Editor's pickMain Slideدنياڪالم

نيپلز: وطن کان پري سنڌي ناتن جي گرمجوشي ۽ سنڌي لفظ ”سائين“ سان گونجندڙ فضا

دوستن سان ملاقات ٿي تہ مرڪون وکري ويون ۽ فطري طور تي سڄي فضا هڪ طاقتور سنڌي لفظ ”سائين، سائين، سائين“ سان گونجڻ لڳي. هڪ اهڙو لفظ جيڪو پوري دنيا ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ پنهنجائپ، واقفيت ۽ تعلق جو هڪ گهرو احساس پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿو.

اهي سڀ دوست نيپلز ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ گهر کان پري پنهنجو مستقبل اڏي رهيا آهن، پر ان جي هوندي به اهي پنهنجي پاڙن يعني پنهنجي وطن ۽ پنهنجن ماڻهن سان هڪ خاموش فخر سان ڳنڍيل نظر اچن ٿا.

عبدالله عثمان مورائي

اٽليء جي شهرن نيپلز، پومپائي، سورنتو،املفي ۽ ڪيپري ۾ پراڻي تاريخي دور، متحرڪ زندگي، سهڻن سامونڊي ڪنارن، پهاڙن ۽ سنگت سان ملڻ جو سفري داستان

7 مارچ 2026 جي شام، جڏهن اسان نيپلز پهتاسين ته ان ۾ هڪ خاص قسم جي ڳالهه محسوس ٿي ته هي هڪ اهڙو شهر آهي جيڪو پنهنجي پاڻ کي مڃائڻ لاءِ تڪڙ نٿو ڪري، پر ان جي بدران اهو هوريان هوريان ائين محسوس ڪرائي ٿو ته هو ڪا ڪهاڻي شروع کان ٻڌائڻ شروع ڪندو هجي ۽ ظاهر آهي ته ان ڪهاڻي جي پڇاڙي به ٿيندي، سو چوڻ جو مقصد ته ڪهاڻي ٻڌڻ کان پوءِ ئي هن شهر جي باري ۾ هڪ راء رکي سگهجي ٿي، جنهن جو اسان پاڻ انتظار ٿي ڪيو. روم کان اسان جو سفر، جيڪو لڳ ڀڳ اڍائي ڪلاڪن تي ٻڌل هو، اها رڳو ٻن شهرن جي وچ ۾ اچ وڃ نه هئي، پر ٻن مختلف ماحولن جي وچ ۾ هڪ پرسڪون تبديلي هئي. رستي ۾ نظر ايندڙ نظارا هڪ سهڻو داستان پيش ڪن ٿا. پکڙيل ميدان، ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ جون جهلڪيون، پهاڙي علائقا ۽ اٽليءَ جي مختلف جاگرافيءَ جون ثابتيون ملن ٿيون.

بس ۾ جديد سهولتن مثال طور وائي فائي، موبائل يا ڪمپپيوٽر چارج ڪرڻ جا ساڪٽ ۽ ٽوائليٽ موجود هو. اهي سهولتون سفر کي وڌيڪ سولو ۽ آرامده بڻائي ڇڏين ٿيون. جڏهن اسان پهتاسين ته نيپلز اسان جو استقبال ڪنهن بناوٽي ملاوٽ سان نه پر پنهنجي اصل، جيئري جاڳندي ۽ حقيقي سڃاڻپ سان ڪيو. بس اسٽاپ ۾ اها چمڪندڙ جديديت نه هئي جيڪا شايد ڪو ماڻهو يورپ جي ڪنهن وڏي شهر مان توقع ڪري سگهي ٿو، پر شايد اهو پهريون اشارو هو ته نيپلز ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ٿيڻ جي ڪوشش ناهي ڪندو، جيڪو هو حقيقت ۾ آهي. منهنجي خيال ۾ انسانن کي به ايئن نيپلز وانگر هجڻ گهرجي.

بس اڏي کان رهائشگاه تائين پنڌ

ڪنهن سواريءَ ۾ وڃڻ جي بدران، ادا جان مڱريو ۽ مون فيصلو ڪيو ته اسان پنهنجي رهائشگاهه ‘نيپولي ڊائون ٽائون اِن’ (Napoli Downtown Inn) تائين پنڌ ئي پنڌ گهمندا ڦرندا ۽ ماحول کي محسوس ۽ ڏسندا ٿا هلون. اسان واري بوڪ ڪيل رهائش گاهه نيپلز جي بندرگاهه واري علائقي جي ويجهو هئي. ان اڌ ڪلاڪ کن جي پنڌ واري مفاصلي نيپلز سان ڪنهن حد تائين اسان جو حقيقي تعارف ڪرايو. رستا، گهٽيون ۽ ماڻهن جي اچ وڃ زندگي سان ڀرپور محسوس ٿي رهيون هيون.

اسان جو گذرڻ ڪجه شاندار چوڪن وٽان ٿيو جتي بلند و بالا مجسما سينگاريل هئا، جيڪي ڄڻ ته خاموشيءَ سان ماضيءَ جون ڪهاڻيون ٻڌائي رهيا هجن. وقفي وقفي سان ميٽرو اسٽيشنن  ڏانهن هيٺ ويندڙ ڏاڪڻيون پڻ سامهون اچي رهيون هيون، جيڪي تاريخ ۾ گهريون پاڙون رکندڙ هن شهر ۾ جديد بنيادي ڍانچي کي ضم ڪري رهيون هيون. گهٽين ۾ هڪ مسلسل چهل پهل هئي، جنهن ۾ ويسپا (Vespa) انجڻين جو مخصوص آواز اچي رهيو هو. اهي مشهور موٽر سائيڪلون هر طرف موجود هيون، جيڪي سوڙهين گهٽين مان ائين سولائيء سان گذري رهيون هيون، جيڪا شهر سان سندن واقفيت ۽ هڪ خاص عڪاسي جي گواهي ڏئي رهيون هيون.

ليکڪ

 اتي اهو محسوس ٿيو ته فٽبال ڄڻ ڪا عقيدت هجي. ڊيگو ميرادونا کي نيپلز ۾ رڳو ياد ناهي ڪيو ويندو، پر کيس هڪ معتبر شخصيت طور سڃاتو ويندو آهي. سندس موجودگي ڀتين تي تصويرن، پوسٽرن، ٽي شرٽن ۽ گفتگو ۾ محسوس ڪري سگهجي پئي. اها ڳالهه بلڪل واضح هئي ته هتي فٽبال رڳو هڪ راند ناهي  پر اها هڪ سڃاڻپ، فخر ۽ هڪ يادگيري آهي.

اسان جي رهائش واري بيڊ اينڊ بريڪ فاسٽ ۾ سيلف چيڪ ان  جو عمل سولو هو، جيڪو يورپي رهائشگاهن ۾ اڪثر ملندڙ جلندڙ مهارت جي عڪاسي ڪري رهيو هو. ڪمرو  آرامده هو، جيتوڻيڪ ان ۾ ڪجهه گهٽتايون پڻ هيون مثال طور چانهه لاء پاڻي گرم جي ڪٽلي جو نه هجڻ هڪ دم محسوس ٿيو، جيڪا هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن کي چانهه جا شوقين مسافر فطري طور تي ڳوليندا آهن.

پر ان جو حل اهو هو ته رهائشگاهه واري اندر داخل ٿيندڙ  دروازي کان پوءِ ورانڊي ۾ هڪ سادو ۽ سولو انتظام موجود هو جتي ڪافي  مشين ۽ ڪافي جا مختلف قسم، چانهه جا بيگز ۽ پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ مائڪرو ويو رکيل هو. اهو ڪو مثالي انتظام نه هو پر نه هجڻ کان ڪجهه هئڻ هو سو اسان لاء ڪافي هو. ڪڏهن ڪڏهن سفر ۾ اهو، “ڪافي هجڻ” ئي تجربي جو حصو بڻجي ويندو آهي، هڪ اهڙي ڳالهه جنهن کي ياد ڪري انسان مرڪي پوندو آهي.

وطن کان پري سنڌي ناتن جي گرمجوشي

تازو توانو ٿيڻ ۽ ڪپڙا مٽائڻ کانپوءِ اسان ڪجهه دوستن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين ۽ جڏهن اهي پهتا ته اها رڳو هڪ ملاقات نه هئي، پر هڪ يادگار گهڙي هئي. مرڪون وکري ويون ۽ فطري طور تي سڄي فضا هڪ طاقتور سنڌي لفظ ”سائين، سائين، سائين“ سان گونجڻ لڳي. هڪ اهڙو لفظ جيڪو پوري دنيا ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ پنهنجائپ، واقفيت ۽ تعلق جو هڪ گهرو احساس پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿو.

اسان سان گڏ نوابشاهه جو پير سمير، منهنجي پياري شهر موري جا برهان علي ميمڻ ۽ صفان ٻگهيو، ۽ ڪراچي جو اردو ڳالهائيندڙ سنڌي محمد وقار شامل هئا. هڪ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي جيڪو سنڌي به سمجهي ٿو، جو نالو، هميشه وانگر جڏهن به ورتو وڃي ٿو ته پنهنجي مڪمل وقار سان گڏ اچي ٿو. توڙي جو اهي سڀ دوست نيپلز ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ گهر کان پري پنهنجو مستقبل اڏي رهيا آهن، پر ان جي هوندي به اهي پنهنجي پاڙن يعني پنهنجي وطن ۽ پنهنجن ماڻهن سان هڪ خاموش فخر سان ڳنڍيل نظر اچن ٿا.

هيءَ ڪا اسان جي پهرين ملاقات نه هئي،  اسان اڳ ۾ تڏهن مليا هئاسين جڏهن اهي اسٽاڪهولم سئيڊن گهمڻ آيا هئا، پر نيپلز ۾ ٻيهر ملڻ اسان جي گڏيل سفر ۾ هڪ نئون رنگ ڀري ڇڏيو. ڪنهن پرائي ملڪ ۾ پنهنجن ماڻهن کي ڳولڻ ۾ هڪ عجيب قسم جو دلي سڪون هوندو آهي. اسان اتي سعيد ميتلي کي به ياد ڪيو جيڪو ساڻن اسٽاڪهولم واري سفر ۾ گڏ آيو هو.

نيپلز ۾ ڇنڇر جي رات ماڻهن جي ريل پيل

ڇنڇر جي شام هجڻ ڪري شهر پنهنجي پوري جوش ۽ جذبي سان ڀرپور ۽ متحرڪ هو. ائين لڳو ڄڻ نيپلز جا ماڻهو هفتيوار موڪل کي رڳو سادي نموني ناهن گذاريندا پر اهي ان کي پوري دل سان جيئندا آهن. نوجوانن سان رستا ۽ گهٽيون ڀريل هيون، گهٽين مان ٽهڪن جا آوازاچي رهيا هئا ۽ هوا ۾ موسيقي، ڳالهه ٻولهه ۽ هڪ عجيب انتظار جو ميلاپ هو. اتي ڀر پاسي ۾ گڏيل خوشي جو هڪ احساس هو، ڄڻ ته سڄو شهر زندگي جو جشن ملهائڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو هجي.

نيپلز جي تاريخ، نفاست ۽ عظمت

جڏهن اسان شهر م پنڌ  هلي گهمي رهيا هئاسين ته اسان جو نيپلز جي تاريخي نشانين مان هڪ يعني نيپلز جي قلعي Castel Nuovo وٽان گذرڻ ٿيو. اهو وچين دور جو هڪ قلعو آهي ۽ شهر جي بندرگاهه جي ويجهو هڪ خاموش وقار سان بيٺل نظر اچي ٿو. ان جو وڏو وجود  رات جي روشنين ۾ چمڪي رهيو هو ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ اهو قلعو شهر جي ماضيءَ جو ڪو خاص محافظ هجي.

اتي اسان وايا توليدو (Via Toledo) ڏانهن وڌياسين، جيڪا نيپلز جي سڀ کان وڌيڪ متحرڪ ۽ هل چل وارن رستن مان هڪ آهي. هي رڳو هڪ رستو ناهي پر هڪ مڪمل تجربو آهي. دڪانن، ڪيفي ۽ انسانن جي اڻ کٽ چهل پهل ۽ ريل پيل سان ڀريل ۽ ڀرپور. وايا توليدو شهر جي دل جي ڌڙڪن جي عڪاسي ڪري ٿي. لگزري برانڊز کان وٺي مقامي اسٽالن تائين، هر شيءِ هڪ دلچسپ توازن سان گڏ موجود آهي.

ان کان پوءِ اهو تعميراتي شاهڪار سامهون آيو جنهن اسان جي توجهه پوريءَ طرح پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتي ۽ اها آهي گيلريا امبرٽو پهريون (Galleria Umberto I). ان جي اندر پير رکڻ سان ائين محسوس ٿيو ڄڻ اسان ڪنهن ٻي دنيا ۾ داخل ٿي ويا هجون. پنهنجي شاندار شيشي جي گنبد، لوهه جي نفيس ڪم ۽ موزائيڪي فرش سان اها شاندار نموني پنهنجو پاڻ مڃائي بيٺي آهي.  هيءَ گيلري مون کي ميلان جي مشهور گيلريز وانگر نفاست جو اظهار ڪندي نظر آئي. ڏينهن جي وقت پڪ سان روشني سندس ڇت مان نهايت خوبصورتيءَ سان ڇڻي هيٺ فرش تي ڪري مختلف عڪس ٺاهيندي هوندي. هي رڳو خريداريءَ جي جاءِ نه هئي پر اها فن، تاريخ ۽ ثقافت جو هڪ سنگم هئي.

گهٽين جي حقيقت، خوبصورتي ۽ تضادن جو ميلاپ

جتي هڪ پاسي وايا توليدو (Via Toledo) جي ٻنهي پاسن کان جديد دڪان ۽ برانڊيڊ اسٽور موجود هئا اتي ئي هن رستي شهري زندگيءَ جو هڪ ٻيو پاسو پڻ ظاهر ڪيو. اهو پاسو هو گهورڙيا ۽ پٿراڙي وارا زمين تي عارضي اسٽال لڳائڻ وارا جيڪي مختلف قسم جون سوکڙيون ۽ ننڍيون ننڊيون شيون وڪڻي رهيا هئا.

ان سڄي عمل ۾ هڪ اڻ کٽ راڳ يا ڊرامو هو يعني هڪ ٻلي ۽ ڪوئي (Cat and mouse) واري صورتحال. وڪڻندڙ هر وقت هوشيار رهندا آهن ته جيئن اختيارين يعني پوليس کي ڏسندي ئي غائب ٿي وڃن. پر اتي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ته اهو سڀ ڪجهه معمول جو حصو بڻجي چڪو آهي، ڄڻ ته ٻنهي ڌرين کي هن خاموش راند يعني نظم و ضبط ۽ بقا جي اصولن جي پوري خبر هئي.

ريسٽورنٽ، بار ۽ ڪيفي ماڻهن سان سٿيل هئا، ماڻهن جي وڏي پيهه هئي جن ۾ مقامي ماڻهو توڙي سياح هڪجهڙي تعداد ۾ موجود هئا. شهر رڳو مصروف نه پر پنهنجي پوريءَ جوانيءَ ۾ مدهوش هو.

 مغلِ اعظم ريسٽورنٽ تي رات جي ماني

جڏهن رات جي مانيء جو وقت ٿيو ته ان اطالوي ماحول جي وچ ۾ به اسان پاڻ کي ڪنهن واقف شئي ڏانهن ڇڪجندي محسوس ڪيو، جيڪو مغلِ اعظم نالي هڪ پاڪستاني ريسٽورنٽ هو.

ان جي اندر، ديسي ماحول ڪافي سٺو ۽ ڪنهن هنڌ تائين ريل پيل وارو هو ۽ ديسي کاڌي جي خوشبوءِ اسان کي هڪدم پنهنجي وطن جي ياد ڏياري ڇڏي. ذائقيدار کاڌن جي پليٽن سان گڏ اسان جي سنڌي ڪچهري به هلندي رهي جيڪا يقينن ٽهڪن، گڏيل يادگيرين ۽ زندگيءَ جي مختلف حصن جي ڪهاڻين سان ڀرپور هئي.

اتي هڪ ننڍڙو پر اثرائتو مشاهدو مون ڪيو. هڪ وچولي عمر جي ديسي عورت اڪيلي ويٺي هئي ۽ پنهنجي مانيءَ مان مڪمل سڪون سان لطف اندوز ٿي رهي هئي. اتي نه ڪا هٻڪ هئي، نه ڪا بي چيني، پر رڳو هڪ خاموش اعتماد هو. مون ڪٿي پڙهيو هو ته جيڪي ماڻهو اڪيلائيءَ ۾ به سولائيء سان ڪنهن ريسٽورنٽ تي وڃي ماني کائي سگهندا آهن اهي هڪ خاص ذهني قوت ۽ خودمختياري رکندا آهن. کيس ڏسندي مون ان خيال کي حقيقت جي روپ ۾ محسوس ڪيو. هوءَ مطمئن، خود اعتماد ۽ شايد هڪ خاموش طاقت جي مالڪ لڳي رهي هئي.

بندرگاهه تي رومانس، لهرون ۽ نوجوانن ۾ توانائي

رات جي مانيءَ کان پوءِ هوا ۾ موجود ٿوري ٿڌڪار اسان کي ياد ڏياريو ته نيپلز ۾ مارچ جون شامون اڃا تائين سياري جو لمس رکي سگهن ٿيون. اسان پنڌ ئي پنڌ بندرگاهه واري علائقي ڏانهن وڌياسين ۽ اتي جيڪو ماحول اسان جو منتظر هو، اهو مڪمل طور تي مختلف هو. ٽائرينين سمنڊ (Tyrrhenian Sea) جيڪو ڀونوچ يعني ميڊيٽرينين سمنڊ جو هڪ حصو آهي پرامن طرح سان اسان جي سامهون پکڙيل هو. سندس زندهه، نرم ۽ هلڪيون لهرون ڪناري سان ٽڪرائجي رهيون هيون، جيڪي هڪ سڪون ڏيندڙ تال ۽ موسيقي پيدا ڪري رهيون هيون.

هيٺ سمنڊ جي ڪناري تي رکيل وڏا پٿر غير رسمي ويهڻ جي جڳهه بڻجي چڪا هئا. جوڙا هڪٻئي جي ويجهو ويٺا هئا، خاموش گفتگو ۽ ڀاڪرن ۾ مدهوش هئا، جيڪو هڪ گهرو رومانوي منظر پيش ڪري رهيو هو. ويجهو ئي، ڪجهه ماڻهو بي فڪريءَ سان پيزا جي سلائيسن جو مزو وٺي رهيا هئا، اهي ساديون پر اهم خوشيون سمنڊ جي ٿڌي هوا سبب وڌيڪ يادگار بڻجي رهيون هيون.

نوجوان ڇوڪريون سوشل ميڊيا لاءِ ڊانس وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ ۾ مصروف هيون، سندن ٽهڪن ۽ توانائيءَ ان قديمي پسمنظر ۾ هڪ جديد رنگ ڀري ڇڏيو هو. اهو رومانس، جواني ۽ روزاني زندگيءَ جو هڪ اهڙو سنگم هو، جيڪو هڪٻئي سان مڪمل طور تي هم آهنگ هو.

ان دوران، محمد وقار جا ٻيا ڪراچيءَ جا ڪجهه دوست به اسان سان اچي مليا، جنهن محفل جي گرمجوشيءَ ۾ واڌارو ڪيو. پاڪستان کان هزارين ميل پري هجڻ جي باوجود، ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ نيپلز جي ان سامونڊي ڪناري تي هڪ ننڍڙو ديسي سماج جڙي ويو هجي.

جيئن ئي رات ڪافي ٿي چڪي هئي سو اسان فيصلو ڪيو ته مغلِ اعظم تي چانهه لاءِ واپس هلجي. پر ان وقت ريسٽورنٽ پوريءَ طرح ماڻهن سان سٿيل هو. سندن اخلاق واري معذرت جي باوجود اسان سمجهي ويا سين ته اهي هن وقت تمام گهڻو مصروف آهن ۽ چانهه جي لاء پنهنجون ڪرسيون نه سيڙائيندا. سواسان به کڻي بس ڪئي ۽ ان کي هڪ اشارو سمجهندي، اسان ان ڏينهن جي مصروفيتن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ايندڙ ڏينهن تي اسان برهان علي ميمڻ سان گڏ نيپلز کان ٻاهر هڪ ڊگهي ۽ دلچسپ سفر جو ارادو ڪيو هو، تنهنڪري آرام ڪرڻ ضروري هو. اسان شڪرگذاري ۽ گرمجوشي سان پنهنجن دوستن کي الوداع چيو ۽ نيپلز ۾ پنهنجي هجڻ دوران وري کين ٻيهر جلد ملڻ جو واعدو ڪيو.

واپس ڪمري ۾ پهچي مون چانهه جو هڪ  ڪوپ ٺاهيو، چانهه جو اهڙي قسم جو ڪوپ جيڪو هڪ ڊگهي ڏينهن کان پوءِ وڌيڪ بامعنيٰ لڳندو آهي. جان سان گڏ ويهي  نيپلز جي پنهنجن پهرين تاثرن تي ويچار ڪيو.

هي ڪو اهڙو شهر ناهي جيڪو هڪدم ٻاهرين ماڻهن تي پنهنجو اثر ڇڏي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. ان جي ابتڙ اهو پاڻ کي هوريان هوريان پنهنجن ماڻهن، پنهنجي ريل پيل ، پنهنجي خوبصورتي ۽ پنهنجي اندر تضادن ذريعي ظاهر ڪري ٿو.

رات دير سان گفتگو ۽ خاموشيءَ جي وچ ۾ پنهنجي اندر ان شروعات کي کڻي جيڪا اڳي ئي هڪ ناقابل فراموش سفر بڻجي رهي هئي، اسان ننڊ جي آغوش ۾ هليا ويا سين.

پومپائي جي رک ۽ کنڊرن کان سورنٽو جي سحر ۽ املفي جي سامونڊي ڪنارن ۽ جبلن جي سونهن تائين جو هڪ ڊگهو سفر

ٻئي ڏينهن ، يعني 8 مارچ 2026 جي شروعات هڪ مقصد سان ٿي.

اسان صبح سوير بيدار ٿياسين ۽ اهو پڪو پهه ڪيوسين ته اڄ هر ڪلاڪ جو ڀرپور فائدو وٺبو، ڇاڪاڻ ته اسان کي خبر هئي ته اهو ڏينهن اسان کان توانائي ۽ تجسس، ٻنهي جو گهرجائو آهي. اسان جي بيڊ اينڊ بريڪ فاسٽ جي سامهون واري روڊ تي هڪ ننڍڙي ڪيفيٽريا ۾ سادي ناشتي جو انتظام هو، هڪ ڪروسانٽ ۽ ڪافي جا ڪجهه آپشن. اهو ڪو تفصيلي ناشتو نه هو پر هڪ اهڙي ڏينهن جي شروعات لاءِ ڪافي هو، جيڪو جلد ئي غير معمولي بڻجڻ وارو هو.

ناشتي کان واندا ٿي اسان ميونسپيو (Municipio) ميٽرو اسٽيشن ڏانهن وڌياسين ۽ نيپلز جي زير زمين ريل نيٽ ورڪ ۾ داخل ٿياسين ۽ گاريبالدي (Garibaldi) اسٽيشن ڏانهن ويندڙ ٽرين ۾ سوار ٿياسين، جيڪو شهر جو مرڪزي ۽ مک حصو آهي. گهما گهمي، ماڻهن جي تيز تيز اچ وڃ ۽ زندگيءَ سان ڀرپور اهو اسٽيشن ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ پنهنجي اندر ۾ هڪ الڳ دنيا هجي.

مزاح ۽ ماضيءَ جي يادن جي هڪ گهڙيء ۾، اسان ان اسٽيشن يعني گاريبالدي کي غريب آباد سڏڻ شروع ڪيو، جيڪو پاڪستان، خاص ڪري سنڌ جي ڪافي شهرن ۾ مخصوص علائقن جو تمام مشهور نالو آهي. ان مون کي يڪدم نوابشاهه جي غريب آباد ۽ ننڍپڻ ۾ پنهنجي مائٽ ادا قاسم سومري مرحوم  ۽ سندس گهر جون يادگيريون تازيون ڪرائي ڇڏيون جڏهن اسان موري کان نوابشاه سندن وٽ ويندا هئاسون. ڪڏهن ڪڏهن، هڪ نالو ئي کنڊن (Continents) جي وچ ۾ پل بڻجڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي.

پومپائي ڏانهن ريل جي سفر ۾ پيهه ۽ ننڍڙو سڪون

اسان صبح جو لڳ ڀڳ 9 وڳي اسٽيشن تي برهان علي ميمڻ سان ملياسين، اسان سڀ مقرر ڪيل وقت تي پهچي چڪا هئاسون. اسان گڏجي پومپائي ۽ سورنٽو لاءِ وڃڻ ۽ واپسيء جون ٽڪيٽون خريد ڪيون ۽ هڪ انتھائي مصروف سفر لاءِ تيار ٿي وياسين.

اسٽيشن ماڻهن سان سٿيل هئي. ائين پي لڳو ڄڻ اڌ نيپلز ان صبح جو سفر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هجي. پومپائي ڏانهن ويندڙ ريل گاڏي جي صورتحال به مختلف نه هئي يعني پيهه، ٻوسٽ ۽ تازي هوا جي گهٽتائي هئي. سفر بيهي گذارڻ دوران مون پاڻ کي دروازي جي ويجهو ڪيو ۽ ريل گاڏي جتي بيٺي ٿي اتي مون دروازو کولڻ واري بٽڻ کي دٻائي ٿي ڇڏيو ته جيئن دروازو کلي ته اندر تازي ۽ ٿڌي هوا جو جهوٽو اندر اچي سگهي. تازگي جون اهي مختصر گهڙيون ننڍڙين فتحن وانگر محسوس ٿي رهيون هيون. ائين ڪرڻ سان هڪ ماء ۽ سندس ڌيء مون کي کلي ساراهيو ته اهو سٺو پيو ڪرين ڇو ته کين به گرمي لڳي رهي هئي.

لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ جي سفر کان پوءِ اسان پومپائي پهتاسين ۽ اوچتو ئي اوچتو سڄي ريل گاڏي خالي ٿي وئي ڄڻ ته هر ڪو مسافر هڪ گڏيل تجسس سبب اتي ڇڪجي آيو هجي.

پومپائي، زندگي ۽ موت جي وچ ۾ منجمد ٿيل هڪ شهر

پومپائي رڳو هڪ تاريخي ماڳ ناهي پر اهو وقت جي هڪ گهڙي ۾ محفوظ ٿيل داستان آهي.

79ع ۾ ٻرندڙ جبل وسوويس (Mount Vesuvius) جي ڦاٽڻ دوران تباهه ٿيل پومپائي اڄ به دنيا جي انتهائي پراسرار آثارِ قديمه جي ماڳن مان هڪ آهي. سڄيون سڄيون گهٽيون، گهر، ڀتيون، چترڪاريون ۽ انساني وجود به ان ٻرندڙ جبل جي رک جي تھن هيٺ دفن رهيا آهن، جيڪي لڳ ڀڳ ٻه هزار سال اڳ جي رومي زندگيءَ جي هڪ انتھائي ويجھي جهلڪ پيش ڪن ٿا.

پومپائيءَ مان گذرڻ ائين آهي ڄڻ ڪنهن اهڙي خاموشيءَ ۾ پير رکيو هجي جيڪا پاڻ ڳالهائي رهي هجي.

وقت جي کوٽ سبب، اسان ان تاريخي ماڳ جي رڳو هڪ حصي يعني مفت موجود علائقن جو سير ڪيو جيڪو هڪ دائمي تاثر ڇڏڻ لاءِ ڪافي هو. پٿرن جا رستا، گهرن جا نشان، ۽ روزاني زندگيءَ جا ٽڪرا کليل آسمان هيٺ خاموشيءَ سان بيٺل هئا.

اتي هجڻ منهنجي اندر ۾ هڪ انتھائي ذاتي احساس پيدا ڪيو. ان مون کي اشتياق انصاري صاحب جي لکيل سنڌي سفرنامي ”خيما کاهوڙين  جي ياد ڏياري“، جيڪو هڪ اهڙو ڪتاب هو جيڪو مون ڪافي عرصو اڳ پنهنجي ننڍپڻ ۾ پڙهيو هو. تڏهن پومپائي رڳو هڪ خيال هو، لفظن ۾ بيان ٿيل هڪ ڏورانهين جاءِ هئي، پر هاڻي اتي بيهي مون ان پراڻي تاريخي جاء سان حقيقت ۾ ملڻ سان هڪ عجيب تڪميل محسوس ڪئي.

سورنٽو ڏانهن سرنگهن جو سفر

پومپائي جي سير کان پوءِ اسان ٿورو شهر ۽ اوسي پاسي جو چڪر ڏئي اسٽيشن ڏانهن واپس ورياسين ۽ سورنٽو ڏانهن ويندڙ ريل ۾ سوار ٿياسين.

هن ڀيري، سفر ٿورو سولو محسوس ٿيو. جيتوڻيڪ شروعات ۾ پيهه هئي پر نيٺ اسان کي ويهڻ لاءِ جايون ملي ويون. ريل ڪجهه سرنگهن مان گذري ۽  هر سرنگهه اڳتي ايندڙ نظارن لاءِ انتظار ۽ تجسس وڌائي رهي هئي. انهن سرنگهن مان گذرندي مون کي دادو کان ڪوئٽه تائين بولان ميل جا سفر ياد اچي ويا ۽ انهن ئي خيالن خيالن ۾ اسان سورنتو پهچي وياسين. آخري اسٽاپ هجڻ ڪري ريل مڪمل خالي ٿي وئي.

اسان جي ايندڙ منزل املفي (Amalfi) هئي، جنهن لاءِ اسان کي بس جي ٽڪيٽن جي ضرورت هئي. روانگي جو وقت ويجهو اچڻ ڪري اسان تڪڙا تڪڙا هلندا ٽڪيٽ مشينن ڏانهن وڌياسين. پر سفر ۾ قدرت هميشه وانگر پنهنجا ئي منصوبا رکندي آهي.

ٽڪيٽ واري مشين تي هڪ ديسي ماڻهو پنهنجي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هو. ڪنهن به هٻڪ کان سواءِ برهان سندس مدد لاءِ اڳتي وڌيو. ڪارڊ ذريعي پيسا پيارڻ جا مسئلا، منجهيل صورتحال، دير ۽ وقت جي گهٽتائي ۽ ان سڀ ۾ وقت لڳو، پر نيٺ اهو ماڻهو ڪامياب ٿي ويو ۽ بس ڏانهن ڊوڙيو.

پوءِ هڪ ٻي عورت طرفان مدد جي درخواست آئي، جيڪا ساڳين ئي ڏکيائين جو شڪار هئي.

جڏهن سڀ ڪجهه حل ٿي ويو ۽ اسان بس تائين پهتاسين، ته اها اڳي ئي مڪمل سٿيل هئي. اسان ان ديسي همراه کي به بس ۾ ڏٺو.

جابلو سامونڊي رستن تي ور وڪڙ کائيندڙ ڊگهي سفر لاءِ بيهي هلي سفر ڪو عقلمنديءَ جو ڪم نه پي لڳو، تنهنڪري اسان تڪليف تي صبر کي ترجيح ڏني ۽ فيصلو ڪيو ته هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ايندڙ بس جو انتظار ڪري ان ۾ ٿا هلون.

سورنتو جي سونهن ۾ ويڙهيل هڪ وقفو

اهو غير متوقع هڪ ڪلاڪ هڪ تحفو بڻجي ويو.

 سمنڊ جي مٿان جبلن جي گهيري ۾ واقع سورنٽو هڪ اهڙو شهر آهي جيڪو هي اهڙا نظارا پيش ڪري ٿو جيڪي ڄڻ ته ڪنهن چٽيل تصوير وانگر لڳن ٿا. سوڙهيون گهٽيون، شهر جا خاموش حصا ۽ سامونڊي پٽي جون جهلڪيون پرسڪون نفاست جو هڪ ماحول پيدا ڪن ٿيون.

برهان علي جو روزو هو ۽ هو صبر ۽ تحمل سان ويٺو رهيو پر ان دوران، ادا جان ۽ مون ڪجهه ميوا کائڻ لاءِ ڪجهه وقت ڳولي ورتو ۽ خاموشيءَ سان ويهي اسان پنهنجي اوسي پاسي جي ماحول کي پنهنجي اندر اوتيندا رهياسين.

سورنٽو ۾ هڪ نرمي هئي جيڪا پومپائي جي تاريخي ۽ ڏکوئيندڙ وزن ۽ املفي جي رنگين چهل پهل جي وچ ۾ هڪ سڪون وارو وقفو هو.

املفي ڪوسٽل روڊ جتي ڌرتي، جبل، فن تعمير ۽ قدرتي حسن گڏوگڏ نظر اچن ٿا

ايندڙ بس بلڪل وقت تي پهتي. ڊرائيور پنهنجي سگريٽ جو آخري ڪش هڻي ختم ڪندي اندر داخل ٿيو ۽ اسان جي سفر جي شروعات ٿي. بس ۾ توقع کان وڌيڪ پيهه هئي. ڪجهه مسافر هينڊلز کي مضبوطيءَ سان پڪڙي بيهي رهيا، بس اٽليءَ جي انتهائي خوبصورت پر ڏکين رستن مان هڪ تي هلي رهي هئي. سورنتو کان املفي تائين جو رستو رڳو هڪ سفر ناهي پر اهو هڪ مڪمل تجربو آهي.

جبلن جي ڪنارن سان وڪڙ کائيندي، گهري نيري سمنڊ جو نظارو ڪندي، هي رستو هر موڙ تي حيران ڪندڙ منظر پيش ڪري ٿو. رنگين گهر جبلن جي پاسن سان چنبڙيل لڳن ٿا ، ٻيڙيون هيٺ پاڻيءَ تي ننڍڙن ٽٻڪن وانگر نظر اچن ٿيون ۽ سج جي روشني سڄي منظر تي بدلجندڙ انداز ۾ رقص ڪندي نظر اچي ٿي.

ويسپا موٽر سائيڪلن وارا وڏي اعتماد سان گذري رهيا هئا، مقامي ماڻهو مهارت سان پنهنجون سواريون هلائي رهيا هئا ۽ اسان جهڙا سياح فوٽن ذريعي هر گهڙيء کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جيتوڻيڪ ڪو به ڪيمرا ان سونهن سان حقيقي انصاف نه پيو ڪري سگهي جيڪا قدرتي سونهن اسان جون اکيون ڏسي رهيون هيون.

جبلن ۽ سمنڊ جي وچ ۾ هڪ سهڻو شهر املفي

املفي پهچڻ شرط ائين محسوس ٿيو ڄڻ اسان ڪنهن پوسٽ ڪارڊ جي اندر پير رکيو هجي.

اوچن جبلن ۽ سمنڊ جي وچ ۾ گهيريل هي شهر زمين جي هڪ سوڙهي پٽي تي موجود آهي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي اندر هڪ پوري دنيا  جذب ڪيو بيٺي آهي. پنهنجي وڏن ڦڪي رنگ جي ليمن جي پيداوار جي ڪري مشهور، املفي انهن کي انتهائي تخليقي طريقن سان ملهاي ٿو، مثال طور اتي ڪو مشروب، مٺايون، کاڌا ۽ آئسڪريم به ليمن جي خالي ٿيل کلن ۾ پيش ڪيا وڃن ٿا.

اسان ان جي سوڙهين گهٽين ۾ گهمياسين، هلڪين لاهين چاڙهين تي چڙهياسين ۽ نيٺ سامونڊي ڪناري تي پهتاسين. موسم مهربان يعني سج نڪتل هو ۽ ماڻهو واريءَ تي پکڙيل هئا، جيڪي سج جي تپش ۽ سمنڊ مان لطف اندوز ٿي رهيا هئا.

هر پاسي زندگي هئي. سياحن سان سٿيل ريسٽورنٽ، ڳالهه ٻولهه سان گونجندڙ ڪيفي ۽ سوکڙين جا دڪان رنگين يادگيريون سجائي ويٺا هئا، جيڪي يقينن گهر کڻي وڃڻ جو انتظار ڪري رهيون هيون.

هوا ۾ هڪ خاص قسم جو سڪون ۽ هڪ اهڙي توانائي هئي جنهن پنڌ هلڻ کي وڌيڪ هلڪو ۽ خوشگوار بڻائي ڇڏيو هو.

گرجا گهر جي ڏاڪڻين تي سڪون جون گهڙيون

اسان آئس ڪريم خريد ڪئي ۽ املفي ڪيٿيڊرل (Duomo di Amalfi) ڏانهن وڌياسين.

پنهنجي شاندار ٻاهرين ڏيک، محرابن ۽ وڏين ڏاڪڻين سان هي ڪيٿيڊرل شهر جي روحاني ۽ تعميراتي مرڪز طور بيٺل آهي. اتي ڏاڪڻين تي ويهي پنهنجي آئس ڪريم مان لطف اندوز ٿيندي اسان اتي دنيا جهان جي ماڻهن کي گذرندي ڏٺو، سياح، مقامي ماڻهو ۽ ڪنٽينٽ ڪريئيٽرز جيڪي اتي پنهنجي سوشل ميڊيا لاء ريلز (reels) رڪارڊ ڪري رهيا هئا. اها هڪ اهڙي سڪون واري گهڙي هئي جيڪا هڪ متحرڪ ۽ ڊوڙ ڊڪ واري ڏينهن ۾ اسان کي اتي ملي.

واپسي ۾ ويچار، خطرا ۽ احساس

شام جو لڳ ڀڳ 5 وڳي، اسان کي احساس ٿيو ته هاڻي واپس هلڻ گهرجي، واپسي به ساڳئي ڊگهي رستي سان ڪرڻي هئي.

واپسيءَ جو سفر به اڳئين سفر جهڙو ئي هو، يعني سٿيل بسون، وڪڙ کائيندڙ رستا ۽ انهن ماڻهن لاءِ ڊگهو انتظار جيڪي بس ۾ پيهه جي ڪري سوار نٿي ٿي سگهيا. هڪ هنڌ اسان جو گذر هڪ حادثي وٽان به ٿيو جنهن ۾ هڪ ڪار ۽ موٽرسائيڪل شامل هئا. اهو حادثو تازو ئي ٿيو هو، جيڪو ان ڳالهه جي ياد ڏياري رهيو هو ته اهي رستا ڪيترا ڏکيا ٿي سگهن ٿا. تنهن هوندي به اطالوي ڊرائيور پنهنجي مهارت جو شاندار مظاهرو ڪن ٿا، اهي بااعتماد، ماهر ۽ پنهنجي انداز ۾ منفرد طريقي جو استعمال ڪن ٿا.

سفر دوران اسان کي خبر پئي ته آئس ڪريم جي دڪان تي اسان کان وڌيڪ پئسا ورتا ويا هئا. جان انهن سان رابطو ڪيو ۽ سندن شڪرگذاري جو انهن معافي ورتي ۽ پئسا واپس ڪرڻ جو واعدو ڪيو. اهو هڪ ننڍڙو سبق هو ته پنهنجي ڪارڊ ذريعي ڪيل ڏيتي ليتي کي هميشه ٻيهر چيڪ ڪجي. ڪڏهن ڪڏهن، روڪ رقم وارو طريقو واقعي به وڌيڪ سادو ۽ سولو هوندو آهي.

اسان رات جو لڳ ڀڳ 8:30 وڳي نيپلز واپس پهتاسين، ٿڪل ته هئاسين پر پراميد ۽ مطمئن به هئاسين.

هڪ ديسي ريسٽورنٽ ڏانهن ويندي، هڪ ناخوشگوار گهڙي پيش آئي. مون محسوس ڪيو ته ٻه ماڻهو غير ضروري طور تي اسان جي تمام ويجهو اچي رهيا هئا. ڇهين حس سرگرم ٿي وئي ۽ ڪجهه غلط ٿيڻ جو احساس ڪندي، مان وڏي هوشياريءَ سان ويجهي هڪ دڪان ۾ داخل ٿي ويس ۽ جان ۽ برهان کي به هڪ دم ايئن ڪرڻ جو اشارو ڏنم. اهي ماڻهو هٻڪيا ۽ پوءِ هڪ عجيب ڦڪي مرڪ سان اڳتي وڌي ويا.

برهان بعد ۾ اسان جي شڪ جي تصديق ڪئي ته اهي شايد سندس سفري ننڍو ٿيلهو ڦرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا هئا جيڪا هن جي ڳچيء ۽ سيني ۾ ويڙهيل هئي. برهان وڌيڪ ٻڌايو ته هتي اهو عام آهي. اهو واقعو هڪ ياد ڏياري ٿو ته آگاهي ۽ هوشياري تمام ضروري آهي، چاهي اهو يورپ جي ڪنهن ترقي يافتا ملڪ جو ڪو خوبصورت شهر ئي ڇو نه هجي.

رات جي مانيءَ تي کاڌي کان مٿانهيون ڪهاڻيون

ريسٽورنٽ ۾ ڪجهه شين اسان جي توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتي. هڪ منفرد نموني سان تيار ڪيل واش بيسن جيڪو هٿ جي ٽونٽي جي بجاءِ پيرن جي پيڊل سان هليو ٿي. اهو مون کي تمام ڪارائتو به لڳو هو ته صفائيءَ جي اصولن مطابق به. اٽليءَ ۾ ڪافي جاين تي اسان اهو به نوٽ ڪيو ته ٽوائلٽ پيپر جي موجودگي جي باوجود، صفائي لاء پاڻيءَ جون گينڊيون نهايت سوچي سمجهي تيار ڪيون ويون آهن.

اسان اتي ريسٽورنت تي ڪم ڪندڙ هڪ ماڻهوءَ سان ملياسين، جيڪو تازو ئي اتي پهتو هو. هو پڙهيل لکيل هو پر جدوجهد واري عمل مان گذري رهيو هو. هن پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي ۽ بقول سندس جي ته ڪيئن نه هو صبح جو 9 وڳي کان وٺي اڌ رات تائين پنهنجي ئي هڪ هم وطن جي هٿان استحصال جو شڪار هو ۽ تمام گهٽ پگهار تي ڊگها ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو هو. سندس ڳالهه ۾ ڪيتري سچائي هئي اها رڳو کيس ۽ الله کي ئي خبر هوندي پر سندس آواز ۾ جيڪو درد هو، تنهن کان انڪار نه پيو ڪري سگهجي.

سفر اڪثر ڪري خوبصورتي ظاهر ڪندو آهي پر اهو انهن تلخ حقيقتن کي به وائکو ڪندو آهي جيڪي شايد اسان ٻي صورت ۾ ڪڏهن به نه ڏسي سگهون ها.

ڏينهن جي پڄاڻي تي شڪرگذاري ۽ خاموش ويچار

رات جي ماني ۽ چانهه کان پوءِ اسان واپسيءَ لاءِ روانا ٿياسين. گاريبالدي تي، جيڪو اسان جو غريب آباد هو، اسان برهان علي ميمڻ جي مهرباني مڃي جنهن سڄو ڏينهن روزي ۾ هوندي به اسان جو ساٿ ڏنو. اسان ٻئي ڏينهن شام جو ٻيهر ملڻ جي رٿابنديءَ سان هڪٻئي کان موڪلايو.

پنهنجي ڪمري ۾ واپس پهچڻ تي ٿڪاوٽ غالب اچي وئي. جان ۽ مون پومپائي جي خاموشي، سورنتو جي سڪون، املفي جي سونهن ۽ نيپلز جي اڻ کٽ حيرتن بابت پنهنجن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ٻاهر شهر ته پنهنجي تال ۾ هلي رهيو هو پر اسان ننڊ جي حوالي ٿي وياسين، پنهنجي اندر هڪ اهڙو ڏينهن کڻي جيڪو هڪ ئي وقت ٽن سفرن جي برابر محسوس ٿي رهيو هو. (ھلندڙ)

_________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button