Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ايگرو ٽوئرزم: سنڌ جا فصل ۽ باغ  زرعي سياحت کي متعارف ڪرائي سگھن ٿا

دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ اٽلي، اسپين، ٿائيلينڊ ۽ هندستان ۾ زرعي سياحت ڪاميابيءَ سان هلي رهي آهي. سنڌ، پنهنجي زرخيزي، موسم، ثقافت ۽ مهمان نوازيءَ سبب، هن ميدان ۾ قدرتي برتري رکي ٿي. ايگرو ٽوئرزم سنڌ کي دنيا آڏو هڪ نئين روپ ۾ پيش ڪري سگهي ٿو. هڪ اهڙي ڌرتي، جتي زراعت، ثقافت، ڪهاڻيون ۽ انسانيت گڏجي هلن ۽ ساهه کڻن ٿيون.

ايگرو ٽوئرزم کي انبن جي باغن سميت سنڌ جي ٻين زرعي وسيلن تائين وڌائي سگهجي ٿو. مثال طور لاڙڪاڻي جي زيتونن ۽ خيرپور ميرس جي کجين جي باغن ، سنڌ جي چانورن، ڪمند، ڪڻڪ ۽ دالين جي پوک کان وٺي فصل لهڻ تائين جا قصا، بهن ۽ ٻين ڀاڄين جا فصل يا فارم. ان کان سواءِ چوپايو مال پالڻ، مڇي ۽ ڪڪڙين جا فارم ۽ کير جي پيداوار جي ڄاڻ بابت هڪ سياحت جي باقاعده ۽ منظم طريقي سان شروعات ٿي سگهي ٿي.

عبدالله عثمان مورائي

سنڌ، پاڪستان جو اهو خطو آهي، جتي زمين رڳو مٽي ناهي پر زندگي آهي.  سنڌو درياهه جي وهڪرن سان سيري ويل هي ڌرتي صدين کان زراعت جي آڌار جيئندي آئي آهي. پاڻ سڀني کي خبر آهي ته سنڌ جي معيشت جو بنياد زراعت تي آهي، چاهي اها ڪڻڪ هجي، ساريون معني چانور، ڪمند، داليون، ڀاڄيون هجن يا وري سنڌ جا مشهور ميوا، خاص طور تي ميون جو بادشاهه انب هجي، پر تنهن هوندي به، ايتري زرعي اهميت ۽ وسعت جي باوجود، سنڌ جي زراعت اڃا تائين سياحت جي دنيا ۾ پنهنجو صحيح مقام حاصل نه ڪري سگهي آهي.

ايگرو ٽوئرزم، جنهن کي زرعي سياحت به چيو وڃي ٿو، سنڌ لاءِ هڪ اهڙو موقعو آهي، جيڪو نه رڳو معاشي ترقي آڻي سگهي ٿو، پر شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي وچ ۾ وڌندڙ وڇوٽيءَ کي به گهٽائي سگهي ٿو.

ايگرو ٽوئرزم ڇا آهي ۽ سنڌ لاءِ ڇو اهم آهي؟

ايگرو ٽوئرزم جو مقصد ماڻهن کي زراعت جي ويجهو آڻڻ آهي. ان ۾ فصلن ۾ وڃڻ، باغن ۾ گهمڻ، پوک جي عمل کي ڏسڻ، هارين جون دلچسپ ڳالهيون ٻڌڻ ۽ سڌي طرح ڌرتيءَ سان لاڳاپو جوڙڻ آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ اٽلي، اسپين، ٿائيلينڊ ۽ هندستان ۾ زرعي سياحت ڪاميابيءَ سان هلي رهي آهي. سنڌ، پنهنجي زرخيزي، موسم، ثقافت ۽ مهمان نوازيءَ سبب، هن ميدان ۾ قدرتي برتري رکي ٿي.

ڪراچيءَ جهڙي مصروف ۽ ڪنڪريٽ سان ڀريل ۽ ڍڪيل شهر مان نڪري، جيڪڏهن ڪو ماڻهو چند ڪلاڪن ۾ سرسبز باغن، کليل آسمان ۽ خاموش فطرت جي وچ ۾ پهچي وڃي ته اهو پاڻ ۾ ئي هڪ سياحتي تجربو آهي.

انبن جي مند ۾ ڪراچي کان ٽنڊو الله يار يا ميرپورخاص تائين هڪ سفر

سنڌ ۾ انب رڳو ميوو ناهي، اهو ثقافت، سڃاڻپ ۽ احساسن جو حصو آهي. اونهاري ۾انبن جي مند جي اچڻ سان گڏ ڳالهيون، يادون ۽ خوشيون به زنده ٿي وڃن ٿيون. ايگرو ٽوئرزم جي حوالي سان انبن جي موسم کي هڪ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو.

تصور ڪريو ته ڪراچيءَ مان سياحن جو هڪ گروهه ٽوئر آپريٽرن ۽ مقامي هارين ۽ زميندارن جي سهڪار سان ٽنڊي الھيار يا ميرپورخاص جي علائقن ڏانهن روانو ٿئي، جتي  علي پلهه ۽ شڪيل پلهه جي خاندان ۽ ٻين علائقن ۾ ٻين زميندارن جا انبن جا باغ آهن. هن سفر جي شروعات انبن جي وڻن بابت ڄاڻ سان ٿئي، وڻ ڪيئن پوکجن ٿا، ڦل ڏيڻ ۾ ڪيترا سال لڳن ٿا ، ڪهڙي سنڀال ضروري آهي، پاڻيءَ جو انتظام ڪيئن ڪيو وڃي ٿو ۽ هر موسم ۾ هاري ڪهڙي ۽ ڪيتري محنت ڪري ٿو. زميندارن ۽ هارين ۾ اجوري جي ڏي وٺ ڪيئن ٿئي ٿي وغيره وغيره.

ڪهاڻيون، جيڪي باغن کي ڳالهائيندڙ بڻائين ٿيون

اهي ڪهاڻيون زرعي سياحت کي خاص بڻائين ٿيون  جيڪي ڪتابن ۾ موجود ناهن پر ماڻهن جي يادگيرين ۾ زنده آهن. مثال طور لسبن پورچوگال ۾ علي پلهه هڪ اهڙي دلچسپ ڳالهه ٻڌائي هئي ته اڳي جڏهن سنڌ ۾ سائي رنگ جا طوطا گهڻا هوندا هئا ۽ جڏهن اهي اچي انبن جي وڻن تان انب کائڻ شروع ڪندا هئا ته اهو ان ڳالهه جو قدرتي اشارو هوندو هو ته انب هاڻي  پچي راس ٿي چڪا آهن ۽ کائڻ لاءِ تيار آهن.

هيءَ ڪهاڻي نه رڳو انبن بابت آهي، پر فطرت، پکين ۽ انسان جي وچ ۾ هم آهنگيءَ جو ثبوت آهي. اهڙيون ڳالهيون سياحن لاءِ باغن کي رڳو جڳهه نه پر هڪ زنده تجربو بڻائي ڇڏين ٿيون.

انبن جي دعوت: باغن کان ذائقي تائين جو سفر

انبن جي مند ۾ انبن جي پارٽي يا ملاقات هن سفر جو سڀ کان دلچسپ ۽ وڻندڙ حصو ٿي سگهي ٿو.، جتي سياح مختلف قسمن جا انب مثال طور سنڌڙي، چونسو، انور رتول، بيگم پالي، لنگڙو وغيره جي ذائقي مان لطف اندوز ٿين. زميندار ۽ هاري کين ٻڌائين ته هر قسم جي انبن جي خاصيت ڇا آهي، ڪهڙو انب ڪٿي وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو ۽ اهي انب ڪيئن مارڪيٽن ۽ ٻاهرين ملڪن تائين پهچن ٿا.

اهو تجربو رڳو ذائقي تائين محدود ناهي پر ماڻهن کي اها سمجهه به ڏئي ٿو ته هر انب جي پويان ڪيتري محنت، وقت ۽ صبر لڪل آهي.

سڄي سال لاءِ زرعي سياحت

ايگرو ٽوئرزم کي رڳو انبن تائين محدود ڪرڻ بدران ان کي سنڌ جي ٻين زرعي وسيلن تائين وڌائي سگهجي ٿو مثال طور لاڙڪاڻي جي زيتونن ۽ خيرپور ميرس جي کجين جي باغن ، سنڌ جي چانورن، ڪمند، ڪڻڪ ۽ دالين جي پوک کان وٺي فصل لهڻ تائين جا قصا، بهن ۽ ٻين ڀاڄين جا فصل يا فارم ، ان کان سواءِ چوپايو مال پالڻ، مڇي ۽ ڪڪڙين جا فارم ۽ کير جي پيداوار جي ڄاڻ بابت هڪ سياحت جي باقاعده ۽ منظم طريقي سان شروعات ٿي سگهي ٿي.

هر فصل جي پنهنجي موسم، پنهنجي ڪهاڻي ۽ پنهنجي اهميت آهي. سياح نه رڳو پوک بابت سکندا، پر مقامي پکين، جانورن، ڳوٺاڻين راندين، کاڌي ۽ روايتن سان به واقف ٿيندا.

هارين ۽ ڳوٺاڻن لاءِ نوان موقعا

زرعي سياحت کي سنجيدگيءَ سان شروع ڪرڻ سان هارين کي آمدنيءَ جو هڪ نئون ذريعو ملي سگهي ٿو. ڳوٺن جا نوجوان گائيڊ يا سونهان بڻجي سگهن ٿا، عورتون کاڌي، دستڪاري ۽ مهمان نوازيءَ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. اهڙيءَ ريت ڳوٺن مان شهرن ڏانهن لڏپلاڻ به گهٽجي سگهي ٿي.

حڪومت جو ڪردار ۽ سهڪار

ايگرو ٽوئرزم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ حڪومت جو زراعت کاتو ۽ سياحت کاتو گڏجي ڪم ڪن. پاليسين، تربيت، حفاظتي انتظامن ۽ تشهير ذريعي هن شعبي کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. ساڳئي وقت، سٺي معيار جي رهائش، صاف سٿرا کاڌي جا انتظام، محفوظ سفر  ۽ مقامي ميزبانن ۽ مهمانن جي حفاظت انتهائي اهم آهي. جڏهن سهولتون بهتر هونديون ته سياح پاڻ به ايندا ۽ ٻين کي به آڻيندا.

سنڌ کي نئين نگاهه سان ڏسڻ جو موقعو

ايگرو ٽوئرزم سنڌ کي دنيا آڏو هڪ نئين روپ ۾ پيش ڪري سگهي ٿو. هڪ اهڙي ڌرتي، جتي زراعت، ثقافت، ڪهاڻيون ۽ انسانيت گڏجي هلن ۽ ساهه کڻن ٿيون. هي سياحت ماڻهن کي ڌرتيءَ سان جوڙي ٿي، کاڌي جي اصليت سان واقفيت ڪرائي ٿي ۽ زندگيءَ جي سادگيءَ جو احساس ڏياري ٿي.

سنڌ جي زمين تيار آهي، ڪهاڻيون زنده آهن، پر هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن فصلن، باغن ۽ فارمن جا دروازا دنيا لاءِ کوليا وڃن.

___________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button