مير محمد پيرزادو جڏھن فون تي ٽهڪ ڏيندو هيو ته ميلَن جا مفاصلا پل ۾ ختم ٿي ويندا هيا
مير محمد پيرزادو جنهن ننڍڙي دوڪان ۾ دونهين دُکايون ويٺو هيو، اُها مڙهي، اُن مڻياندار ماڻهوءَ سان ڀريل هئي، هاڻ اُها ڏسي مون کي شاهه لطيف جو ٻه سٽو بيت ٿو سامهون اچي ته:
سامي مڙهي سندياءِ، سامُهين مون سيلُ ٿي،
سا تو ڪوهه اڏياءِ، جي نانگا وڃين نڪريو.
رحمت پيرزادو

بابا کان گاڏي گھرڻ لاءِ چانڊين جا واٺا پيا ايندا هيا ۽ ٻيا شهر جا واندا ماڻهو پر بابا انهن کي گاهه ئي نه وجھندو هيو. اليڪشن جي ٽائيم ۾ گاڏيءَ جا ويل ڪڍرائي، گُدام ۾ ٻورين سان گاڏي ڍڪرائي ڇڏيئين، نه ته اليڪشن ڊيوٽيءَ جي بهاني سرڪاري گاڏيون کڄي وينديون هيون ته کڙتو ڪري واپس ڏئي ويندا هيا.
بابا اڪثر هوشيار ۽ ٽيلينٽيڊ ماڻهن جو قدر ڪندو هيو، انهن جي ڪم ايندو هيو ۽ اختيارَن کان وڌي به عام ماڻهن جي مدد ڪندو هيو. هِن سڄي تَر جي ايگريڪلچرسٽ کي ڊرافٽنگ بابا سيکاري، اي ٽي آءِ جا آفيسر ته اڪثر سرڪاري خطن جي جوابن لاءِ بابا وٽ پيا ايندا هيا ۽ بابا کي انهن پراون کاتن جي پراڻي ڊيٽا به ياد هوندي هئي ۽ انفليشن رپورٽون بنا فائيل ڏسڻ جي لکي ويندو هيو.
منهنجي بابا کان هڪ ئي شڪايت آهي ته هُن مون کي انگريزي ڇو نه سيکاري؟ بابا مون کي رياضي پاڻ پڙهائي، راڳ پاڻ سيکاريو، شاعري پاڻ سيکاريئين، سياست جا داو ۽ گُرَ ٻڌايئين ته هن ملڪ جي سياست ۽ سنڌ جي سياست ڇا آهي، باقي انگريزيءَ جي حوالي سان مون کي اڄ به پنهنجي نااهليءَ جو (Complex) هوندو آهي.
هُو ماڻهو ڇا هيو، هُن آخري ڪتاب خالق جوڻيجي جي آتم ڪهاڻيءَ جو پهريون جلد، نئون نياپو جو ڇاپيل پڙهيو ۽ ڪجھ مون به سندس چوڻ تي کيس پڙهي ٻڌايو. بابا جي سڄي زندگيءَ جو مرڪز ادب، سياست، سنڌ ۽ سڪرنڊ رهيا. هُن هِيرا تراشيا، جيڪي ماڻهوءَ مان انسان بڻجي ويا. اهڙي ماڻهوءَ کي مرڻ ڪيئن پئي ڏئي سگھياسين؟ …….. اسان ۾ سڀ ڪجھ هيو، مان هُن کي روڪي سگھان پيو، پر اهڙو ماڻهو ايترو ڪمزور، نٻل ٿي ويو، بي وس ٿي ويو. هُو پنهنجي وڏي ڌيءُ جي وفات جو سُور سَهي نه سگھيو ۽ ميڻ بتيءَ جيان رجندو رهيو.
مون ڏي سڪرنڊ مان معشووق مگسيءَ فون ڪئي ۽ امان به چيو ته تون اچ. اسان اهو فيصلو ڪيو ته بابا کي ڪراچي کڻائي ٿا وڃئون. مان چيو ”بابا! هاڻي هل ڪراچيءَ مون سان هلي گڏ رهه.“
چاچي معشوق چيس ”سائين رحمت الله سهي ٿو چئي.“
بابا چاچي معشوق مگسيءَ کي جملو چيو ”هي چئي ٿو ته سڪرنڊ مان منهنجي پاڙ ئي پٽجي وڃي.“ (اڙي بابا تون ڇو پرائي شهر ۾ پنهنجون پاڙون ڪيون ويٺو هئين، تنهنجو جنم ڀومي لاڙڪاڻو هيو.) اسان کلڻ لڳاسين.
چاچا معشوق چيس ”نه چئي ٿو اسپتال ٿا هلئون.“
چيئين ”ڀلي هلو.“
مان کيس ايمبولينس ۾ هٿن پيرن تي چميون ڏئي ڊائو هاسپيٽل وٺي آيس. ڊائو وارن چيو، هن جي ڪنڊيشن بهتر ناهي ۽ اسان وٽ ڪمرو به خالي ناهي، اوهان جناح وڃو. بابا ٽي ڏينهن جناح اسپتال جي وارڊ نمبر ست ۾ داخل هيو، سائين امداد جعفريءَ جناح جي ايم ايس سيمي جماليءَ کي چيو، اُن وينٽيليٽر خالي ڪرايو پر ڊاڪٽرن جو چوڻ هيو ته سائينءَ جي ڪنڊيشن وينٽيليٽر تي چاڙهڻ جهڙي به ناهي.
ماڻهوءَ جي هڪ اسٽيج اهڙي ٿي اچي جو پٽ جهڙو رشتو چئي ٿو ته ”شال بابا جي ڀلائي ٿئي…..“ اها وڏي بي وسي آهي…….. ”هلُ دنيا! ڇا ته تنهنجو دستور ڏٺوسين. اهڙو آدرشي، اهڙو (Optimist) انسان به زندگيءَ جي جنگ هارائي ٿو وڃي.“ بابا 08 جنوري 2019ع تي اڱاري جي ڏينهن منجھند جو جناح اسپتال ڪراچيءَ جي وارڊ نمبر 07 ۾ اُن وقت دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، جڏهن سندس ڀرسان فيض الله ۽ شاهه محمد ويٺا هيا ۽ آئون سندس پيرانڌيءَ کان بيٺو هيس. کيس هڪ جھَٽڪو آيو، مان سمجھي ويس ۽ سندس اکين تي هٿ ڏئي ڇڏيم. بابا جي هڪ اک پوءِ به کليل رهجي وئي. (موت به ميرمحمد پيرزادي جي صرف هڪ اک بند ڪري سگھيو.) منهنجو بابا ايشيا جي چندُ ڏاهن ماڻهن مان هڪ هيو.
هُن کي فيض الله ۽ شاهه محمد وڻندا هيا، ۽ مان ته سندس پُٽ هيس، ڄڻ هُن مطمعن ٿي زندگيءَ کي الوداع ڪيو. پوءِ مون ايمبولينس ڪرائي جنهن تي پهريان گھر طرف وياسين، ٻارَن کي به کنيوسين ۽ هَنڌ هَنڌ ماڻهن ايمبولينس بيهاري بابا تي گُل پَئي وڌا، اجرڪن ۽ گلابن جي پَتين ۾ حيدرآباد، سڪرنڊ، مورو (سڪرنڊ ۾ بابا جي جنازي تي تمام گھڻا ماڻهو آيا ۽ نماز به پڙهيائون، بنا سياسي فرق جي هر پارٽيءَ جا ليڊر ۽ ورڪر، سماجي تنظيمن، اديبن، شهري اتحاد وارن ۽ ٻهراڙين جي سوين ماڻهن سڪرنڊ ۾ کيس الوداع چيو.) انهيءَ آخري سفر جو احوال سنڌو پيرزادو تفصيل سان پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي.
سائين تاج جويو حيدرآباد کان اسان سان ايمبولينس ۾ هيو ۽ ٽيجھي تائين ٽئي ڏينهن اُتي اسان سان گڏ رهيو (جنهن لاءِ آئون سڄي عمر سندس احسان مند رهندس. بابا کي ڀاءُ نه هيو، چار ڀيڻون هيس پر تاج جويي ۽ معشوق مگسيءَ جهڙا هُن جا دوست هيا). سائين زين شاهه سڪرنڊ ۾ به گڏ هيو ۽ اُها رات لاڙڪاڻي ۾ به رهي، بابا جي تدفين ۾ شامل ٿيو ۽ حيدرشاهه سنائيءَ جي خاندان جي خاص دُعا به اتي پڙهيائين، سائين بخش قبولائي لواري شريف جي مريدن واري خاص دعا شريف پڙهي ۽ اهلِ سُنت جي مولويءَ به دعا پڙهائي.

بابا لاءِ ريکائون مئگزين پاران تعزيت نامه ۽ ٻين تعزيتي مضمونن کي خاص شماري ۾ پيش ڪيو ويو. هُن جي چاليهي تي سندس دوستن پاران پنج ڪتاب آندا ويا.
جڏهن بابا هي جهان ڇڏي ويو ته هُن سان گڏ جيڪي مون راڳ ٻڌا ۽ جيڪي ڪلام مختلف راڳن ۾ ٻڌا مون کي اُها شاعري ته هاڻ پَئي سمجھ ۾ اچي. هُو انهن ڪلامن تي ڇو روئندو هيو، مون کي هُن جا ڳوڙها ته هاڻي ٿا سمجھ ۾ اچن. اُهي استاد گھَراڻن جا اوسارا، اُهي اَلنڪار آلاپ، اُهي مُرڪون، اُهي مينڍون ته منهنجي مَن ۾ هاڻ پَئي لٿيون، منهنجي دل ۽ دماغ اُها شاعري ۽ راڳ ته هاڻ پَئي سمجھڻ شروع ڪيا. شاهه سائينءَ چيو هيو ته ”محبُوبن منٿون ڪري، سِڪڻ سيکاريومِ.“ سو مون کي جيڪا سُور جي سُتي منهنجي والد ڏني پَئي، اُن جو اثر ته مون تي هاڻ پَئي ظاهر ٿيو.
ويندَس يار مَري تان مَري
اڙي مٺڙا! تنهنجي ته دردَ فراق ۾ الا،
ويندس يارَ مري تان مري…….
اَٺ ئي پَهرَ اُداسَ ۾
چار ئي پَهرَ چَري تان چَري،
اڙي مٺڙا! تنهنجي ته دردَ فراق ۾ الا،
ويندس يارَ مري تان مري…….
سرتيون! شاهه لطيف چئي
ميڙو ٿيندو وري تان وري،
اڙي مٺڙا! تنهنجي ته دردَ فراق ۾ الا،
ويندس يارَ مري تان مري…….
هاڻي ميڙو ڪِٿي ٿو ٿي سگھي، هُو وڃڻ وارا ته هليا ويا ۽ علم وارا ته چئي ويا آهن ته:
جي قيام مِڙَن، ته ڪَر اوڏا سپرين،
تِهان پوءِ سُجھن، واڌايون وصال جون.
اڄ ڪوهياريءَ ۾ ڳايل استاد منظور علي خان جي هيءَ شاهه لطيف جي وائي ته:
مون نماڻيءَ کي نيندا ڙي نيندا،
آنءُ ڪُهه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو.
سَرتيون شاهه لطيف چئي
پاڻ ئي ساڻ نيندا ڙي نيندا.
آنءُ ڪُهه ڄاڻان پنڌُ ڪيچ جو.
هُو پاڻ سان ته وٺي ئي نه ويا، هاڻ ته ڏُتڙ پَئي ڏينهن ٿيا، الائي ڪڏهن ڪَرلاهُو ٿي ايندا! اُهي ملڻ جون مهلون ئي ٽري ويون:
هينئڙي سڄڻ ساريا، ڪٿي هوندم هيرَ،
واهيري جي ويرَ، چُڻڪَن اچيو چِتَ ۾.
ڪيئن ته استاد منظور علي خان دانهون ڪندو ڪُوڪندو هيو ته:
ڪڏهن ڪڏهن هينئڙا، نه ٿو وڻين مون،
جي تو سڄڻ ساريا، سي وس نه آهن مون،
ڪڏهن ڪڏهن تون، ٿو اَڻ ڏٺا آرا ڪرين.
هينئڙي جي هيرَ ئي ته آرا ڪرڻ آهي، آئون استاد منظور جي اِن شعر کي بار بار ٻڌي به ايئن نه سمجھي سگھيس جيئن هاڻ پيو سمجھان.
سُورَن سانڍياس، پُورَن پالي آهيان،
سُکن جي سيد چئي، پُکي آنءُ نه پياسِ،
جيڪس آنءُ هياسِ، گُري گُوندر ول جي.
ڳالهيون پيٽ وَرن ۾، وڌي وڻ ٿيون،
ٻاهر مون نه ڪيون، گوشي گڏيا مَ سپرين.
ٻاهر ڪنهن سان ڳالهه ڪجي، گوشي گڏجن ته ڪيئن گڏجن، اِهو ته قدرت جو اُصول ئي ناهي. چون ٿا ته ڪنهن ماڻهوءَ جي پنهنجي گھرواريءَ سان ڪا ڏاڍي دل هئي، سو اها سندس زال گُذاري وئي. هُو پاڳل ٿي ويو ۽ صرف اهو جملو پيو چئي ته ”جيڪر زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو کيس ڏسي سگھان.“ هُن ايڏي عبادت ڪئي جو نيٺ ڪنهن الله واري کي قياس اچي ويو ۽ کيس چيئين ته هڪ جڳهه تي هَلُ ته توکي اُن سان ملاقات ڪرايان. جڏهن هُو ماڻهو پنهنجي زال سان مليو، جنهن سان هُن جو حد درجي جو عشق هيو ته ٻيءَ دنيا ۾ رهندڙ سندس زال کيس سڃاڻي ئي نه پَئي ۽ مجبور مڙس کي رڳو هڪ جملو چيئين ته ”مون کي لڳي ٿو ته ڪي صديون اڳ مون فقط تنهنجي هڪ جھلڪ ڏٺي آهي.“ …. الله الله ….. هيءَ دنيا ڇاهي. سُور جي حد هِن دنيا تائين آهي. اڳتي ڪيفيتون ئي ساڻ نه ٿيون هلن. جيستائين هيءَ دنيا آهي تيسين سُور به ساڻ رهڻو آهي.
پاڙي ناهه پروڙ، ته ڪا رات رنجائي گذري،
ٻانڀڻ عشق ٻروچ جي، گھائي وڌي گھُورَ،
پَرِتس ڄام پنهونءَ جا، اُت پُورن مٿان پُورَ،
هڪ سسئي ٻيا سُور، ويا پٽيندا پاڻ ۾.
حمل فقيرُ ٿو چئي ته:
سڪ مڙوئي سورُ، پر سُورَ به سرجيا سڪ مان،
صبر سڪ وڃائيو، ماٺ نه اچي مُورُ،
دانهون درد فراق جون، ڏيهه ٻُجھن ٿيون ڏُور،
حمل هي ڪهڙو ڪلورُ، جو ساجن سُڻي ڪين ڪي.
شاعر ٿو چئي ته:
سُور مَ ڏينم ڌوڻَ، آنءُ اڳي ئي ڪانهلي،
هڪڙا ڦٽ فراق جا، ٻيو لپين آڇ مَ لوڻ،
هينئڙو تُنگ پروڻ، سئو سئو سولانگا ساهه کي.
سسئيءَ جي داستان مان شاهه سائين چيو آهي ته:
ڏکن کي شاباس، جن مون سين گڏ گھاريو،
هڪڙو نه ويو پنهل سين، سڀ رهيا مون پاس،
جڏهن پُنهل سان ملياس، ته ويچارا ئي ويا هليا.
سسئيءَ جي سِريءَ سان، ڪيچ ڌڻي ڪانڌي،
لڪن تان لطيف چئي، ارادي آندي،
پنهل پيرانڌي، شل نماڻيءَ نصيب ٿئي.

اُها ته سڄي ٻاري ئي لُڻجي وئي، عبدالحڪيم ارشد، راشد مورائي، ميرمحمد پيرزادو، علي خان چانڊيو، مٺل ملاح، احمد نواز سومرو، معشوق مگسي، استاد گلزار علي خان سانگھڙائي….. هي سڀ ڪيڏانهن هليا ويا! ”وڏي وٿ هيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾.“ هُو مون کي ڪنهن جي آسري ڇڏي ويا……. اڄ بابا کي وڇڙئي اَٺَ سال گذري ويا آهن، سئو ڪوهيءَ ۾ سُڃ آهي……. هُو جيڪو مون کي پهراڻ ۾ پاڻ سان ڀاڪُر پائي سُمهاريندو هيو، هُو جيڪو رومال هٿ ۾ کڻي ٻانهن لوڏي هلندو هيو، هن کي شلوار جا ور ايئن ٺاهڻ ايندا هيا جو پاچي جي بيهڪ زبردست هوندي هئي، اهڙي بيهڪ مون ٻئي ڪنهن جي نه ڏٺي، هُو جيڪو ٽيلي فون تي ٽهڪ ڏيندو هيو ته ميلَن جا مفاصلا پل ۾ ختم ٿي ويندا هيا……. اڄ مان بابا کي ياد ڪيان ٿو ته ميلي ۾ هوندي به اڪيلو ٿي ٿو وڃان:
هڪ ڌرتتي ماءِ، ٻي ڄَرُ سندي سڄڻين،
ڊڪي ۽ واجھاءِ، ٻنهي ڄراٽين وچ ۾.
سُکن واري سڌ، متان ڪا مون سين ڪري،
اندرُ جنهين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
بابا جنهن ننڍڙي دوڪان ۾ دونهين دُکايون ويٺو هيو، اُها مڙهي، اُن مڻياندار ماڻهوءَ سان ڀريل هئي، هاڻ اُها ڏسي مون کي مٺل ملاح وارو اُهو شاهه لطيف جو ٻه سٽو بيت ٿو سامهون اچي ته:
سامي مڙهي سندياءِ، سامُهين مون سيلُ ٿي،
سا تو ڪوهه اڏياءِ، جي نانگا وڃين نڪريو. (شاهه)
پڙھو حصو پھريون ، ٻيون، ٽيون، چوٿون.
____________________

ليکڪ رحمت پيرزادو



