزاد نه ٿئي، رياڪاري آهي، فقر جي آزادي اها آهي ته تون ڪجهه نه رکندين، ۽ ڪا به شيءِ توکي نه رکندي“

”شريعت رستو آهي، پر عاشق پاڻ ئي پنھنجو رستو آهي“

”جيڪو پاڻ جو خيال ڪري ٿو، اڃا به پردي ۾ آهي ۽ جيڪو پاڻ کي وڃائي ٿو، سو خدا کي لهي ٿو“

”والحقيقةُ شاهدة. عشق جي عدالت ۾، شريعت خود جوابده آهي، ۽ حقيقت ئي شاهد آهي“

      قلندري تحريڪن کي صوفي ۽ ٻين عارفانہ تحريڪن کان الڳ ڪرڻ مشڪل آھي. خاص ڪري صوفي شاعري ۾ اھو ڪم انتھائي مشڪل آھي. اسلامي روحانيت ۾ قلندر هڪ اهڙو درويش آهي جيڪو نه پنھنجي ظاهر جي پروا ڪري ٿو، نه تعريف چاهي ٿو۽ نه وري ڪنھن جي ملامت کان ڊڄي ٿو. ھو ڪرامت ظاهر ڪرڻ جي فڪر ۾ نہ ٿو رھي ۽ نه ئي ڪنھن سماجي مقام جو طالب آھي. قلندري تحريڪون آزادي (حرّيت) جي فڪر کي پسند ڪن ٿيون. اھي انساني نفس کي سڀ کان وڏو غلاميءَ جو گھر سمجھن ٿا. انھن جي نظر ۾ قلندر اهو آهي جيڪو پنھنجي ارادي کي به فنا ڪري ڇڏي. آزادي کان علاوہ انھن جي فڪر ۾ فقيري جو اعليٰ مقام آھي. قلندر وٽ ڪجھ به نه آهي ۽ اهو ئي ھن جي لاءِ سڀ ڪجهه آهي. قلندري ۽ ملامتي تحريڪن ۾ ڪافي ھڪجھڙائي نظر اچي ٿي. قلندري تحريڪ سان ملندڙ ٻي ملامتي تحريڪ آھي. قلندري تحريڪن ۽ فڪر تي جيترو لکجي اوترو گھٽ آھي.

__________________

Peetambar Lohano-TheAsiaN

پيتامبر لوھاڻو حيدرآباد جو رهاڪو ۽  انجنيئر آهي .گهڻي عرصي کان ڪئناڊا ۾ رهي ٿو ۽ لطيف تي ڪم پيو ڪري.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button