Editor's pickMain Slideڪالمميڊيا

ھٿرادو ڏاھپ واري تيز ڊوڙ جي دور ۾ سچ تي قائم رهڻ

مصنوعي ذهانت (AI) راند جا اصول بدلائي ڇڏيا آهن. هن معلومات جي نمونن کي سمجهڻ، ڊيٽا جي تجزيي ۽ تيزيءَ سان تصديق کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. پر ٻئي طرف، حقيقت کي ٽوڙڻ مرورڻ، ڪوڙيون تصويرون، آواز ۽ داستان تخليق ڪرڻ به آسان بڻائي ڇڏيا آهن، جيڪي سچ ۽ ڪوڙ جي لڪير کي مٽائي ڇڏين ٿا.

تحرير: ريون ڊي سوزا

ايگزيڪيوٽِو مئنيجنگ ايڊيٽر، ’دي ٽائمز‘، ڪويت

ڪويت: هر ڏينهن ٻپهرن جو 3:30 وڳي، ڪويت جون فضائون ٻرڪي اٿن ٿيون. ٻڌندڙ ‘99.7 سپر اسٽيشن’ تي هڪ ڄاتل سُڃاتل موسيقي، ٽهڪن ۽ گفتگوءَ جو حصو بڻجن ٿا، جيڪو کين پنهنجي گهر جو احساس ڏياري ٿو. هي اهڙو ريڊيو آهي جيڪو روزاني زندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. پر تازو ھڪ منجهند جو، گفتگوءَ جو رخ بدلجي ويو. پروگرام جي هلڪي ڦلڪي لهجي جي پويان هڪ ڳنڀير سوال اڀري آيو: معلومات جي هن سيلاب ۾، اسان کي ڪيئن خبر پوي ته ڪهڙي ڳالهه تي اعتبار ڪجي؟

هي اهو سوال آهي جيڪو هاڻي صرف صحافين تائين محدود ناهي رهيو، پر هي هر ڪنهن جو سوال بڻجي چڪو آهي.

گوڙ ۾ هڪ پرسڪون آواز

علائقائي ڇڪتاڻ جي وقت ۾، جڏهن خبرون تيزيءَ سان بدلجن ٿيون ۽ جذبا ان کان به وڌيڪ تيز هوندا آهن، تڏهن سرڪاري ميڊيا اڪثر استحڪام جو مرڪز بڻجي ويندي آهي.

ڪويت ۾، ان ڪردار کي ’صبر ۽ تحمل‘ سان تعبير ڪيو ويو آهي. هر ترقيءَ جي پويان ڊوڙڻ بدران، سرڪاري ادارن احتياط، تسلسل ۽ مستند رپورٽنگ کي ترجيح ڏني آهي. نتيجي طور، ميڊيا جو هڪ اهڙو آواز اڀريو آهي جيڪو ورچي نه ٿو پر واضح معلومات کي تڪڙ تي ترجيح ڏيئي ٿو.

هن طريقي اعتبار ته پيدا ڪيو آهي، پر ان جي هڪ قيمت به آهي. ان دور ۾ جتي معلومات اک ڇنڀ ۾ پکڙجي ٿي، اتي ٿوري دير به هڪ خالي پڻو پيدا ڪري سگهي ٿي، جنهن کي غير تصديق ٿيل ذريعا فوري طور ڀري ڇڏيندا آهن. تنهن ڪري، چيلنج صرف درست هجڻ ناهي، پر ساک کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ پاڻ کي وقتائتو رکڻ به آهي.

جبلت کان نظام تائين

ڪجهه وقت اڳ تائين، صحافت ۾ تصديق جو دارومدار تجربي ۽ ان مهارت تي هوندو هو جيڪا سالن جي محنت کانپوءِ نيوز روم ۾ سکي ويندي هئي. اڄ صرف تجربي تي ڀاڙڻ ڪافي ناهي. مصنوعي ذهانت (AI) سان تيار ڪيل وڊيوز، پراڻي جنگي فوٽيج ۽ ٺاهيل تصويرون اهڙي تيزي سان پکڙجي رهيون آهن، جو نيوز رومز کي هاڻي انهن شين لاءِ باقاعده نظام جوڙڻو پيو آهي جيڪي اڳي صرف احساس تي ٻڌل هيون. تصديق هاڻي ڪم جو آخري مرحلو ناهي، پر سڄي عمل جو بنياد آهي.

معلومات هاڻي واضح درجابنديءَ مان گذري ٿي: غير تصديق ٿيل، جزوي طور تصديق ٿيل، ۽ مڪمل طور تصديق ٿيل. هر درجي جي پنهنجي اهميت ۽ احتياط جي سطح هوندي آهي. هي هڪ خاموش پر گهرو انقلاب آهي. صحافت هاڻي ان ڳالهه سان نه ٿي سڃاتي وڃي ته “ڇا ڄاڻ آهي”، پر ان سان سڃاتي وڃي ٿي ته “ڇا ثابت ڪري سگهجي ٿو”.

ٻه مُنھين تلوار جهڙي مشين

مصنوعي ذهانت (AI) راند جا اصول بدلائي ڇڏيا آهن. هن معلومات جي نمونن کي سمجهڻ، ڊيٽا جي تجزيي ۽ تيزيءَ سان تصديق کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. پر ٻئي طرف، حقيقت کي ٽوڙڻ مرورڻ، ڪوڙيون تصويرون، آواز ۽ داستان تخليق ڪرڻ به آسان بڻائي ڇڏيا آهن، جيڪي سچ ۽ ڪوڙ جي لڪير کي مٽائي ڇڏين ٿا.

هن صورت ۾، AI صرف هڪ اوزار يا خطرو ناهي، پر ٻئي آهن. هي صحافين جي صلاحيتن کي وڌائي ٿو، پر گڏوگڏ غلط معلومات جي پهچ کي به وڌائي ٿو. هي معيار کي بلند به ڪري ٿو ته ان کي ڪيرائي به سگهي ٿو. نتيجي طور هڪ نئون نيوز روم اڀري رهيو آهي، جتي انساني فيصلي ۽ مشين جي تيزي کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي.

پهريان هجڻ جي ڊوڙ جو خاتمو

ڏهاڪن تائين صحافت جو بنيادي مقصد “سڀ کان پهريان خبر ڏيڻ” هوندو هو. پر اڄ جي دور ۾ اهو منطق ناڪام ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. غلط هجڻ جو نقصان اڳي ڪڏهن به ايترو گهڻو نه هو. هڪ غلط خبر منٽن ۾ سڄي دنيا ۾ پکڙجي سگهي ٿي، جنهن سان سالن جو ٺهيل اعتماد پل ۾ ختم ٿي سگهي ٿو.

تنهن ڪري، هڪ نئين ادارتي سوچ جنم وٺي رهي آهي: “پهريان هجڻ جي اهميت صرف هڪ ڀيرو آهي، پر درست هجڻ جي اهميت هميشه رهندي.” هيءَ تبديلي ان حقيقت کي ظاهر ڪري ٿي ته هاڻي اعتبار ملندو ناهي، پر ان کي مسلسل ثابت ڪرڻو پوندو آهي.

مختلف رخ، مختلف ڪهاڻيون

ڪنهن به واقعي کي بيان ڪرڻ جو انداز ان ڳالهه تي هوندو آهي ته اهو ڪير ٻڌائي رهيو آهي. عالمي ميڊيا واقعن کي وڏي جاگرافيائي تناظر ۾ ڏسي ٿي، جڏهن ته مقامي ميڊيا ثقافتي پسمنظر ۽ ان جي سماجي اثرن کي بهتر سمجهي ٿي. ڪوبه نظريو ٻئي کان گهٽ ناهي، هر هڪ جو پنهنجو مقصد آهي. پر عوام لاءِ انهن فرقن کي سمجهڻ ضروري آهي، ڇو ته اهو ئي فرق ٻڌائي ٿو ته توهان ڪنهن خبر کي صرف ڏسي رهيا آهيو يا ان کي سمجهي به رهيا آهيو.

ميڊيا جي مٽجندڙ شڪل

جيڪڏهن روايتي صحافت ڪنهن دور ۾ واضح حدن ۾ رهندي هئي، ته هاڻي اهي حدون ختم ٿي چڪيون آهن. سوشل ميڊيا نيوز روم کان وڌيڪ تيزي سان خبرون پهچائي ٿو. اهي پليٽ فارم تيز ۽ اثرائتا آهن، پر غير منظم (Unfiltered) پڻ آهن. نتيجي طور، هڪ اهڙو ماحول پيدا ٿيو آهي جتي تصديق ٿيل خبرون ۽ اڻ تصديق ٿيل دعوائون هڪ ٻئي سان ملي ويون آهن. صحافت ختم ناهي ٿي، پر هاڻي ان کي هڪ اهڙي ماحول ۾ مقابلو ڪرڻو پوي ٿو جيڪو ان جي اختيار ۾ ناهي.

جڏهن عوام اڳتي وڌي ٿو

سڀ کان وڏي تبديلي نيوز روم جي اندر نه پر ٻاهر آئي آهي. عوام هاڻي خاموش ٻڌندڙ ناهي رهيو. هر فرد، جنهن وٽ سمارٽ فون آهي، معلومات کي پکيڙڻ ۽ ان جي تصديق ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو. پر طاقت سان گڏ ذميواري به اچي ٿي.

معتبر صحافت ۽ گمراهه ڪندڙ مواد ۾ فرق ڪرڻ هاڻي اختياري ناهي، پر هڪ لازمي مهارت بڻجي ويو آهي. ان جي شروعات سادن سوالن سان ٿئي ٿي: “هن معلومات جو ذريعو ڪير آهي؟”، “ڇا ٻين هنڌن تان به ان جي تصديق ٿي آهي؟”، “ڇا مان معلومات پکيڙي رهيو آهيان يا غير يقيني صورتحال؟” اڪثر ڪري غلط معلومات ڪنهن بري نيت سان نه، پر بنا تصديق جي فوري ردعمل ڏيڻ جي ڪري پکڙجي ٿي.

سچ جو نئون معيار

نتيجي طور، اڄ جي صحافت جو چيلنج صرف ٽيڪنالاجي يا تيزي ناهي، پر “اعتبار” آهي. ان دنيا ۾ جتي معلومات جام آهي پر يقين جي گهٽتائي آهي، اتي سڀ کان اهم سوال اهو ناهي ته “ڇا ٿي رهيو آهي؟”، پر اهو آهي ته “مان ڪهڙي ڳالهه تي اعتبار ڪري سگهان ٿو؟”

ان جو جواب انهن صحافين جي گڏيل ڪوششن ۾ آهي جيڪي تڪڙ تي سچائي کي ترجيح ڏين ٿا، انهن ادارن ۾ جيڪي ساک جي حفاظت ڪن ٿا، ۽ ان عوام ۾ جيڪي معلومات جي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار سڃاڻن ٿا. ڇاڪاڻ ته اڄ جي دنيا ۾ سچ صرف ٻڌايو نه ويندو آهي، پر ان جو دفاع ڪيو ويندو آهي.

______________

ڏکڻ ڪوريا جي خابرو اداري The AsiaN جي انگريزي سروس جي ٿورن سان . ترجمو: جيمناءِ

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button