Editor's pickMain Slideماحول

ٻرندڙ جبل ڇا آھن؟ اُھي ڇوٿا ڦاٽن؟  ٻرندڙ جبل فائديمند بہ آھن تہ تباھي بہ آڻين ٿا

ٻرندڙ جبل ٻيٽ ٺاهي سگهن ٿا، جبل جوڙي سگهن ٿا، ۽ مٽيءَ کي زرخيز بڻائي سگهن ٿا، پر اهي ڪجھه ئي ڪلاڪن ۾ سموريون وسنديون به تباهه ڪري سگهن ٿا.

ڊاڪٽر حسن حميده

ڪِيل، جرمني: ٻرندڙ جبل عالمي خطرو ڇو بڻيل آهن؟ اھڙن جبلن جي ڦاٽڻ ۽ انهن جي خطرن کي سمجھڻ لازمي آھي.

ڌرتيءَ جي سڀ کان وڏين طاقتن مان هڪ هئڻ جي نتيجي ۾، جديد سائنس ٻرندڙ جبلن تي گهري نظر رکي ٿي، پر انهن جي ڦاٽڻ کي نه روڪي سگهجي ٿو ۽ نه ئي اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي. فعال علائقن جي ويجهو لکين ماڻهن جي رهڻ جي ڪري، ٻرندڙ جبلن کي سمجھڻ هڪ انتهائي اهم عالمي ضرورت بڻيل آهي.

ڌرتيءَ جي گھيري جي گهرائيءَ ۾، ميگما )پگھريل پٿرن، قلمن (crystals)، ۽ حل ٿيل گيسن جو هڪ انتهائي گرم، مائع يا نيم مائع ميلاپ، جيڪو زمين جي سطح جي هيٺان تمام گهرائيءَ ۾ موجود هوندو آهي) ان ڪري مٿي اڀري ٿو جو اهو اڪثر اوسي پاسي جي پٿرن کان گھٽ گھاٽو  ٿئي ٿو. جيئن جيئن  اهو مٿي وڌي ٿو، گھٽجندڙ دٻاءُ گئسن کي پکڙجندڙ بوڙين جي صورت ۾ نڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو.

ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ جي شدت جو وڏو دارومدار ميگما جي بناوت ۽ ان ۾ موجود گئس جي مقدار تي هوندو آهي. جيڪو ميگما سليڪا سان مالا مال هوندو آهي، اهو انتهائي گھاٽوهوندو آهي، جيڪو گئسن کي تيستائين قيد رکي ٿو جيستائين دٻاءُ وڌي هڪ شديد ڌماڪي جي صورت اختيار نه ڪري وٺي.

واليڪينڪ ايڪسپلوئسيوٽي انڊيڪس (VEI) ٻُڙيءَ کان 8 تائين درجابندي ٿيل، بنيادي طور خام “طاقت” جي بجاءِ خارج ٿيل مواد جي مقدار جي بنياد تي ڦاٽڻ واري عمل جي درجي بندي ڪري ٿو، جنهن ۾ VEI-8 واقعا 1,000 ڪعب ڪلوميٽرن کان وڌيڪ مواد خارج ڪندا آهن.

ٻرندڙ جبل ڪٿي ٺهن ٿا ۽ اهي خطرناڪ ڇو آهن

ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ جو عمل ٽيڪٽونڪ پليٽن جي حدن ۽ علمِ ارضيات جي گرم نقطن (Hotspots) سان گهرو تعلق رکي ٿو.

پئسفڪ رنگ آف فائير (The Pacific Ring of Fire)  ۾ سوين اهڙا آتش فشان شامل آهن جيڪي هولوسين (Holocene) دور ۾ فعال رهيا آهن ۽ سبڊڪشن زونز (Subduction zones) سان جڙيل آهن. اهي اتي ٺهن ٿا جتي پليٽون هڪ ٻئي کان پري ٿين ٿيون (مثال طور آئيس لينڊ) يا خول جي اونھائيءَ وارن سوراخن/پليومز جي مٿان (مثال طور هوائي).

خطرناڪ اثر صرف جبل جي منهن (Crater) تائين محدود ناهن هوندا. جبلن جون لانھيون پائرُڪلاسٽڪ وهڪرن (Pyroclastic flows)—جيڪي گئس، رک ۽ پٿرن جا انتهائي گرم آميزش هوندا آهن، کي تيزيءَ سان هيٺ وهڻ جو رستو ڏين ٿيون، جڏهن ته جبل جي پاسن جو ڊهي پوڻ وڏين سونامين کي جنم ڏئي سگهي ٿو.

تاريخي آفتون: جڏهن ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ دنيا کي بدلائي ڇڏيو

ماؤنٽ تمبورا، انڊونيشيا (1815): تاريخ جي سڀ کان وڏي رڪارڊ ٿيل ڦاٽڻ واري واقعي ۾ سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ جو وڏو مقدار خارج ٿيو، جنهن سج جي روشنيءَ کي موٽائي ڇڏيو ۽ عالمي سطح تي سردي وڌائي. جنهن جي ڪري 1816ع وارو سال “بغير اونهاري وارو سال” بڻجي ويو ۽ فصل وڏي پيماني تي تباهه ٿيا.

ڪراڪاتاؤ، انڊونيشيا (1883): ڌماڪن ۽ ان جي نتيجي ۾ ايندڙ سونامين 36,000 کان وڌيڪ ماڻهن جون جانيون ورتيون، جنهن مان ثابت ٿيو ته ثانوي لهرون اڪثر اصل ڦاٽڻ واري عمل کان وڌيڪ جانيون وڃائي سگهن ٿيون.

نيواڊو ڊيل روئيز، ڪولمبيا (1985): گرميءَ موجود برف کي ڳاري ڇڏيو، جيڪا رک سان ملي خطرناڪ لاهارز Lahars  مٽيءَ ۽ ملبي جا وهڪرا بڻجي وئي، جنهن آرميرو شهر کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو ۽ لڳ ڀڳ 25,000 ماڻهو مارجي ويا.

ڇا آبهوا جي تبديلي ٻرندڙ جبلن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿي؟

جيتوڻيڪ ڌرتيءَ جا اندروني عمل آتش فشان جي حرڪت کي هلائين ٿا، پر آبهوا جي تبديليءَ جو ان سان هڪ اڻ سڌو تعلق آهي. برف جي وڏين ڇپن  جو ڳرڻ ڌرتيءَ تان گهڻو وزن هٽائي ڇڏي ٿو، جنهن سان هيٺين پٿرن ۾ دٻاءُ جون حالتون بدلجي وڃن ٿيون. برفاني وزن جو هي گھٽجڻ انھن علائقن ۾ آتش فشاني سرگرمين تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو جتي برف جا وڏا ذخيرا آهن.

بھرحال، هي هڪ سست عمل آهي ۽ ان جو مطلب اهو ناهي ته آبهوا جي تبديلي اوچتو سڄي دنيا ۾ آتش فشان جي ڦاٽڻ جو سبب بڻبي.

ٻرندڙ جبلن ڦاٽڻ جي آواز کي ٻڌڻ

ڇاڪاڻ ته ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ کي روڪي نٿو سگهجي، ان ڪري تيار رهڻ ۽ سائنسي نگراني ڪرڻ ئي انسانيت جو سڀ کان مضبوط دفاع آهي. علمِ آتش فشان جا ماهر (Volcanologists) مختلف شروعاتي اشارن تي نظر رکن ٿا: مثال طور ميگما جي حرڪت سبب زلزلي جي سرگرمين ۾ واڌ. سيٽلائيٽس ذريعي زمين جي سطح جي شڪل يا اوچائيءَ ۾ ٿيندڙ تبديلين جي ماپ. گرميءَ جي پد ۾ واڌ ۽ آتش فشاني گئسن جي بناوت ۾ تبديلي.

جديد نگراني وارن نظامن کي لازمي طور تي مختلف خطرن لاءِ الڳ الڳ ڀڄي نڪرڻ جي رستن ۽ ماڻھن کي آگاهيءَ سان جوڙڻ گھرجي ته جيئن هنگامي حالت کان اڳ ماڻھو بچاءَ لاءِ قدم کڻي سگهن.

آتش فشان قدرتي ارضياتي عمل آهن جيڪي اسان جي گرھ جي شڪل ٺاهين ٿا، وڏي پيماني تي گرمي، رک ۽ گئس خارج ڪندي نئين زمين جوڙين ٿا. جيتوڻيڪ سڄي دنيا ۾ هر سال سراسري طور 78 آتش فشان ڦاٽن ٿا، پر عالمي سطح تي آتش فشاني سرگرمي مسلسل نٿي وڌي.

جيڪا شئي وڌي رهي آهي، اها اسان جي ڏسڻ، سمجھڻ ۽ ردعمل ڏيڻ جي صلاحيت آهي. ڌرتيءَ کي بند (Switch off) نٿو ڪري سگهجي، پر بهتر نگراني، واضح خبردارين، ۽ اثرائتين تيارين ذريعي انسان اهو يقيني بڻائي سگهي ٿو ته آتش فشان جو ڦاٽڻ انساني آفت بڻجڻ بجاءِ هڪ قابو هيٺ رهندڙ قدرتي واقعو بڻجي رهي.

________  

Dr-Hassan-Humeida-310x330

ڊاڪٽر حسن حُميدھ، جرمني

ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button