ايران سان جنگ جو هڪ مهينو: پائدار حل لاءِ ڪا به واضح صورتحال ناهي
جنگ جو مقصد ايران جي صلاحيتن کي ختم ڪرڻ، ان جي قيادت کي مفلوج ڪرڻ ۽ وچ اوڀر جي اسٽريٽجڪ توازن کي نئين سر ترتيب ڏيڻ ھو پر جنگيون پاور پوائنٽ بريفنگز پيشڪش ذريعي نه هلنديون آهن، اهي ردعمل مان جنم وٺنديون آهن.
ايران جو جواب تيز ۽ وڏي پيماني تي هو. نه صرف اسرائيل پر نار جي ڇهن ملڪن تي هڪ هزار کان وڌيڪ حملا ڪري، تهران هن تڪرار کي ٻن ملڪن جي ويڙهه مان بدلائي هڪ علائقائي بحران بڻائي ڇڏيو آهي.
هي صرف بدلو ناهي، پر هڪ حڪمت عملي آهي. جنگ جي ميدان کي وسيع ڪري ايران اهو يقيني بڻايو آهي ته کيس فوجي طور تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي سياسي ۽ معاشي قيمت هر لاڳاپيل ڌر کي چڪائڻي پوندي.

ليکڪ: حبيب تومي
ڪويت: ايران سان جنگ کي هڪ مهينو گذرڻ کانپوءِ به هڪ خطرناڪ وهم قائم آهي ته هن تڪرار کي وڏي احتياط سان سنڀاليو پيو وڃي. پر حقيقت ۾ ائين ناهي. اسان جنهن دور مان گذري رهيا آهيون اهو مقرر ڪيل مقصدن ۽ واضح حدن سان ڪا طئہ ٿيل فوجي مهم ناهي، پر اها وڌندڙ ڇڪتاڻ، غلط فهمين ۽ سياسي ايجنڊائن جي دٻاءُ هيٺ علائقائي نظم و ضبط جي تباهي آهي.
آمريڪا ۽ اسرائيل پاران شروعاتي حملن جو پيمانو پنهنجو غلبو ڏيکارڻ لاءِ جوڙيو ويو هو. چئن هفتن دوران 1,500 کان وڌيڪ فضائي حملن ۾ ايران جي فوجي ڍانچي، توانائي جي وسيلن ۽ جوهري مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو. مقصد بلڪل واضح هو: ايران جي صلاحيتن کي ختم ڪرڻ، ان جي قيادت کي مفلوج ڪرڻ ۽ وچ اوڀر جي اسٽريٽجڪ توازن کي نئين سر ترتيب ڏيڻ. پر جنگون پاور پوائنٽ پيشڪش مطابق نه هلنديون آهن، اهي ردعمل ۾ تبديل ٿينديون رهنديون آهن.
ايران جو جواب تيز ۽ وڏي پيماني تي ڦهليل هو. نه صرف اسرائيل پر نار جي ڇهن ملڪن تي هڪ هزار کان وڌيڪ حملا ڪري، تهران هن تڪرار کي ٻن ملڪن جي ويڙهه مان بدلائي هڪ علائقائي بحران بڻائي ڇڏيو آهي.
هي صرف بدلو ناهي، پر هڪ حڪمت عملي آهي. جنگ جي ميدان کي وسيع ڪري ايران اهو يقيني بڻايو آهي ته کيس فوجي طور تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي سياسي ۽ معاشي قيمت هر لاڳاپيل ڌر کي چڪائڻي پوندي.
۽ اها قيمت هاڻي ظاهر ٿي رهي آهي.
“ايراني نار” (Strait of Hormuz) جي لڳ ڀڳ مڪمل بندش، جتان دنيا جي تيل ۽ گئس جو پنجون حصو گذري ٿو، عالمي توانائي جي سلامتي جي ڪمزوري کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ بحري آمدرفت ختم ٿي وئي، تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿي ۽ عالمي منڊين ۾ خوف پکڙجي ويو. هن جنگ اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي آهي جنهن کي پاليسي ساز اڪثر نظرانداز ڪندا آهن: هن ڳنڍيل دنيا ۾ علائقائي جنگون ڪڏهن به علائقائي ناهن رهنديون.
تنهن هوندي به، هن تڪرار جو سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ پهلو معاشي ناهي، پر انساني آهي.
ايران کان لبنان ۽ عراق تائين، ڪيترن ئي ملڪن ۾ فوتين جو انگ وڌي رهيو آهي. لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، سڄيون وسيون اجڙي ويون آهن ۽ اهم بنيادي ڍانچو تباهه ٿي چڪو آهي. انگن اکرن جي پويان هڪ تلخ سچائي اها آهي ته جنگ جا هي انساني نتيجا ڪو غير ارادي حادثو ناهي، پر اهي هن ويڙهه جي طريقيڪار جو حصو آهن.
شهري علائقن، توانائي جي مرڪزن ۽ اهم نشانين تي ٿيندڙ حملا ظاهر ڪن ٿا ته هتي رعب ويهارڻ ۽ نمائش ٻئي شامل آهن. هي اها جنگ آهي جيڪا صرف دشمن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ناهي، پر عوام، اتحادين ۽ عالمي دنيا کي پيغام ڏيڻ لاءِ وڙهي پئي وڃي.
جيڪڏهن ايئن آهي، ته پوءِ جنگ پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي. پر اها ڪاميابي اهڙي قيمت تي ملي رهي آهي جنهن کي ڪو به تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
سياسي طور تي، هي تڪرار اسٽريٽجڪ ضرورتن سان گڏوگڏ ملڪي مفادن جي بنياد تي پڻ طئہ ڪيو پيو وڃي. واشنگٽن ۾ هٻڪ هڪ ٻي ڊگهي جنگ کان بيزار عوام جي عڪاسي ڪري ٿي. اسرائيل ۾ ان جي ابتڙ صورتحال آهي: اتي عوامي حمايت وڌيڪ شدت کي هٿي ڏئي رهي آهي. انهن ٻنهي پوزيشنن جي وچ ۾ مقصدن جو هڪ وڏو فرق آهي، جيڪو ڪنهن به واضح نتيجي کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو.
ان دوران، سفارتڪاري امن جو رستو گهٽ پر جنگي حڪمت عملي جو هڪ وقفو وڌيڪ لڳي ٿي. منصوبن ۽ ڳجهين ڳالهين جا اعلان هڪ تحرڪ جو تاثر ته ڏين ٿا، پر ان بابت ڪا به واضح صورتحال ناهي ته هڪ پائيدار حل ڪيئن هوندو. بحري رستن کي کولڻ ڪا امن جي حڪمت عملي ناهي، اها صرف نقصان کي گهٽائڻ جي ڪوشش آهي.
۽ اهو به غير يقيني آهي.
گهري پيماني تي مسئلو اهو آهي ته هن تڪرار جي ڪا به ڌر بنيادي طور تي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ جو ارادو نٿو رکي. ان جي بدران، هر ڌر ڳالهين جي ميز تي اچڻ کان اڳ فوجي، سياسي يا علامتي طور تي مٿڀرائپ چاهي ٿي. هي منطق ان ڳالهه جي ضمانت ڏئي ٿو ته جنگ جاري رهندي، ڇاڪاڻ ته هر نئين حملي کي ناڪامي بدران ڳالهين جي شرط طور پيش ڪيو پيو وڃي.
نتيجي طور سڄو علائقو هڪ خطرناڪ چڪر ۾ ڦاسي ويو آهي: حملو، جوابي حملو، ويڙهه جي وسعت ۽ وري ساڳيو ورجاءُ.
هن وقت کي جيڪا شئي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ٿي، اها ان ۾ شامل ڌرين جو انگ آهي. لبنان کان خليج ۽ يمن تائين، هي تڪرار هاڻي محدود ناهي رهيو. هر نئون محاذ پنهنجا نوان خطرا پيدا ڪري ٿو. نئين قوتن جي شموليت نه صرف جنگ کي وسيع ڪري ٿي پر ان کي ضابطي کان ٻاهر نڪرڻ جي امڪان کي به وڌائي ٿي.
هي پهرين مهيني جو اصل سبق آهي.
ايران سان جنگ شايد طاقت جي مظاهري لاءِ شروع ڪئي وئي هئي، پر ان جي بدران هيءَ فوجي طاقت، رعب ۽ ان سوچ جي “حدن” جو مظاهرو بڻجي وئي آهي ته پيچيده علائقائي حقيقتن کي صرف طاقت جي زور تي تبديل ڪري سگهجي ٿو.
اڃا به “آخري نتيجن”، “فيصله ڪن ڪاميابين” ۽ “اسٽريٽجڪ فتحن” جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. پر هڪ مهيني کانپوءِ جيڪا واحد شئي پڪ سان چئي سگهجي ٿي، اها “غير يقيني صورتحال” آهي. ۽ وچ اوڀر ۾، غير يقيني صورتحال ڪڏهن به مستحڪم ناهي هوندي.
_________________

حبيب تومي مناما، بحرين ۾ رھندڙ سينئر صحافي ۽ ڪوريا جي خابرو اداري دِي ايشيا اين انگريزي سروس جو ايڊيٽر اِن چيف آھي
The AsiaN جي ٿورن سان



