شڪارپور کان ڪئريبين ٻيٽن تائين، سنڌي واپارين جي ڪھاڻي
اي سنڌي! شال تنھنجو جذبو هميشه جوان رهي!
شال خدا تنھنجو حامي ۽ ناصر هجي!
تون خوشيون ونڊيندو رهين!
جتي به تنھنجا پنھنجا ماڻھو هجن، ان کي پنھنجو گهر سمجھ
جتي به توکي سنڌي ملن، ان کي پنھنجي سنڌ سمجھ.
(پِرُڀو ڇُڳاڻي ’وفا‘ (1915-2012) جي سنڌي نظم ’پاڇن جي راند‘ جي انگريزي ترجمي مان ورتل)

ليکڪ: اڀيشيڪ اوتنس
جيڪڏهن پاڪستان جي سنڌ صوبي جي شهرن شڪارپور ۽ حيدرآباد، ڪئريبين ٻيٽن جي سينٽ مارٽن، اسپين جي ڪينري ٻيٽن ۽ جپان جي شهر ڪوبي ۾ ڪا هڪ شيءِ عام آهي، ته اها آهي سنڌي واپارين ۽ سوداگرن جي هر هنڌ موجودگي. مثال طور، اڄ ڪينري ٻيٽن ۾ سوين سنڌي دڪان آهن، جيڪي سووينئر (تحفا) ۽ چيني اليڪٽرانڪ سامان وڪرو ڪن ٿا. ڪوبي ۾، 1870ع واري ڏهاڪي تائين سنڌي واپارين جپاني ريشمي ڪپڙي جو هڪ ڪامياب برآمدي ڪاروبار قائم ڪري ورتو هو. ان کان ڪجهه عرصو پوءِ، 1930ع واري ڏهاڪي تائين، سنڌين هانگ ڪانگ جي ’ٽسم شا تسوئي‘ ضلعي ۾ درزڪا دڪان کولي ورتا هئا، جتي مائيڪل جيڪسن، بل ڪلنٽن، نيلسن منڊيلا، انجيلا مرڪل ۽ ڊيوڊ بووي جهڙين شخصيتن جا سوٽ سبيا ويا.
تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي واپارين جي هن عالمي نيٽ ورڪ جي قيام جو هڪ سبب 1843ع ۾ انگريزن جو سنڌ تي قبضو هو، جنهن کي شڪارپور ۽ حيدرآباد جي واپارين جي روايتي موبائيل بينڪنگ نظام وڌيڪ هٿي ڏني. بعد ۾، ورهاڱي جي وڏي سماجي ۽ سياسي اٿل پٿل سبب سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن جي وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ اهي بين الاقوامي ڪاروباري نيٽ ورڪ وڌيڪ مضبوط ٿيا.
حقيقت ۾، سنڌي واپارين جي همت ۽ جاکوڙ اهڙي هئي جو 1850ع واري ڏهاڪي تائين ڪجهه حيدرآبادي واپارين سنڌ جو مقامي دستڪاريءَ جو سامان بمبئي کڻي وڃڻ شروع ڪيو هو. حيدرآبادي واپاري بمبئي ۾ جيڪو سامان کڻي ويندا ۽ وڪڻندا هئا، اهو ’سنڌ ورڪ‘ (Sindwork) جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ کين وڪڻڻ وارا ’سنڌ ورڪي‘ سڏجڻ لڳا. سنڌ مان آندل سامان ۾ هالا ۽ لقمان جي ڪاٺ تي اُڪر جو ڪم، هالا جي ڪاشيگرن جو گلدانن ۽ مرتبانن تي ڪاشيءَ جو ڪم، ٺٽي جون لُنگيون، دادوءَ جا اجرڪ، نوابشاهه جي ڀرت جو ڪم ۽ لاڙڪاڻي جو پتل ۽ ڪنجهي جو ڪم شامل هو.

1947ع ۾ برطانوي هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ ڪيترا ئي سنڌي خاندان پاڪستان مان لڏي هندستان جي بمبئي صوبي ۾ اچي آباد ٿيا. هندستان جي 1951ع واري آدمشماري موجب، ان وقت اٽڪل 8 لک سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو هندستان ۾ آباد ٿيا هئا، جن مان اٽڪل 36 سيڪڙو اولهه هندستان ۾ هئا. 1947ع کانپوءِ هزارين سنڌين بمبئي شهر (هاڻوڪي ممبئي) ۽ ان جي مضافاتي شهرن کي پنهنجو گهر بڻايو. ممبئي کان اٽڪل 55 ڪلوميٽر پري واقع هڪ شهر ’اُلهاس نگر‘ خاص ذڪر جوڳو آهي. الهاس نگر شروعات ۾ پناهگيرن جي ڪيمپ هئي، جيڪا بعد ۾ هندستان ۾ سنڌين ۽ سندن ڪاروبار جو مرڪز بڻجي وئي.
مارڪ اينٿوني فالزون پنهنجي ڪتاب Cosmopolitan Connections: The Sindhi Diaspora, 1860-2000 ۾ الهاس نگر جي سنڌي واپارين جي حيرت انگيز ذهن جي باري ۾ لکي ٿو ته 1990ع کان اڳ واري دور ۾، جڏهن هندستان ۾ درآمد تي سخت پابنديون هيون، تڏهن سنڌي واپاري ماڻهن جي پرڏيهي سامان جي خواهش جو فائدو وٺندي قميصن، پينٽن، پينن ۽ ٻين شين تي وڏي چالاڪيءَ سان ’Made in USA‘ جو ليبل لڳايو ويو، جتي USA جو مطلب هو Ulhasnagar Sindhi Associationالهاس نگر سنڌي ايسوسيئيشن.
اهڙي طرح خوشونت سنگهه پنهنجي ڪتاب Big Fat Joke Book ۾ هڪ قصو بيان ڪري ٿو ته هڪ سنڌي واپاري هانگ ڪانگ ويو. هن هڪ سنڌي درزي جي دڪان تان سوٽ سبائڻ چاهيو، جتي لکيل هو ته چند ڪلاڪن ۾ سوٽ تيار ڪيو ويندو. واپاريءَ ڪپڙو پسند ڪيو ۽ قيمت پڇي. درزي چيو: “سائين! توهان پنهنجا سنڌي ڀاءُ آهيو، تنهنڪري خاص رعايت ڏيندس. ليبل تي 200 هانگ ڪانگ ڊالر لکيل آهن، پر توهان کان مان 190 يا 180 به نه، رڳو 170 ڊالر وٺندس.” ان تي واپاري چيو: “توهان رڳو منهنجي سنڌي هجڻ ڪري نقصان ڇو کڻو؟ مان هن سوٽ جا 90 ڊالر ڏيندس، نه هڪ سينٽ گهٽ نه وڌ.”
سنڌي واپارين جي هڪ ٻي خوبي سندن لساني مهارت هئي. ڪلاڊ مارڪووٽس پنهنجي ڪتاب The Global World of Indian Merchants ۾ ٻڌائي ٿو ته حيدرآبادي سنڌي، جيڪي اصل ۾ صرف سنڌي ڳالهائيندڙ هئا، عالمي واپار جي ضرورتن موجب ڪيتريون ئي ٻوليون سکي ويا. ايريٽيريا (آفريڪا) ۾ هو عربي ۽ اطالوي ڳالهائڻ لڳا، چين ۾ چيني، سنگاپور ۾ مالائي، فلپائن ۾ تگالوگ ۽ ڪينري ٻيٽن ۾ اسپينش ٻوليءَ ۾ مهارت حاصل ڪيائون. هندستان ۾ به هنن مراٺي ۽ هندي سکي ورتي، پر ان سان گڏ پنهنجي گهرن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مضبوطيءَ سان قائم رکيو.

سنڌي هڪ هند-آريائي ٻولي آهي، جنهن جون پاڙون سنڌو ماٿريءَ ۾ آهن. اها سنڌو نديءَ جي نالي پٺيان رکيل آهي. ايٿنولاگ (Ethnologue) موجب، دنيا ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد اٽڪل 3 ڪروڙ 30 لک آهي (ھيءُ تعداد صرف سنڌي ھندن جو اھي). لڇمڻ ايم خوبچنداڻي موجب، جديد سنڌي ’وراچڊ اپڀرنش‘ يا ’پري-ويدڪ پراڪرت‘ مان نڪتي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو قديم ترين تاريخي حوالو ’ناٽيه شاستر‘ (200 ق.م کان 200ع جي وچ ۾ لکيل) ۾ ملي ٿو. تحريري طور تي، 883ع ۾ قرآن شريف جو سنڌي ترجمو ۽ ان کانپوءِ مهارڀارت جو قديم سنڌي ترجمو ان جي قدامت جو ثبوت آهن.
تاريخ جي مختلف دورن ۾ سنڌي ٻولي مختلف اسڪرپٽس (خطن) ۾ لکي وئي. اڄ پاڪستان ۾ اها عربي-سنڌي لِپيءَ ۾ ۽ هندستان ۾ ديوناگري لِپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي. پر قديم دور ۾ سنڌي واپارين جي هڪ ڳجهي لپي به هوندي هئي، جنهن کي ’هٽ واڻڪي‘چيو ويندو هو، جنهن جو مطلب آهي “هٽ (دڪان) جي واپارين جي ٻولي. هي برهمي لِپيءَ سان لاڳاپيل هئي ۽ ان ۾ اعرابن (vowels) جو استعمال نه ٿيندو هو. برطانوي محقق هربرٽ ريزلي 1908ع ۾ لکيو هو ته سنڌي واپاري پنهنجا کاتا اهڙي لِپيءَ ۾ لکن ٿا جيڪو “صرف خدا ئي پڙهي سگهي ٿو.

هٽ واڻڪي بابت هڪ مزاحيه قصو مشهور آهي ته هڪ نئين پرڻيل ڇوڪريءَ جي ساهرن پنهنجي مائٽن کي هن لِپيءَ ۾ چٺي لکي ته “هِي مِري وِيا هي” (هيءَ هتي مڙي ويئي آهي/ٺهي وئي آهي). پر ڇوڪريءَ جي مائٽن ان کي “هِي مري وِيا هي” (هيءَ مري وئي آهي) پڙهيو ۽ ماتم شروع ڪري ڏنو!
اها واقعي حيرت انگيز ڳالهه آهي ته هن لچڪدار ۽ بهادر قوم ڪنهن به سياسي سرحد يا مشڪل حالتن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي ڪاروباري ورثي ۽ نيٽ ورڪ کي سڄي دنيا ۾ برقرار رکيو آهي.
__________________
اڀيشيڪ اوتنس جي بلاگ پوسٽ تان ورتل



