Editor's pickMain Slideاولھ ايشيا

ايران مٿان مڙھيل آمريڪي اسرائيلي جنگ ۾ فن ۽ فنڪارن جو قتل

آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن ۾ ايران جي 1,200 تاريخي ماڳن کي نقصان پهتو آهي. انهن مان ڪجهه تمام مشهور آهن ۽ يونيسڪو جي فهرست ۾ شامل آهن. تهران کان پوءِ اصفهان ۽ شيراز شهرن کي سڀ کان وڌيڪ نشانو بڻايو ويو آهي. اهي سڀئي شهر پارسي تهذيب ۽ مختلف سلطنتن ۽ بادشاهتن جي نشانين سان مالا مال آهن.

انهن قومي ۽ عوامي هنڌن کان علاوه، نجي آرٽ سينٽر پڻ جنگ ۾ تباهه ٿي ويا آهن. تهران ۾ هڪ خانگي ميوزڪ اسڪول مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي ۾ درجنين ٻار ۽ شاگرد مارجي ويا آهن. انهن مان هڪ نوجوان ٿيٽر آرٽسٽ هئي، جنهن گذريل سياري ۾ تهران ۾ هڪ ڊرامي ۾ اداڪاري ڪئي هئي.

هڪ ميوزڪ اسڪول ۾ ٽٽل ساز، جيڪو ميزائل حملي ۾ تباهه ٿي ويو.

تحرير: علي رضا بهرامي

تهران: جنگ تباهي آڻيندڙ هوندي آهي. نشانن جي وڏي درستگي  جي دعوائن جي باوجود، جديد ۽ مشيني جنگ وڌيڪ خطرناڪ آهي؛ ڇاڪاڻ ته ميزائلن ۽ بم ۾ ڪيتريون ئي خاصيتون هونديون آهن: شدت، رفتار، طاقت ۽ بيدردي.

انسان سڀ کان اهم شئي آهن جن کي ميزائل ۽ بم تباهه ڪن ٿا؛ چاهي اهو جمهوريت ۽ آزادي جي ترقيءَ جي دعوي سان ئي ڇو نه هجي. اهڙي منافقانه ۽ تضادن سان ڀريل ماحول ۾، فن (آرٽ) به جنگ جي ڪيترن ئي شڪارن مان هڪ آهي.

ميزائل ۽ بم نه رڳو فردن جا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪن ٿا، پر اهي اجتماعي سڃاڻپ تي پڻ گوليون هلائين ٿا. سينٽ ڪام (Centcom) اعلان ڪيو آهي ته هڪ مهيني اندر ايران ۾ 11,000 ٽارگيٽس تي حملا ڪيا ويا. سڀ کان وڌيڪ حملا ايران جي گاديءَ واري شهر تهران تي ڪيا ويا. انهن مان هڪ حملي ۾ مشهور ايراني فلم ساز ۽ ڪانز فلم فيسٽيول ۾ ’پام ڊي اور‘ (Palme d’Or) کٽيندڙ، عباس ڪيروستامي جو گهر به متاثر ٿيو. اهو اعلان ڪياروستامي جي پٽ پاران ڪيو ويو. عباس ڪياروستامي سالن تائين هن گهر ۾ رهيو، جڏهن هن پنهنجون ڪامياب فلمون ٺاهيون ۽ مختلف فيسٽيولن مان ايوارڊ کٽڻ بعد هن ئي گهر موٽي ايندو هو.

تاريخي سعد آباد محل ۾ ’گرين هال‘. يونيسڪو جي سيڪريٽري جنرل گذريل هفتي ايران جي جنگ متاثر تاريخي ماڳن جو دورو ڪيو. (فوٽو: هربرٽ ڪريم مسيحي)

آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن ۾ ايران جي 1,200 تاريخي ماڳن کي نقصان پهتو آهي. انهن مان ڪجهه تمام مشهور آهن ۽ يونيسڪو جي فهرست ۾ شامل آهن. تهران کان پوءِ اصفهان ۽ شيراز شهرن کي سڀ کان وڌيڪ نشانو بڻايو ويو آهي. اهي سڀئي شهر پارسي تهذيب ۽ مختلف سلطنتن ۽ بادشاهتن جي نشانين سان مالا مال آهن.

انهن قومي ۽ عوامي هنڌن کان علاوه، نجي آرٽ سينٽر پڻ جنگ ۾ تباهه ٿي ويا آهن. تهران ۾ هڪ خانگي ميوزڪ اسڪول مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. ملبي مان ٽٽل ساز ڪڍندي، ان جي مالڪ چيو: “منهنجي سڄي ملڪيت تباهه ٿي چڪي آهي، پر مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته مان پنهنجي شاگردن جي فون ڪالن جو جواب ڪيئن ڏيان.”

جنگ وڏن سان گڏ ٻارن کي به ماري ٿي. بدقسمتيءَ سان، ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي ۾ درجنين ٻار ۽ شاگرد مارجي ويا آهن. انهن مان هڪ نوجوان ٿيٽر آرٽسٽ هئي، جنهن گذريل سياري ۾ تهران ۾ هڪ ڊرامي ۾ اداڪاري ڪئي هئي.

عباس ڪيروستامي تهران ۾ پنهنجي گهر ۾. ميزائل حملي ۾ هن جي گهر کي نقصان پهتو.

ايران 1980ع واري ڏهاڪي ۾ عراق سان اٺ سال جنگ جو تجربو ڪري چڪو آهي، تنهنڪري ايران ۾ جنگي ادب (War Literature) تمام گهڻو سرگرم رهيو آهي. پر هن جنگ ۾ ايترو ادب نظر نٿو اچي. هن نقطي کي سماجي تناظر ۾ پرکي سگهجي ٿو. شايد ان جو هڪ سبب ڏک جو اهو گهرو احساس آهي، جنهن کي اڃا تائين شاعرن پنهنجي اندر ۾ هضم ناهي ڪيو.

تنهن هوندي به، هر روز ايراني اسٽار ۽ سپرسٽار اداڪار امدادي ڪارڪنن ۽ ريڊ ڪريسنٽ (هلال احمر) جي رضاڪارن وٽ وڃن ٿا ۽ سندن شڪريو ادا ڪن ٿا. اهڙي ريت فنڪار امدادي ڪارڪنن جي حوصلي کي وڌائين ٿا.

تنهنڪري، هر حال ۾، فن پنهنجو رستو پاڻ ڳولي وٺي ٿو؛ چاهي جنگ ان کي قتل ئي ڇو نه ڪري ڇڏي.

____________

علي رضا بهرامي، تهران ۾ رھندڙ هڪ سينيئر صحافي آهي. هو سيول ۾ قائم ايشيا جرنلسٽ ايسوسيئيشن جو ميمبر آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button