شاعري بغاوت ۽ انقلاب جي رڳن ۾ رت جيئن ڊوڙي ٿي ۽ شعور جي پرورش ڪري ٿي
جڏھن سماج ۾ استحصال، محروميون ۽ جبر چوٽ تي چڙھيل ھجي تہ ان خلاف آواز نہ اٿارڻ حساس دل اديب لاءِ ممڪن ئي نہ آھي. ڇو تہ شاعر ۽ اديب بہ ان سماج جو فرد آھي. سندس حساس دل اھڙين اذيتن کي ڏسي ۽ ڀوڳي ڪيئن خاموش رھي سگھي ٿي.
شعور جي واٽ تي هلندڙ شاعرعبدالرحمٰن پيرزادي جي شاعريءَ جو اڀياس

ليکڪ: رياض شاھد دايو
شيخ اياز ڪيڏو نہ خوبصورت نموني اظهار ڪيو آهي تہ ڏات وڏي شئي ناهي هوندي پر اصل ۾ سچ وڏي شئي هوندي آهي ۽ جيڪو مچ مچائي سو سچ وڏي شئي هوندي آهي، عبدالرحمان پيرزادو سنڌ جو اهو سرجڻهار آهي جنهن تلخ سچ کي شاعريءَ جي هن مجموعي وانگر پنهنجي هر تخليق ۾ پيش ڪيو آهي، هو مسلسل لکي رهيو آهي، اهم ڳالهه اها آهي تہ سندس شاعري موضوعاتي حوالي سان وڌيڪ آهي، جنهن ۾ پنهنجي طور تي هڪ جدت آهي، نواڻ آهي، وٽس روايتي ڳالهيون ناهن پر سندس هر تخليق مان ڪجهہ سکڻ جو موقعو ملندو آهي، وٽس پنهنجي اظهار جو الڳ ٿلڳ رنگ آهي، پر اسان وٽ اهو تاثر خبر ناهي ڇو جڙيو آهي ۽ ادب ۾ ھڪڙي اھڙي سوچ پيدا ٿي آھي جيڪا سماجي شعور کي لکڻين ۾ نروار ڪرڻ کي نعري بازي، بي سود ۽ بي ادبي قرار ڏئي ٿي. پر اهو ادب اصل ۾ ادب براءِ زندگي هوندو آهي، جنهن کانسواءِ آرٽ جو هر شعبو نا مڪمل هوندو آھي. ڪي وري چون ٿا تہ اديب ۽ شاعر کي سماجي ڏاڍاين ۽ ان خلاف لکڻ نہ کپي،جيڪي منهنجي خيال ۾ ادب براءِ ادب جا حامي آهن جن وٽ سماج، زندگي، آرٽ ۽ انسان جي ڪا اهميت ناهي هوندي. پر جڏھن سماج ۾ استحصال، محروميون ۽ جبر چوٽ تي چڙھيل ھجي تہ ان خلاف آواز نہ اٿارڻ حساس دل اديب لاءِ ممڪن ئي نہ آھي. ڇو تہ شاعر ۽ اديب بہ ان سماج جو فرد آھي. سندس حساس دل اھڙين اذيتن کي ڏسي ۽ ڀوڳي ڪيئن خاموش رھي سگھي ٿي. تڏھن تہ ايلس ريڊ چيو ھو تہ ”شاعري بغاوت ۽ انقلاب جي رڳن ۾ رت جيئن ڊوڙي ٿي ۽ انساني شعور جي پرورش ڪري ٿي.“
عبدالرحمٰن پيرزادي جي شاعري ۽ ھر لکڻي سماج ۾ ٿيدڙ ظلم، زيادتي ۽ اڻ برابريءَ خلاف اھڙو ئي بلند آواز ٿي اڀري ٿو ۽ ان ظلم، جبر ۽ سماجي، معاشي، صنفي مت ڀيد کي بي نقاب ڪري ٿي. سندس شاعريءَ جو ”کيڏڻو“ سري ھيٺ مجموعو بہ ان جو مظھر آھي. جيئن ”کيڏڻو“ نظم ۾ عورت خلاف بنا جھجھڪ جي اھي سڀ ڳالھيون لکي ٿو:
طبقاتي پدر شاھي
دين، ڌرم، مذھب
سرمائيداري
يا وري ثقافتون
ناريءَ کي برقعي ۾
يا الف اگھاڙو
ڏسڻ گھرن ٿا
ڪنڌ کڻي سندس جيئڻ
قبول ڪونھي
بس! رڳو فرمانبرداري
عقل ۽ سمجھ
زبان کئون خالي
ھڪ کيڏڻو
جنھن سان
ھو جيئن گھرن
تيئن ڪڏڻ.
سندس ھن ڪتاب جو نظم ”ڏڍ“ ۾ ٺڪر جي پئسي کان وٺي ڪرپٽو ڪرنسي يا اسڪرين تي انگن واري مرحلي کي جنھن نموني سان اظھار ڪيو ويو آھي، منھنجي خيال ۾ اھڙو اظھار عبدرالحمٰن جي ئي حصي ۾ آيو آھي:
پئسو
پئسو
ٻئسو
ٺڪر جو
ٺانگر جو
ڪوڏين جو
ھڏن جو
لوھ جو
جست جو
چانديءَ جو
ٽامي جو
سون جو
ڪاڳر جو
نہ! نہ!
ڪرپٽو ڪرنسي
مطلب اسڪرين تي انگ…….
ڪيترو کپي
ويلو کائڻ لاءِ
گھر اڏائڻ لاءِ
وڳو پائڻ لاءِ
ٻار پڙھائڻ لاءِ
علاج لاءِ
ويم لاءِ
غربت جي چڪيءَ ۾
ڪيرو جھلڻ لاءِ
ڪرپٽو ڪرنسي
مطلب
اسڪرين تي انگ!
اڙي يار
ھمت ڪر.
عبدالرحمٰن پيرزادي جو نظم ”ھيڻو حال“ بہ ھڪ خواب ھوندي بہ ان شعوري عمل جو حصو آھي جيڪو لکڻين ۾ سماجي بيھڪ ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ خيالن جو نتيجو آھي. جنھن ۾ ھڪ انقلابي شاعر تخليقي عمل سان ان جدوجھد کي ڏيکاري ٿو جيڪو ممڪن آھي:
ڪنھن زور زور سان
در پئي کڙڪايو
ايئن پئي لڳو
ڄڻ در جو
ڪڙو ڀڃي وجھندو
مان ڇرڪ ڀري
ننڊ مان اٿيس
جئين ئي در ڏي
وک کنيم
تہ ٽھڪ نڪري ويو
اسان واري ڇني کي
ڀلا ڌر ڪاٿئون آيو
خواب بہ!
اسان جي
ھيڻي حال تي
ھلائون پيا ڪن.
عبدالرحمٰن پيرزادي جي شاعري پڙھندي ۽ سندس تخليقي پورھي ئي سمجھندي ايئن محسوس ٿئي ٿو تہ ڄڻ ڪا شعوري سگھ ملي ٿي جيڪا ھيڪلائيءَ ۾ ويھي لکي تہ وئي آھي پر اھا اجتماعي جدوجھد جي لاءِ جاکوڙ لاءِ حوصلو ۽ رستو ڏئي ٿي. سندس نظم ”او حياتي“ ان جو ھڪ مثال آھي:
او حياتي
شابس ٿئي
تو!
جھاتي پاتي
او حياتي
شابس ٿئي
تو!
مرڪ ڏني…..!
او حياتي
شابس ٿئي
مون!
ماڻي زندگي….!
عبدالرحمٰن پيرزادي جي شاعري بنيادي طور اھڙي نظريي سان لاڳاپيل آھي جيڪو نظريو مظلوم ماڻھن کي مظلوميت مان صرف نجات جو رستو نٿو ڏيکاري پر جدوجھد لاءِ بہ اڪسائي ٿو. تنھن ڪري نظرياتي وابستگيءَ تي ”ڊڄ“ جھڙا نظم لکرائي ٿي.
ماڻھوءَ کي
جبلت مئون
رڳو ٻہ ڊڄ مليا
ھڪڙو بک جو
ٻيو موت جو…..
ڊڄ جي ڊڄ ۾
گمنام ٿي پيو
ڌرمي ٿي پيو
مذھبي ٿي پيو
رڳو!
ماڻھو نہ ٿيو
”حياتي“ نظم ھو اھڙين معصوماڻن پر وڏي گھري فلسفياڻن سوالن کي ننڍڙي نظم ۾ وجود جي ھجڻ لاءِ ٻہ ٻول يا ڪو سرٻاٽ ڪرڻ ئي ڪافي سمجھي ٿو:
ڪجھ تہ چئہ
ڪو جملو
ڪو لفظ
ٻہ ٻول
ڪو سرٻاٽ ڀلا
جو لڳي تہ مان بہ
حيات آھيان
عبدالرحمٰن جي شاعري شعوري نچوڙ آھي جنھن پنھنجي شاعري يا لکڻين ۾ بنا ڪنھن مصلحت جي پنھنجي اظھار ۽ احساسن کي واضح ڪمٽمنٽ(Commitment) سان اظھاريو آھي. جيئن ”ھڙ ڌٻڙ“ نظم جي پوئين حصي ۾ چئي ٿو:
ھڙ ڌٻڙ ۾ ھٿوراڙيون ۽ ھنبوشيون ھڻي
اسان ڪُتِ خلق کي ڇو ٿا ڀلائن
پڌرو ٿي پٽ تي
نقاب ڇو نٿا لاھن
عورت کي لوئڻ کئون
چپ ڇو نٿا چاھن
عبدالرحمٰن پيرزادي وٽ سار جا بہ پنھنجا احساس آھن. درياھ جي ڪپ سان رھڻ جي ڪري سندس تصور بہ درياھ ۽ ان سان لاڳاپيل ماحول جي عڪاسي ڪن ٿا. جيئن اسان ”ھڪ سار“ نظم ۾ پسون ٿا:
ساڄي ڪپ تئون
کاٻي ڪپ تي
بند کئون لڳ ڀڳ
ساڳي بند تي
سوچي ٿو
الھڙ پڻ جو
ڪچي جي
ان ميٿين جو
درياھ جو
واڙيءَ جو
پنھنجو ۽
ھا! تنھنجو
ياد اچئي تہ
ٽھڪ ڀلي نہ ڏجان
اندر ئي اندر
مسڪرائي
ٿورو شرمائي
انھن ڏينھن کي
ياد ضرور ڪجان
اھڙي ئي ھڪ سار ”اربيلي ياد“ نظم ۾ سکر کان دھيراڻين جي ويڙھي ۾ پھچڻ تائين جي ورتا جو ھڪ داستان آھي جيڪو شاعر جي اربيلو مسافر وارو نہ پيچرو بچيو آھي، بس رڳو سارون آھن. بقول شاعر جي
……..اربيلو مسافر
بنا اسٽاپ جي
ھر ھفتي
بس تي ڪيئن ڇڙھندو ھو؟
مھينن جي
گيٽ تي لھي
مسيت کان ٿيندو……..
بچاءُ بند ڏئي
ٽہ بھند ٽپي
لوٺ لتاڙي
شاھ جمال واري
دمدمي تئون لھي
سڻڪ وٺي
ڪلڪل جي
املتاس کئون ٿيندو
دوست عليءَ جو
گوندر لتاڙي
قاضين جي گھٽي ڏئي
ملن جي ڏيوڊيءَ کئون ٿيندو
ڪئين وڃي
پنھنجي
مطلب
دھيراڻين جي ويڙھي ۾
پھچندو ھو…….
اھڙي طرح سندس ھن ڪتاب جا ڪيترائي نظم جيڪي انسان ۽ ماڻھو جي روپ کي نروار ڪن ٿا ۽ ٻين ڪيترن نظمن ۾ سندس ڏات ۽ ڏانءُ جو بھتر ميلاپ نظر اچي ٿو.
سندس شاعريءَ ۾ غزل کي بہ اھم مقام حاصل آھي. عبدالرحمٰن جا غزل بہ ان باغ جا گل آھن جيڪي رنگن جي ڪيترن ئي روپن ۾ پنھنجو تجلو پسائن ٿا ۽ ڀانت ڀانت جي خوشبوءَ جي دائمي واس سان مغز ۽ دل کي معطر ڪن ٿا. سندس پھرين غزل جا ڪجھ بند تہ دل ۽ دماغ تي پڙھڻ سان ڇائنجي وڃن ٿا:
واھوندي وري آ
تڏھن دل ٺري آ
سک نہ سانڀر ۾
ڏکن جي ڀري آ
ٻاھر مند بھار
اندر آڳ ٻري آ
ھو ڏاڍو ڏاھو
سندس دل چري آ
عبدالرحمٰن جي غزلن ۾ شعوري جدوجھد سان گڏ پيار ۽ محبت جي جذبن جي اھڙي اپٽار آھي جيڪا محبوب سان دائمي رشتي ۾ جڙيل نظر اچي ٿي،هن وٽ فڪر جي اهميت وڌيڪ آهي، جيئن پيغام کي آساني سان پهچائي سگهي، موزون شاعري جيتوڻيڪ سڀني پيچيدگين سان پيش ڪرڻ گهرجي پر اسان کي جيڪو ميٺاج ڇند وديا ۾ محسوس ٿيندو آهي، انھي جو پورائو فارسي بحر وزن ڪري ناهي سگهندو، تنهنڪري اهڙي شاعري پڻ پنهنجي پوري سگهه سان جاء والاري ٿي، محبت بہ حقيقت آھي جيڪا زندگيءَ جي اھڙي موڙ ۾ ٿئي ٿي جنھن موڙ کي جواني چئجي ٿو. پر اسان جي شاعر جو تخيل اڃا بہ اوچو ۽ اعليٰ آھي. چئي ٿو پيار ڪرڻ ماڻھپو آھي:
پيار تہ ڪرڻ آھي ماڻھپو
رڳو جوانيءَ تي الزام ھيو
يا ڪيتري ئي معنيٰ خيز ڳالھ ڪري ٿو:
ماڻھو جي نہ ماڻھو ٿي پئي
سڀ جو جيئڻ سولو ٿي پئي
شاعر جي اھڙي حساس ڪيفيت ٿئي ٿي، جنھن کي ڪيترن ئي رنگن ۾ بيان ڪري پنھنجي تخليق کي انفرادي انداز ۾ پيش ڪري ٿو.جيئن ھن غزل جي بند ۾ چئي ٿو تہ:
مان اڃارو ھيس جنمن جو،
تون وري مٿئون سمنڊ نڪتين
سندس ھڪ ٽيڙو ان فڪر کي وائکو ڪري ٿو جنھن فڪر ۾ اڻ پڙھيل عالم مفتي ٿي سماج لاءِ فائدي ڏيڻ جي بدران نقصان ڏئي ٿو:
اڄڪالھ جو رواج
ھرڪو آھي مفتي
ڀوڳي وري سماج
شاعريءَ جو ترجمو ڪرڻ بہ اوترو ڪشالو ڪرڻ آھي جيترو شاعر پنھنجي تخليق جي مرحلي ۾ ڀوڳي ٿو. عبدالرحمٰن ھڪ شاعر آھي وري شاعر جڏھن ترجمو ڪري ٿو تہ ان ۾ اھو ئي احساس ڀري ٿو جنھن احساس مان ھو گذري ٿو. ھن جو ترجمو ٿيل شاعري انھن احساسن جو تخليقي پورھيو آھي جيڪي احساس ھن ان شاعري کي پڙھندي، ان جي ثقافتي رنگ روپ، معنيٰ ۽ ان جي گھرائيءَ کي محسوس ڪيو ۽ انھن شعرن کي سنڌي زبان جو ويس ڍڪرايو. اھو ڪو آسان نہ آھي. ڊبيلو ايڇ آڊن جي نظم جو ترجمو ڪيتري نہ خوبصورت انداز ۾ ٿيل آھي. برفاني علائقي جو منظر ھوندي بہ پنھنجو ٿو باسجي ؛ جيئن نظم جي ھن ٽڪري کي ڏسجي:
انھيءَ سخت موسم
۽ بي ترتيبيءَ ۾
جيڪو آيو
بس رڳو
توھان جي تعريف ۾ ڳالھايم
فرحت ڪياني اردو شاعريءَ ۾ منفرد مقام رکي ٿو، ان جي جنھن نظم جو ترجمو ڪيو ويو آھي اھو، جنھن ڪيفيت ۾ لکيو ويو ھو ان کان سرس سنڌيءَ جي ويس ۾ مون پڙھندي محسوس ڪيو آھي، نظم جو ھڪ ٽڪرو شيئر ڪجي ٿو:
مون کي جيڪو چوڻو ھو
مان اڃا تائين
اھو سڀ ڪجھ
چئي نہ سگھيو آھيان
جيڪو مان
چوڻ چاھيان ٿو
اڃا تائين
منھنجي ذھن ۾
ڪجھ بہ نہ آيو آ
مون اڃا تائين
اھو درد لکيو ناھي
جيڪو مان
محسوس ڪيان ٿو
احمد فراز جيترو مزاحمتي شاعر آھي اوترو ئي رومانوي. ھن جي شاعري برزبان ضيا دور ۾ پريس ڪلب ۾ ٻڌڻ جو موقعو مليو ھو. ڇا تہ باغي احساس ھئا جيڪي آمرن جي ايوانن کي لوڏي ڇڏيندا ھئا. اڄ جڏھن سندس رومانوي غزل جو ترجمو پڙھان پيو تہ سندس اھو روپ بہ ڪيترو نہ نيارو لڳي ٿو:
ھن منھنجي ڳالھ ڪٿي ٻڌي
ھن ٻڌائڻ بہ اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو
کيس سڀ ڪجھ خبر ھئي تہ
مون کي ڪجھ ٻيو بہ چوڻو ھو
شاعري ماڻھن جي احساسن جي نفيس اظھار جو ذريعو آھي، جڏھن تہ شاعريءَ جو ترجمو قومن ۾ ھڪ پُل وارو ڪردار ادا ڪري ٿو، ڇو تہ ان پُل ذريعي فڪر ۽ فن کي پھچڻ ۽ سمجھڻ جو موقعو ميسر ٿئي ٿو. تڏھن تہ ڪنھن چيو آھي تہ ”شاعريءَ جو ترجمو خوشبوءَ کي ھڪ گُل کان ٻي گُل ۾ منتقل ڪرڻ جي برابر آھي“ عبدالرحمٰن پيرزادي بہ اھا خوشبو منتقل ڪئي آھي جنھن جي ذريعي نازڪ احساس قومن کي ڳنڍن ٿا ۽ ذھني آسودگيءَ سان معطر ڪن ٿا. جيئن احمد ھميش جي نظم جي ٽڪري ۾ پسجي ٿو:
ستن سمنڊن کئون بہ گھڻا ھجن
۽ تنھنجا غم
انھن کان بہ اونھا ھجن
تڏھن بہ اچ تہ
گڏجي ورھايون
۽ توکي ايڏو کلايون
جو سڄي حياتي
وري تنھنجي اک ۾
ڳوڙھو نہ اچي…….
يا وري آريانا گرين بيلٽ جي نظم کي ڏسنداسين تہ ھڪ ٿيڻ ۽ ڊڄ کان سواءِ گڏجي ڪم ڪرڻ کي ڪھڙي نہ سڀاوڪ انداز سان چيو اٿائين:
مون سان گڏ اٿو، منھنجا خواب ونڊايو
سڀان، اڄ ۽ اڳي کان وڌيڪ روشن آھي
ڪنھن بہ ڊڄ کان نہ ڊڄو، وڏا منصوبا ٺاھيو
اسان ڄاڻون ٿا تہ ورھايل اسين ڪري پونداسين
تنھن ڪري گڏجي ھڪ مُٺ اسين بيٺا آھيون
اندر ياس ڪارلسن ۽ ڪرسٽين لنڊن جو نظم پڙھندي ائين محسوس ٿيو ڄڻ مترجم ٻوليءَ جي وچ ۾ سفير ھوندو آھي. توھان پاڻ نظم کي پڙھندي محسوس ڪري سگھو ٿا:
جڏھن تون مون وٽ ھلي ايندو آن
تنھنجي گرم ساھن کي محسوس ڪيان
مون کي تہ ڄڻ پر لڳي ويندا آھن
لڳندو آ تہ مان جيئرو آھيان…….
جمي ڊيوس جي نظم جون ھي سٽون ڏسو:
جيڪڏھن مون کي حياتي پاڻ سان
تو بنا گذارڻي پوي ھا
ڏينھن سڀئي خالي ھجن ھا
راتيون تمام ڊگھيون لڳن ھا
ھن مجموعي ۾ ڪيترن ئي شعرن تي دل چاھيو پئي تہ دل کولي لکجي، شاعر جو هر تخيل، جستجو ،جاکوڙ، ترجما ۽ فڪر ئي هن ڪتاب کي دائميت ۽ تقويت ڏيئي رهيو آهي،شاعر جي هر تخليق دردن جي گونج هوندي آهي، جنهن ۾ روح رتوڇاڻ ٿي پوندو آهي، پيرزادو ترقي پسند فڪر جي هڪ فرد جي حيثيت ۾ سماج کان اوپرو ناهي سندس اسٽڊي ،تجربا ۽ سوچ ئي سندس اپروچ کي هٿي ڏيندا آهن، جئين فرخ فرخزاد ايراني شاعره جي متعلق واقفيت ٿئي ٿي پر هاڻي پڙھندڙن تي ڇڏجي ٿو تہ اھي پڙھن ۽ دل ۽ دماغ سان اسان جي شاعر جي قلبي لڳاءُ کي محسوس ڪن جيڪو هن انهن لاءِ ئي لکيو آهي جيڪي سماج جي اذيتن کي دل سان محسوس ڪري سگهن ٿا
___________________ .

رياض شاھد دايو انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو صدر آهي ۽ ڪراچي ۾ رھي ٿو



