پير حسام الدين شاھ راشدي: سنڌي ادب ۽ تاريخ جو روشن ستارو
پير حُسام الدين راشديءَ جي وفات پھرين اپريل 1982ع تي ٿي. سندس علمي ورثو اڄ به زنده آھي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آھي۔ سندس ڪم سنڌ جي علمي دنيا ۾ ھميشه ياد رکيو ويندو۔

مجيد نواز مغل
پير حسام الدين راشدي سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي دنيا جو ھڪ وڏو نالو ھو، جنھن پنهنجي محنت، ذهانت ۽ علمي لگن سان سنڌي ادب ۽ تاريخ کي نئون رخ ڏنو۔ ھو نه صرف ھڪ وڏو محقق ۽ مورخ ھو، پر ساڳئي وقت ھڪ سٺو اديب، شاعر ۽ دانشور پڻ ھو۔ سندس خدمتون سنڌ جي علمي سرمائي ۾ املهه حيثيت رکن ٿيون۔
پير حسام الدين راشدي 20 سيپٽمبر 1911ع تي سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي راشدي خاندان ۾ پيدا ٿيو۔ ھو ھڪ معزز، علم دوست ۽ روحاني خاندان سان تعلق رکندڙ ھو، جنھن جي ڪري سندس ننڍپڻ کان ئي علم ۽ ادب ڏانهن لاڙو پيدا ٿيو۔
سندس شروعاتي تعليم گھر ۾ ئي ٿي ، جتي عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي سکيا ورتائين ۽ پوءِ ھن پاڻ محنت ڪري مختلف علمن تي عبور حاصل ڪيو۔ ھو خاص طور تي تاريخ، ادب، اسلامي علوم ۽ فارسي ادب جو وڏو ڄاڻو ھو۔
پير حسام الدين شاھ راشديءَ جي شخصيت جو سڀ کان نمايان پاسو سندس تحقيق ھو۔ ھن سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ادب تي گھڻي محنت ڪئي۔ ھن ڪيترائي ناياب قلمي نسخا ڳولي، ايڊٽ ڪري ڇپرايا، جيڪي اڳ لڪل ھئا۔ سندس ڪم سنڌ جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو ـ سندس لکڻين ۾ تحقيق جي گھرائي، دليلن جي پختگي ۽ ٻوليءَ جي سلاست نمايان نظر اچي ٿي۔ ھو ھر موضوع کي وڏي سنجيدگي ۽ ذميواري سان لکندو ھو، جنهن ڪري سندس لکڻيون اڄ به معتبر سمجهيون وڃن ٿيون۔
پير حسام الدين راشديءَ ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ايڊٽ ڪيا، جن ۾ “مقالات الشعراء”، “تذڪره شعراء سنڌ”، “ڳالهيون منهنجي سنڌ جون” ۽ ٻيا ڪيترائي اهم ڪتاب شامل آهن۔ سندس تحريرن ۾ سنڌي سماج، تاريخي حقيقتن ۽ ثقافتي ورثي جو عڪس ملي ٿو ـ ھن سنڌ جي صوفي روايتن تي پڻ ڪم ڪيو ۽ بزرگن جي حياتين کي قلمبند ڪيو۔ سندس تحقيق ۾ سچائي ۽ اصليت جو عنصر نمايان آھي۔ ھو تاريخ کي محض بيان نه ڪندو ھو، پر ان جي تنقيدي ڇنڊ ڇاڻ به ڪندو ھو۔
پير حسام الدين راشديءَ جي علمي خدمتن کي عالمي سطح تي پڻ مڃتا ملي۔ ھو ڪيترن علمي ادارن سان لاڳاپيل رھيو ۽ ڪيترن ئي عالمي سيمينارن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪئي۔ سندس تحقيق نه صرف سنڌ پر پوري ننڍي کنڊ جي تاريخ لاءِ اهم آھي۔
سندس شخصيت ۾ عاجزي، سنجيدگي ۽ علمي وقار شامل ھئا۔ ھو نوجوانن کي تحقيق ۽ مطالعي جي ترغيب ڏيندو ھو ۽ علم کي سماج جي بھتري جو ذريعو سمجهندو ھو ۔ پير حسام الدين راشديءَ کي ڪيترائي اعزاز پڻ مليا، جن ۾ صدارتي تمغو پڻ شامل آھي ۔ سندس علمي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس وڏن عهديدارن ۽ ادارن پاران ساراھيو ويو۔
سندس وفات پھرين اپريل 1982ع تي ٿي، پر سندس علمي ورثو اڄ به زنده آھي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آھي۔ سندس ڪم سنڌ جي علمي دنيا ۾ ھميشه ياد رکيو ويندو۔ پير حسام الدين راشدي سنڌي ادب ۽ تاريخ جو اھڙو روشن ستارو آھي، جنھن جي روشني اڄ به علم جي واٽن کي روشن ڪري ٿي۔ سندس تحقيق، فڪر ۽ علمي خدمتون سنڌ جي سڃاڻپ جو اهم حصو بڻيل آھن۔
_____________

مجيد نواز مغل صحافي آھي ۽ سکر ۾ رھي ٿو



