پاڪستان ۾ ڦُٽين جي فصل ۾ ذري گھٽ ڏھ لک ھيڪٽرن جي لاٿ
گذريل ڏهاڪي دوران ڪپهه هيٺ آيل ايراضي لڳ ڀڳ 30 لک هيڪٽرن مان گهٽجي 20 کان 22 لک هيڪٽرن تائين اچي وئي آهي، جڏهن ته في هيڪٽر پيداوار به جمود يا گهٽتائي جو شڪار آهي، جنهن جا اهم سبب ڪيڙن جا حملا، موسمي دٻاءُ ۽ ناقص ٻج آهن، وائيس چانسلر سنڌ زرعي يونيورسٽي

ٽنڊوڄام
ملڪي ۽ عالمي ماهرن ۽ مثالي آبادگارن پاڪستان ۾ ڪپهه جي پيداوار ۾ مسلسل گهٽتائي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي هن اهم فصل جي بحالي لاءِ جامع ۽ گڏيل قومي حڪمتِ عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو آهي.
ڪالھ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شعبي پلانٽ بريڊنگ اينڊ جينيٽڪس جي ميزباني ھيٺ ۽ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي سھڪار سان ڪپهه جي ٻج جي پيداوار ۽ ترقي: مسئلا ۽ حل جي موضوع تي ٻن ڏھاڙن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ماھرن زور ڀريو ته ڪپهه جي شعبي کي درپيش پيچيده چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سرڪاري تحقيقي ۽ تدريسي ادارن، خانگي ٻج ڪمپنين ۽ پاليسي سازن تي ٻڌل هڪ مضبوط گڏيل پليٽ فارم قائم ڪرڻ جي ضرورت آھي.
تقريرون توڙي مقالا پيش ڪندي ماهرن ڪپهه جي پيداوار ۾ گهٽتائي جا سبب موسمياتي تبديليون، گرمي پد ۾ واڌ، ٻج جي تياري ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو فقدان، زرعي خرچن ۾ اضافو، مارڪيٽ ۾ غير مستحڪم اگهه ۽ ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن کي قرار ڏنو. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن هاري دوست پاليسيون ۽ وقت سر قدم نه کنيا ويا ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.
پنهنجي صدارتي خطاب دوران وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته ڪپهه هڪ اهم فصل آهي، جيڪو ملڪ جي مجموعي پيداوار ۾ لڳ ڀڳ هڪ سيڪڙو ۽ زرعي ويليو ايڊيشن ۾ پنج سيڪڙو حصو وجهي ٿو، جڏهن ته لکين ماڻهن جو روزگار ان سان لاڳاپيل آهي.
هن ٻڌايو ته گذريل ڏهاڪي دوران ڪپهه هيٺ آيل ايراضي لڳ ڀڳ 30 لک هيڪٽرن مان گهٽجي 20 کان 22 لک هيڪٽرن تائين اچي وئي آهي، جڏهن ته في هيڪٽر پيداوار به جمود يا گهٽتائي جو شڪار آهي، جنهن جا اهم سبب ڪيڙن جا حملا، موسمي دٻاءُ ۽ ناقص ٻج آهن.
نيوڪليئر انسٽيٽيوٽ آف ايگريڪلچر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محبوب علي سيال چيو ته موسمياتي برداشت رکندڙ تصديق ٿيل ٻج جي تياري وڏو چئلينج آهي، جڏهن ته پاڪستان دنيا جي سڀ کان وڌيڪ موسمي تبديليءَ کان متاثر ملڪن مان هڪ آهي. هن ٻڌايو ته سندن ادارو 41 فصلن جي بهتر ٻج تي تحقيق ڪري رهيو آهي.
سنڌ آبادگار بورڊ جي سينيئر وائيس پريزيڊنٽ سيد نديم شاهه چيو ته ناقص ٻج، موسمي تبديليون، غير متوازن ڀاڻ ۽ غير مؤثر زرعي دوائون آبادگارن کي سخت مشڪلاتن ۾ وجهي رهيون آهن. هن اڳڪٿي واري پاليسين جي کوٽ ۽ زرعي ڊيٽا جي درست نہ ھجڻ تي تنقيد ڪندي رٽائرڊ ماهرن تي مشتمل بريڊرز ايڊوائزي بورڊ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني.
چيني ماهر مسٽر وانگ شن چن چيو ته هو پاڪستان جي خانگي شعبي ۽ تحقيقي ادارن سان گڏجي ڪپهه سميت مختلف فصلن جي بهتر ٻج تي ڪم ڪري رھيا آھن ته جيئن آبادگارن کي معياري ٻج ميسر ٿي سگهي.
انٽرنيشنل سينٽر فار ڪاٽن ڊولپمينٽ اينڊ سسٽينيبلٽي (ICCDS) جي سينيئر ايڊوائزر شاهد منصور چيو ته سنڌ ۾ في ايڪڙ ڪپهه جي پيداوار پنجاب کان وڌيڪ آهي. زرعي گريجوئيٽس کي نئين قسمن تي تحقيق تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
خانگي شعبي سان لاڳاپيل طارق خانزادي چيو ته دنيا ڪپهه جي ٻج تي ملٽي جين ٽيڪنالاجي تائين پهچي چڪي آهي جڏهن ته اسان اڃا تائين سنگل جين تائين مس پھتا آھيون.
هن خبردار ڪيو ته جديد ٽيڪنالاجي کانسواءِ ڪپهه جي پيداوار ۾ بهتري ممڪن ناهي ۽ هاري ٻين فصلن ڏانهن منتقل ٿي ويندا.
ان کان اڳ ڪانفرنس سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز مري، پرنسپل آرگنائيزر ڊاڪٽر واجد علي جتوئي، ڊاڪٽر شبانه ميمڻ ۽ ڊاڪٽر تنوير فتاح ابڙو پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته مختلف ملڪن ۽ پاڪستان جي ادارن سان لاڳاپيل ماهرن ڪانفرنس ۾ جسماني ۽ آن لائن شرڪت ڪندي ٽيڪنيڪل سيشنز ۾ پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا، ان موقعي تي چيني ماهر مسٽر يونگ وي شينگ، ڊين فيڪلٽي آف ڪراپ پروڊڪشن پروفيسر ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر، يو بي ايل جي هيڊ آف رورل بينڪنگ سيد عارف علي شاهه، نامور زرعي ماهر ڪرم خان ڪليري سميت ٻيا موجود هئا، بعد ۾ وائيس چانسلر مهمانن سان گڏ زرعي نمائش جو افتتاح ڪيو، جنهن ۾ سرڪاري ۽ نجي ادارن جا اسٽال لڳايا ويا هئا، جڏهن ته ڪانفرنس جا ٽيڪنيڪل سيشن پڻ شروع ڪيا ويا. ڪانفرنس ۾ ماهرن، زرعي صنعت سان لاڳاپيل ماڻهن، بريڊرز، ترقي پسند هارين ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ (پريس رليز)
______________



