سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور جي شفا ڏيندڙ ھڪ گھراڻي جو عروج ۽ ميسارجندڙ آثار
شڪارپور جي سومرا حڪيمن ڪنھن زماني ۾ شهر جي علمي ۽ روحاني زندگيءَ کي روشن رکيو ھو. انتهائي ڏکوئيندڙ ڳالھ آهي ته شڪارپور جي انهن حڪيمن، عالمن ۽ صوفين جون آخري آرامگاهون، اهي ماڻهو جن ڪڏهن شهر کي علم ۽ شفا سان روشن ڪيو هو، اڄ خاموشيءَ سان ڀڄي ڀُري رهيون آهن.
اها ئي اداسي انهن جي دواخانن تي به ڇانيل آهي. اهي جڳهيون جيڪي ڪڏهن آباد هيون، جتي دوائون تيار ٿينديون هيون، نسخا لکيا ويندا هئا ۽ شاگردن کي سيکاريو ويندو هو، اڄ هڪ افسوسناڪ منظر پيش ڪن ٿيون. الماريون ٽٽي رهيون آهن؛ اهي ديوارون جيڪي علمي بحثن ۽ مريضن جي مشورن جون شاهد هيون، هاڻي خاموشيءَ سان ميسارجي رهيون آهن. اها جسماني تباهي شڪارپور جي ان عظيم الشان علمي ثقافت جي ميسارجڻ جو عڪس آهي.

ذوالفقار علي ڪلهوڙو
شڪارپور جي مرڪز ۾، تاريخي خليفه نصرالله روڊ تي، هتان جي مشهور حڪيمن جا ميسارجي ويندڙ مقبرا موجود آهن، جيڪي هڪ شاندار علمي ماضيءَ جا خاموش پر طاقتور گواهه آهن. اهي مقبرا ڪڏهن انهن ماڻهن لاءِ عزت، احترام ۽ گڏيل شڪرگذاريءَ جي علامت هئا، جن جسماني بيمارين جو علاج ڪيو، روحن جي رهنمائي ڪئي ۽ شهر جي علمي زندگيءَ کي تشڪيل ڏنو. اڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾، شڪارپور جا حڪيم رڳو طبيب نه هئا، پر اهي مذهبي عالم، استاد ۽ اڪثر صوفي پڻ هئا، جن جا دواخانه شفا ۽ علمي مباحثن جا مرڪز هوندا هئا.
انهن ۾، “خليفه” (روحاني نائب) جي نالي سان مشهور حڪيمن جا مقبرا خاص طور تي نمايان آهن. شڪارپور جي شاهه حسين محلي ۾ خليفه نصرالله روڊ تي واقع ٻه مقبرا پنهنجي منفرد فنِ تعمير سبب مشهور آهن. پهريون مقبرو خاندان جي هڪ خاتون جو آهي ۽ ٻيو مقبرو خليفه ڪرم الله، خليفه نصرالله ۽ خليفه محمد ابراهيم جو آهي. اهي سڀ شخصيتون طب جي علم ۾ ماهر هجڻ سان گڏ مذهبي عالم به هيون. مان مقبرن جو ذڪر اڳتي هلي ڪندس، پر پهرين ان حڪيم خاندان بابت ڪجهه ڳالهيون، جنهن شڪارپور جي سماجي ۽ مذهبي تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن نه رڳو مريضن جو علاج ڪيو پر مذهبي مدرسن ۾ تعليم پڻ ڏني.

اهي خليفا “سومرا” برادريءَ سان تعلق رکندا هئا. شڪارپور جي هن حڪيم خاندان مسجدون ۽ مدرسا اڏايا ۽ حڪمت خانا، دواخانه يا شفاخانه هلايا. “خليفن جي دواخاني” جي تاريخ خليفه ڪرم الله سومرو سان شروع ٿئي ٿي. هن خاندان جي پهرين نمايان شخصيت خليفه ڪرم الله سومرو هئي، جيڪو هڪ صوفي، مذهبي عالم، حڪيم ۽ شاعر هو. لطف الله بدويءَ جي ڪتاب “تذڪره لطفي” (جلد ٻيو) مان معلوم ٿئي ٿو ته خليفه ڪرم الله سومرو، حافظ محمد رمضان جو پٽ هو. سندس والد پڻ پنهنجي پرهيزگاريءَ سبب مشهور هو.
خليفه ڪرم الله هڪ نيڪ ۽ پارسا انسان هو. لطف الله بدويءَ موجب، خليفه ڪرم الله ڪيترن ئي صوفي بزرگن مان روحاني فيض حاصل ڪيو. کيس خيرپور جي “کُهڙا شريف” جي مخدوم بزرگن پاران خلافت عطا ڪئي وئي هئي. اها ڳالهه واضح ناهي ته کهڙا شريف جي مخدوم خاندان جي ڪهڙي بزرگ کيس خلافت ڏني هئي. پروفيسر امين الله علوي پنهنجي مقالي “شڪارپور جا صوفياءِ ڪرام” (جيڪو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ترتيب ڏنل ڪتاب “شڪارپور: ماضي ۽ حال” ۾ شامل آهي) ۾ لکي ٿو ته خليفه ڪرم الله کي درازا جي فاروقي خاندان مان خواجه نظر محمد (وفات 1251 هجري/ 1835ع) قادري سلسلي ۾ شامل ڪيو هو.

چيو وڃي ٿو ته خليفه ڪرم الله عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو عالم هو. “تاريخ شڪارپور” جي مصنف عبدالرزاق ‘راز’ سومرو موجب، خليفه ڪرم الله سومرو 1230 هجري (1810ع) ۾ شڪارپور جي کٽياڻ محلي ۾ هڪ مدرسو پڻ قائم ڪيو هو. هن ان مدرسي ۾ هڪ مدرس ۽ مهتمم طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هن حڪمت ۽ تدريس جو سلسلو گڏ جاري رکيو. خليفه ڪرم الله سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري به ڪئي. هن شاعريءَ ۾ “ڪرم” تخلص استعمال ڪيو، تنهنڪري هو “خليفه ڪرم الله ڪرم” جي نالي سان به مشهور هو. هن 1271 هجري (1855ع) ۾ وفات ڪئي ۽ شڪارپور ۾ دفن ٿيو.
مولانا خليفه نصرالله سندس جانشين ٿيو. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته هو ڪرم الله جو پٽ هو، جڏهن ته پروفيسر امين الله علوي لکي ٿو ته مولانا خليفه نصرالله، مولانا خليفه ڪرم الله سومرو جو ننڍو ڀاءُ هو. هن پڻ خواجه نظر محمد کان بيعت ڪئي هئي. هن پنهنجي ڀاءُ جي ورثي کي اڳتي وڌايو، مدرسي ۾ پڙهايو ۽ حڪمت جي پريڪٽس ڪئي، جيڪا هن پنهنجي ڀاءُ کان سکي هئي. هو نه صرف هڪ طبيب ۽ عالم هو پر هڪ صوفي به هو. هن پنهنجي ڀاءُ پاران قائم ڪيل لائبريريءَ ۾ ڪتابن جو اضافو جاري رکيو. مولانا خليفه ڪرم الله درگاهه جي موجوده سجاده نشين، خليفه ڪليم الله موجب، مولانا خليفه نصرالله طب تي ناياب ڪتاب پڻ گڏ ڪيا هئا. خليفه نصرالله شاهه حسين محلي ۾ ان گهٽيءَ تي هڪ مسجد پڻ تعمير ڪرائي هئي، جيڪا هاڻي خليفه نصرالله روڊ سڏجي ٿي. هيءَ مسجد 1301 هجري (1884ع) ۾ تعمير ٿي هئي، جنهن جي پوءِ سندس جانشينن مرمت ۽ واڌارو ڪيو. خليفه نصرالله مسجد 2003ع ۾ ٻيهر تعمير ڪئي وئي.

خليفه نصرالله 1889ع ۾ وفات ڪئي ۽ کيس خليفه ڪرم الله جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. پروفيسر امين الله علوي موجب، خليفه نصرالله کي هڪ پٽ خليفه محمد ابراهيم هو، جنهن پنهنجي پيءُ جو ورثو جاري رکيو. هن مدرسي ۾ پڙهايو ۽ طب جو ڪم جاري رکيو. هو عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو عالم هو. هن 1897ع ۾ وفات ڪئي ۽ کيس پنهنجي پيءُ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. خليفه محمد ابراهيم کي ڪو پٽ نه هو، تنهنڪري سندس سالو محمد اڪرم سومرو خليفه ڪرم الله سومرو جي درگاهه جو متولي بڻيو. محمد اڪرم جي وفات کان پوءِ سندس پٽ مولانا خليفه عبدالغفور سومرا خاندان جو مشهور طبيب بڻيو. هو پڻ هڪ عالم ۽ حڪيم هو. هن طب، مذهب، تصوف ۽ ادب جي موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب گڏ ڪيا.
خليفه عبدالغفور حڪمت جي تربيت خليفه محمد ابراهيم کان حاصل ڪئي هئي. بعد ۾ هن دهلي جي طبيہ ڪالج ۾ حڪيم اجمل خان (وفات 1927ع) جي زير نگراني طبي تعليم حاصل ڪئي. ان وقت دهلي جي طبيہ ڪالج مان ڪيترن ئي مسلمان ۽ غير مسلم طبيبن تعليم حاصل ڪئي هئي. ايشر سنگهه هڪ مشهور طبيب هو جنهن 1926ع ۾ دهلي جي طبيہ ڪالج مان ڊگري حاصل ڪئي ۽ شڪارپور ۾ پنهنجي ڪلينڪ کولي. هو عربي، فارسي ۽ سنسڪرت جو عالم هو. ايشر سنگهه ۽ ٻين ڪيترن ئي حڪيمن بابت معلومات حڪيم نياز حسين جي ڪتاب “سنڌ جي طبي تاريخ” (جلد ٻيو، اشاعت 1976ع) مان ملي ٿي. هن ڪتاب ۾ شڪارپور شهر ۽ آس پاس جي ڳوٺن جي ٽالپر ۽ برطانوي دور جي ڪيترن ئي ممتاز حڪيمن جو ذڪر آهي.

انهن ۾ حڪيم مير محمد وفا لکوي، مير محمد شجاع لکوي، ڀڳت راڌا ڪرشن، مولانا عبدالغفور مفتون همايوني، حڪيم مير علي نواز علوي (وفات 1920ع)، حڪيم غلام شاهه لکوي، حڪيم سومومل (ميان جو ڳوٺ)، حڪيم نارائڻ داس (رستم شهر)، حڪيم مولوي عبدالرحيم سنڌي، حڪيم ڌنراج مل، ايشر سنگهه چرن سنگهه بيدي، حڪيم مولوي فضل الله شڪارپوري، مولوي الاهي بخش اعواڻ (وفات 1949ع)، پير فضل احمد سرهندي، حڪيم ڀوڄراج (لکي شهر)، مولانا حڪيم عبدالڪريم چشتي، سيد هدايت علي شاهه (امروٽ شريف) ۽ حڪيم دريل داس (سلطان ڪوٽ) شامل آهن. اهي ماڻهو رڳو طبيب نه هئا پر وڏا مذهبي عالم ۽ صوفي پڻ هئا.
دهليءَ مان موٽڻ کان پوءِ خليفه عبدالغفور شڪارپور ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو. هو مدرسي جو مدرس به هو ته مهتمم به. هو يوناني طب ۾ پنهنجي مهارت سبب پري پري تائين مشهور ٿيو. پنهنجي وڏن وانگر، بهاولپور ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن مان مريض سندس ڪلينڪ تي ايندا هئا. هن هڪ روزنامچو (ڊائري) پڻ رکيو هو جنهن جو نالو “بياضِ غياثيه” هو. اهو بياض رڳو هڪ نوٽ بڪ نه هو، پر سندس حڪمت جي تجربي جو علمي مرڪز هو. ان ۾ ڪيترن ئي نسلن کان گڏ ٿيل طبي معلومات، ڪلينڪل مشاهدن ۽ آزموده نسخن کي محفوظ ڪيو ويو هو.
خليفه عبدالغفور جي مهر لڳل “بياضِ غياثيه” اڄ به درگاهه جي موجوده سجاده نشين خليفه ڪليم الله سومرو وٽ موجود آهي. خليفه ڪليم الله سان انٽرويو دوران معلوم ٿيو ته خليفه عبدالغفور کي چار پٽ هئا: خليفه فتح الله، خليفه ثناءُ الله، خليفه لطف الله ۽ خليفه فضل الله. خليفه عبدالغفور 1960ع ۾ وفات ڪئي ۽ کيس شڪارپور جي “ڪيري نواب خان” قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

شڪارپور جي انهن سومرا طبيبن جا مقبرا پنهنجي فنِ تعمير جي حوالي سان پڻ اهم آهن. ٻئي مقبرا چورس بنياد تي ٺهيل آهن جن تي اڌ گول (hemispherical) گنبذ آهن. بدقسمتيءَ سان، 2022ع جي تباهه ڪندڙ برساتن دوران خليفه ڪرم الله جي مقبري جو گنبذ ڪري پيو. انهن برساتن نه رڳو مقبرن کي نقصان پهچايو پر درگاهه سان لاڳاپيل تاريخي لائبريريءَ کي به سخت نقصان پهچايو، جنهن ۾ 3,000 کان وڌيڪ ناياب ڪتاب موجود هئا. خليفه ڪرم الله جا ترجمو ٿيل ڪجهه ڪتاب به انهن برساتن ۾ ضايع ٿي ويا. اهو ڏسي ڏک ٿئي ٿو ته شڪارپور جا اهي نامور حڪيم، عالم ۽ صوفي، جن ڪڏهن شهر کي علم ۽ شفا سان منور ڪيو هو، اڄ خاموشيءَ سان مسمار ٿي رهيا آهن.
اهي زبون حال مقبرا ۽ قبرون هڪ گهري غفلت جي ڪهاڻي ٻڌائين ٿيون. اهي ڪي معمولي قبرون نه هيون، پر انهن طبيبن ۽ عالمن جون هيون جن جسمن کي شفا ڏني، روحن جي رهنمائي ڪئي ۽ نسلن تائين علم پهچايو. اڄ اهي پٿر جيڪي ڪڏهن سندن خدمتن جي ياد تازي ڪندا هئا، وقت ۽ بي ڌيانيءَ جا نشان کڻي مسمار ٿي رهيا آهن.
اها ئي اداسي انهن جي دواخانن تي به ڇانيل آهي. اهي جڳهيون جيڪي ڪڏهن آباد هيون، جتي دوائون تيار ٿينديون هيون، نسخا لکيا ويندا هئا ۽ شاگردن کي سيکاريو ويندو هو، اڄ هڪ افسوسناڪ منظر پيش ڪن ٿيون. الماريون ٽٽي رهيون آهن؛ اهي ديوارون جيڪي علمي بحثن ۽ مريضن جي مشورن جون شاهد هيون، هاڻي خاموشيءَ سان ميسارجي رهيون آهن. اها جسماني تباهي شڪارپور جي ان عظيم الشان علمي ثقافت جي ميسارجڻ جو عڪس آهي.
ان حوالي سان سرڪاري ادارن جي مداخلت جي سخت ضرورت آهي. نوادرات ۽ آثار قديمه کاتي (Directorate of Antiquities & Archaeology) کي گهرجي ته انهن حڪيمن جي تاريخي مقبرن ۽ دواخانن جي بحاليءَ لاءِ تڪڙا قدم کڻي. اهي عمارتون رڳو سرون ۽ گاري جو ڍير نه آهن، پر اهي شڪارپور جي عظيم علمي ۽ طبي ورثي جي علامت آهن. انهن کي مسمار ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ جو مطلب آهي شڪارپور جي ان سڃاڻپ کي وڃائڻ، جيڪا علم، شفا ۽ روحانيت جي روايتن سان جڙيل هئي.
_____________

ذوالفقار علي ڪلهوڙو اسلام آباد جي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ بشريات جو ماهر (Anthropologist) آهي. هن پاڪستان جي ثقافتي ورثي ۽ بشريات تي 18 ڪتاب لکيا آهن.




شڪارپور جي حوالي سان بھترين باب