Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياوڻج واپار

موسمياتي تبديلين سبب سنڌ ۾ انبن جي اُپت 60 سيڪڙو تائين گهٽجڻ جو خدشو

موسمي تبديلين سبب انبن جي باغن ۾ هاپر جي وڌندڙ حملن سان انب جي پيداوار کي ھاڃيڪار اثر ٿيا آھن: زرعي يونيورسٽي ۾ ورڪشاپ کي ماھرن جو خطاب

ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ تازو ٿيل ٻن ڏينهن واري سيمينار ۽ ورڪشاپ ۾ زرعي ماهرن خبردار ڪيو ته موسمياتي تبديلي سبب سنڌ ۾ انبن جي پيداوار لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿي ويا آهن، جڏهن ته انب تي هاپر جي شديد حملي جي صورت ۾ پيداوار ۾ 30 کان 60 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي سگهي ٿي.

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شعبي پلانٽ پروٽيڪشن جي ميزبانيءَ ھيٺ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سنڌ ريسرچ سپورٽ پروگرام جي سھڪار سان “انب ي هاپر جي حملي تي پائيدار ۽ ماحول دوست ظابطي” واري عنوان سان ٻن ڏينهن وارو سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪوٺايو ويو ھو.

ماهرن موجب سنڌ جي انبن جا باغ هاپر جي مختلف قسمن جي حملن جو شڪار آهن، جيڪي گلن، نرم ٽارين ۽ وڌندڙ ڦلن مان رس چوسي نه رڳو پيداوار پر معيار کي به متاثر ڪن ٿا.

پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته موسمياتي تبديلي زرعي نظام کي سخت متاثر ڪيو آهي، جنهن سبب جيتن جي حملن ۾ واڌ اچي وئي آھي. هن چيو ته “قدرتي نظام ۾ بنا ضرورت مداخلت سبب ناڪاري اثرن ۾ واڌ ٿي رھي آھي، تنهنڪري ماحول دوست ۽ پائيدار طريقا اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته جديد زرعي تحقيق جي عملي طور تي فيلڊ تائين رسائي ۽ آبادگارن کي ڪيميائي دوائن جي متبادل طريقن کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي، ته جيئن محفوظ خوراڪ ۽ بهتر پيداوار حاصل ٿي سگهي.

فيڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي چيو ته انبن جي باغن ۾ جيتن ۽ بيمارين کي روڪڻ لاءِ آبادگارن جي عملي تربيت انتهائي ضروري آهي، ۽ اهڙيون سرگرميون پائيدار زراعت جي واڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.

پرنسپل انويسٽيگيٽر ڊاڪٽر سهيل احمد اوٺي ۽ ڪو-پرنسپل انويسٽيگيٽر ڊاڪٽر فهد نظير کوسي ٻڌايو ته ڪيڙا مار دوائن جي بيجا استعمال سبب ڪيڙن ۾ وڌيڪ سھپ پيدا ٿيڻ سان گڏ، انھن جي ٻيهر وڌڻ، دوست ڪيڙن جو خاتمو، ماحولياتي آلودگي ۽ انساني صحت کي خطرن جهڙا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. (پريس رليز)

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button