ذميوار ٻارن جي پرورش: پنھنجي ٻارن کي زندگي گذارڻ لاءِ تيار ڪريو
پنهنجن ٻارن جي اهڙي پرورش ڪريو جو هو زندگي لاءِ تيار ٿين، ان کان اڳ جو زندگي پاڻ انهن کي اهي سبق وڌيڪ سخت انداز ۾ سيکارڻ شروع ڪري.

نثار ٻانڀڻ
جيڪڏهن اوهان جو ٻار صبح جو ننڊ مان اٿڻ وقت پنهنجو هنڌ بسترو ٺيڪ نٿو ڪري، پنهنجا استعمال ڪيل ٿانو نٿو ڌوئي، پنهنجين شين جو خيال نٿو رکي، ۽ سندس اسڪول بيگ هميشه وکريل ۾ هوندو آهي، ته اهو رڳو “عارضي مرحلو” ناهي. گهڻو ڪري اهو ان ڳالهه جو خاموش اشارو هوندو آهي ته ذميواري اڃا تائين سندس عادت جو حصو نه بڻجي سگهي آهي.
توهان جو ٻار لازمي طور سست ناهي، گهڻن ئي گهرن ۾ ٻار آهستي آهستي هن ڳالهه جا عادي ٿي ويندا آهن ته ڪو نه ڪو هميشه موجود هوندو انهن جي لاءِ جيڪو مداخلت ڪندو، شيون ٺيڪ ڪندو، ۽ سندن اڌورا ڪم پورا ڪري ڇڏيندو. جڏهن اهو سلسلو سالن تائين جاري رهي ٿو ته ذميواريءَ جو فطري احساس آهستي آهستي گهٽجڻ لڳندو آهي.
اڄڪلهه ڪيترائي نوجوان پنهنجي ذاتي معاملن جي ترتيب يا بنيادي ذميوارين کان سواءِ جوان ٿي رهيا آهن. اهو ان ڪري نه آهي ته هُو نااهل آهن، پر گهڻو ڪري ان ڪري جو ڪنهن نه ڪنهن هميشه انهن کي بچايو آهي، انهن جي حصي جو ڪم ڪري ڏنو آهي، سندن عذر قبول ڪيا آهن يا انهن کان تمام گهٽ اميدون رکيون آهن. وقت سان گڏ هُو اهو سمجهڻ لڳندا آهن ته زندگي به اهڙي ئي هوندي: آسان، سولي، بنا گهڻي محنت جي، ۽ هميشه ڪو ٻيو موجود هوندو جيڪو انهن جي پکيڙيل شين کي سميٽيندو، انهن جي حصي جو ڪم ڪندو جيڪو صرف ان کي ئي ڪرڻ گهرجي.
پر حقيقت ۾ ننڍڙا ننڍڙا ڪم خاص ڪري بسترو ٺاهڻ، پليٽ ڌوئڻ، اسڪول بيگ ترتيب ڏيڻ، پاڻي پاڻ کڻي پيئڻ، رڳو صفائي بابت ناهن. اهي زندگي جي حقيقي ذميوارين لاءِ هڪ خاموش مشق آهن.
هڪ ماءُ پنهنجي سترهن ورهين جي پٽ جي ڳالهه ٻڌائي ٿي، جنهن ڪڏهن به پنهنجي زندگي ۾ بسترو ٺيڪ نه ڪيو هو، ڪڏهن پاڻي پاڻ اٿي ڪري نه پيتو هيو سندس سادو جواز اهو هو:
“ويچارو ننڍڙو ٻار، سڄو ڏينهن اسڪول ۾ هوندو آهي. جڏهن گهر اچي ٿو ته ڪيڏو ٿڪيل هوندو آهي.”
هڪ هفتي جي موڪل دوران اهو ڇوڪرو گهر ۾ اڪيلو رهيو. ٽئين ڏينهن تائين سندس ڪمرو اهڙو لڳي رهيو هو ڄڻ ڪو طوفان گذري ويو هجي: بسترو هڪ ڍير بڻجي ويو هو، گندا ٿانو هر هنڌ پکڙيل هئا، ۽ هن ته غسل به نه ڪيو هو.
جڏهن ماءُ واپس آئي ته هن فقط هڪ ڳالهه چئي:
“سچ پڇو ته مون کي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته شروعات ڪٿان ڪيان ڪمري کي رهڻ لائق بڻائڻ جي.”
هو نااهل نه هو؛ بس هن کي ڪڏهن اهڙي عادت سيکاري ئي نه وئي هئي. والدين لاءِ هتي هڪ سادو سبق آهي. ايندڙ ڀيري جڏهن توهان پنهنجي ٻار جو اڻ ٺهيل بسترو ڏسو، ته ھڪدم دڙڪو نه ڏيوس، ٿورو صبر ڪري، سوچيو، ۽ پاڻ کان ايمانداريءَ سان پڇو:
ڇا مان واقعي پنهنجي ٻار کي زندگي لاءِ تيار ڪري رهيو آهيان؟ اڄ مان ڪهڙا سبق نظرانداز ڪري رهيو آهيان، جيڪي سڀاڻي زندگي پاڻ وڌيڪ سختي سان سيکاريندي؟
ذميوار ٻارن جي پرورش لاءِ طريقا ڏاڍا سادا آهن، پر انهن لاءِ مستقل مزاجي ضروري آهي.
ننڍي شروعات ڪريو: هڪ روزاني عادت جهڙوڪ ڪمري مان نڪرڻ کان اڳ بسترو ٺيڪ ڪرڻ، آهستي آهستي نظم ضبط، خود اعتمادي ۽ عزتِ نفس پيدا ڪري ٿي.
بنيادي ذميوارين تي انعام نه ڏيو: پنهنجي جڳهه صاف رکڻ ڪو اضافي ڪم نه آهي، پر خودداري جي نشاني آهي.
مستقل مزاج رهو: جڏهن ٻار احتجاج ڪن، ته نرم پر مضبوط نموني پنهنجي حد برقرار رکو. ڪردار جي تعمير ۾ مستقل مزاجي آساني کان گهڻو وڌيڪ اهم آهي.
۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته سندن ڪم پاڻ نه ڪريو،“صرف اڄ لاءِ” به نه.
اهو ٻار جيڪو اڄ پنهنجو بسترو ٺاهڻ نٿو سکي، پنهنجي اڃ اجهائڻ لاءِ پاڻ پاڻي ڪڍي نه ٿو پيئي سڀاڻي زندگي جي وڏين ذميوارين کي سنڀالڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري سگهي ٿو. هر اها عادت جيڪا پوکي نٿي وڃي، وقت سان گڏ هڪ بوجھ بڻجي وڃي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو وزن تمام ڳرو هوندو آهي.
پنهنجن ٻارن جي اهڙي پرورش ڪريو جو هو زندگي لاءِ تيار ٿين، ان کان اڳ جو زندگي پاڻ انهن کي اهي سبق وڌيڪ سخت انداز ۾ سيکارڻ شروع ڪري.
_____________

ڳوٺ مير محمد بانڀڻ، تعلقي ميرواهه، ضلعي خيرپور سان تعلق رکندڙ ۽ سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ رهندڙ نثار بانڀڻ هڪ تجربيڪار پيشه ور شخص آهي. کيس لڳ ڀڳ 25 سالن جو گهڻ-پاسائون تجربو آهي، جنهن ۾ 3 سال صحافت ۽ ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ جو عرصو هڪ سرڪاري اداري ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ شامل آهي. سندس وسيع مهارت سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪنٽينٽ رائٽنگ (مواد جي تخليق)، اسڪرپٽ رائٽنگ، اسڪرين رائٽنگ، نغمي نگاري، شاعري ۽ ڪهاڻيڪاريءَ تي مشتمل آهي.



