Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

فطرت ڇاهي؟ فطرت صدين کان چُرپُر ۾ ۽ سدائين جوان ڇو آھي؟

هيءَ فطرت آخر صدين پڄاڻان، اڄ تائين ڪيئن ۽ ڪهڙي نظام تحت قائم آهي ۽ سدا جيان جوان به نظر اچي ٿي. ان ۾ آخر اهڙيون ڪهڙيون قوتون ۽ عنصر لڪل آهن, جيڪي فطرت کي هزارين صديون گذرڻ باوجود به ساڳيءَ شڪل ۾ قائم رکنديون پيون اچن ۽ اهي فطرت کي پوڙهو ٿيڻ به نه ٿيون ڏين؟

حميد منگي

اچو ته اڳ ۾ پاڻ جنهن فطرتي نظام ۾ رهون پيا, ان بابت آسان لفظن ۾ وچور ڪڍون، انهن کي چڱيءَ طرح سمجهون ۽ ٻين سان ونڊ ڪيون. منهنجي اڻ مڪمل ۽ اڌوگابري سمجهه مون کان اهو لکرائي ٿي ته، پاڻ جنهن دنيا ۾ رهون پيا، انهيءَ منجهه ڪجهه شيون چرپر ڪندي نظر اينديون آهن، ڪي وري مڙيو ئي ساڪت يعنيٰ صدين ۽ سالن کان ساڳين هنڌن تي بيٺل يا پيل آهن. انهن شين بابت هتي دماغ جي دري کڙڪائيندڙ هڪ سوال اهو به پئدا ٿئي ٿو، اسان جنهن فطرت ۾ رهون ٿا ان ۾ ڪيئي شيون صدين ۽ سالن کان موجود ته آھن، پر اسين انهن کي چرپر ڪندي ناهي ڏٺو، پر اهي ڪنهن وقت ته ضرور جيئريون هونديون، جو فطرت پاڻ ئي صدين کان چرپر ۾ آهي، ان ۾ وجود رکندڙ هر شئي ٿوري وقت لاءِ ئي سهي، پر هڪڙي حياتي ته ضرور ماڻيندي رهي آهي. جڏهن ته ڪجهه شيون پنهنجا مدا پورا ڪري، ختم ٿيڻ کانپوءِ به ٻين ڪيترن ڪمن لاءِ انسانن يا ٻين ساهوارن جي ڪتب ايندي ڏٺيون ويون آهن، جنهن جا ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا.

(الف) اسان اڪثر ڪنهن به ساهواري جي مري وڃڻ کانپوءِ, کيس مختلف جيتن، جانورن ۽ پکين جو کاڄ ٿيندي ڏسندا رهيا آهيون، روڊن رستن تي پيل انهن جا هڏا به ڏٺا آهن. جڏهن ته دنيا جي ڪجهه ميوزمن ۽ ڪاليجن ۾ ڊائنا سور کان سواءِ ٻين ساهوارن جي نون ۽ پراڻن هڏاون پڃرن، منڍين ۽ چمڙين جون تصويرون ڏسندا ۽ خبرون پڙهندا رهيا آهيون.

(ب) انسان ان ڳالهه کان به چڱيءَ ريت واقف رهيو آهي ته، سڪل توڙي وڍيل وڻن جون ننڍيون ۽ سنهيون ٽاريون، باهه ٻارڻ لاءِ ۽ انهن جي ٿلهن ٿڙن منجهان، ماڻهو صدين کان پنهنجي فائدي توڙي آرام جون شيون ٺاهي ڪم آڻيندا رهيا آهن، جيڪي سالن جا سال اڪثر گهرن ۾ پيل يا لڳل نظر اينديون آهن.

(ٻ) باهه سبب سڙيل ڪاٺيءَ مان پيدا ٿيندڙ ”ڪوئلو” پڻ انساني ۽ مشيني استعمال هيٺ ايندي ڏٺو ويو آهي ۽ ان جي رک مٽيءَ سان مٽي ٿيندي به ڏسندا رهيا آهيون.

(ڀ) مخصوص موسمن ۾ ڪڪرن مان وسندڙ ”مينهن” جو پاڻي يا برف جا ذرا, جن کي ڌرتي انتهائي آهستگي ۽ ڪمال جي هوشياريءَ سان پنهنجي اندر ۾ چوسي، ان مان پاڻيء جو جر ٺاهي ٿي, جنهن کي انسان ضرورت آھر، مختلف وقتن تي هينڊ پمپن، نلڪن ۽ ٽيوب ويلن ذريعي ٻاهر ڪڍي، پنهنجي پيئڻ، صفائيءَ ۽ سٿرائيءَ توڙي الڳ الڳ مندن جي فصلن پوکڻ لاءِ ڪتب آڻيندو رهيو آهي.

(ج) انساني جسم جا ڪجهه مخصوص عضوا، مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ متاثر مريضن جي ڪم اچڻ واري ڳالهه، هاڻي عام ٿي وئي آهي ۽ انسان توڙي ٻين ساهوارن جا جسماني ڍانچا علم حاصل ڪرڻ لاءِ علمي ادارن جي سائنسي تجربي گاهن ۾ تجربن طور ڪم آندا ويندا رهيا آهن.

(ح) انسان، جهنگن، جبلن ۽ ويرانن ۾ وڃي، پنهنجو مدو پورو ڪري وڻن مان ڇڻي ڪريل ڦرن ۽ زمين جي مختلف ٻوٽن کي استعمال ۾ آڻيندي، بيمار ماڻهن، جانورن ۽ پکين جي ”علاج” جا بندوبست به صدين ۽ سالن کان ڪندو رهيو آهي.

(خ) جڏهن انسان اڃا زمين مان معدني شيون ڪڍڻ جو ماهر نه ٿيو هو، ان دئور ۾ زمين مان گرم مادا ٻاهر نڪرندا هئا، جنهن مان اهي ٿڌا ٿيل مادا جبلن جي شڪلين ۾ نظر اچن ٿا، جن کي اڄوڪو حڪمران ۽ ڪاروباري طبقو توڙي افسر شاهي ان مادي مان سيمنٽ جا ڪارخانا لڳائي، پاڻيءَ جي وڏن وهڪرن کي روڪڻ لاءِ درياهن ۽ واهن جي پاسن سان بند ٻڌڻ ۽ پٿرن جون مضبوط پليون ۽ جايون اڏڻ جا ڪم وٺندو رهيو آهي. جڏھن ته اهو پٿر روڊن ۽ رستن ٺاهڻ ۾ به ڪم ايندو رهيو آهي.

(ر) انسان، سخت ۽ پٿريلي زمينن ۽ جبلن مان کوٽائي ڪري، سون، چاندي، هيرا ۽ قيمتي پٿر ڪڍي، انهن جي ڪاروبار ڪرڻ سميت پتل، جست، اسٽيل ۽ ٽامي جا ذرا گڏ ڪري، کاڌي پيتي جي ٿانون سميت ٻيون ضروري شيون ٺاهي، پاڻ به استعمال ۾ آڻي ٿو ۽ انهن جي واپار وارو ڪم به سالن کان ڪندو رهيو آهي.

(ڙ) ۽ پڻ ويجهي ماضيءَ کان ھاڻي تائين زمين مان تيل، گئس ۽ ٻين کوڙ سارين معدني وسيلن جا ذخيرا ڪڍي، انسان انهن کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪندي، تيز رفتار ترقيءَ جا بنياد به وجهي چڪو آهي. جڏهن ته اهڙين ٻين کوڙ سارين شين جو به استعمال ڪندو رهيو آهي، جن جو ذڪر ڪبو ته اجائي ڊيگهه ٿي پوندي. انهيءَ ڪري بحث کي ڪجهه وڌيڪ اڳڀرو ڪندي، هتي ڪجهه ٻين ضروري ڳالهين جون نشاندهيون ڪيون ٿا.

اسانجي دنيا جا ڪي من موجي ماڻهو, فطرت ۾ موجود ڪجهه شين، جيڪي سندن ڪم جون هونديون آهن يا جن کي هو پنهنجي لاءِ ڪارگر سمجهندي، انهن جو جوڳو استعمال ڪرڻ ڄاڻيندا آهن، تن کي ته ڪارآمد شيون ڪوٺيندا آهن پر، جن کي ڪتب ناهن آڻي سگهندا، تن کي وري اجايون ۽ بيڪار شيون چوندا آهن. دراصل اهڙن ماڻهن کي انهن رد ڪيل شين جي ڪارجن جي خبر ناهي هوندي. منهنجي خيال ۾, جن شين کي ماڻهو فضول سمجهن ٿا, اصل ۾ انهن شين جو به فطرت ۾ ڪو نه ڪو ڪارج يا پيدا ٿيڻ جو سبب ضرور هوندو، جنهن ڪري ئي اهي شيون يا جنسون فطرت ۾ پيدا ٿي, پنهنجو وقت پورو ڪري ٻج ۽ ٻچا ڇڏي وينديون آهن. جيئن ته انسان جو علم اڃا اڻپورو بلڪي اڌوري کان به گهٽ آهي, انهيءَ ڪري ڪجهه ماڻهو, ڪن شين کي ڪارآمد ۽ ڪن کي وري بيڪار چوندا آهن. پر اها به حقيقت آهي ته، جڏهن اڳتي هلي انهن ساڳين شين جي اهميت جي کين خبر پوندي اٿن ته، هو پنهنجي پراڻين سوچن جي ابتڙ عمل ڪرڻ شروع ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح سندن انڪار، اقرار ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.

انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي، ته اڄوڪي دئور جو انسان، علم حاصل ڪري اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سمجهه ڀريو ٿي پيو آهي پر, انسان جي عقل, علم, تجربن ۽ ڄاڻ ۾ اڃان به ڪيئي ڪوتاهيون موجود ۽ خاميون توڙي کوٽون رهيل آهن, جن کي فطري عمل چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. جو انساني سوچ ۾ وسعت، شروع کان ئي انتهائي آهستگيءَ سان ايندي رهي آهي، انهيءَ عمل ذريعي ئي انسان مختلف دئورن کان ٿيندو، هن ٽيڪنالاجيءَ واري دئور ۾ پهتو آهي. انسان جو اهو سفر صدين کان جاري آهي ۽ هو هڪ طرف مختلف شين تي تحقيقون ڪري، نيون تخليقون وجود ۾ آڻي ٿو، ٻئي طرف پنهنجن ئي پراڻين ايجاد ڪيل شين ۽ ڪمن منجهان خاميون ڪڍي، انهن ۾ نواڻ به آڻي ٿو. جيتوڻيڪ انسان پنهنجين کوٽن ۽ خامين کي ماضيءَ ۾ به مختلف وقتن تي درست ڪندو رهيو آهي ۽ ايندڙ دئورن ۾ به غلطين کي درست ڪرڻ وارو اهڙو عمل تيسيتائين جاري رهڻو آهي، جيسيتائين انسان مڪمل طور تي هرفن مولا نه ٿو ٿئي. منهنجي خيال ۾ جن ماڻهن جي ذهنن ۾ شين بابت فضول ۽ ڪارآمد جهڙا خيال پيدا ٿيندا رهن ٿا, انهن کي فطرت بابت تحقيقي علم پڙهڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي.

انهيءَ موضوع تي هلندي, ڪجهه وڌيڪ ڳالهين کي به بحث جو حصو بڻايون ٿا. هڪ ته فطرت منجهه ڪجهه شيون اهڙيون آهن, جن جون عمريون تمام وڏيون يعنيٰ ڳڻپ کان به وڌيڪ ڊگھيون آهن ۽ وري ڪن جي ڄمار ڪجهه ڏينهن ۽ ڪلاڪن جي به نه ٿي رهي. ٻيو ته فطرت ۾ ڪي شيون ڏسڻ ۾ ننڍيون پر وزن ۾ تمام ڳريون لڳنديون آهن ۽ ڪجهه وري وڏيون، ويڪريون ۽ ڊگھيون ضرور هونديون آهن, پر انهن ۾ وزن تمام ٿورو يا نه هجڻ برابر هوندو آهي. بهرحال ذهن تي اهڙن سڀني تري ايندڙ خيالن, سوالن ۽ سوچن تي به پاڻ کي ويچارڻ جي ضرورت آهي, ڇو ته اهي سڀئي سوال, بلڪي فطرت ۽ ان موجود سمورين شين ۽ جنسن بابت ڪنهن به ننڍڙي ۾ ننڍڙي سوال کي فضول نه سمجهڻ گھرجي. انهيءَ ڪري جو فطرت جي جوڙجڪ يا ان کي قائم رکڻ ۾ رڳو وڏين ۽ ڳرين شين جو حصو پتي ناهي، ان ۾ ڪجهه شيون اهڙيون به آهن, جيڪي ننڍيون يا ڪن خاص سائنسي اوزارن ذريعي جهاتيون پائڻ سان نظر اينديون آهن، انهن جو به ڪو ننڍو وڏو ڪردار رهيو آهي، انهيءَ ڪري جيسيتائين ڪنهن به حوالي سان انساني تحقيق جو عمل مڪمل نه ٿو ٿئي، تيسيتائين اسان کي ننڍي ۾ ننڍي سوال کي به نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.

هاڻي اچون ٿا ان بحث ڏانهن, جنهن مان معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته, هيءَ فطرت آخر صدين پڄاڻان، اڄ تائين ڪيئن ۽ ڪهڙي نظام تحت قائم آهي ۽ سدا جيان جوان به نظر اچي ٿي. ان ۾ آخر اهڙيون ڪهڙيون قوتون ۽ عنصر لڪل آهن, جيڪي فطرت کي هزارين صديون گذرڻ باوجود به ساڳيءَ شڪل ۾ قائم رکنديون پيون اچن ۽ اهي فطرت کي پوڙهو ٿيڻ به نه ٿيون ڏين. هتي هي سٽون به لکڻ ضروري آهن ته, اسان کي فطرت ۾ موجود هر شئي جي هر ذري پرزي کي رازن سان ٽمٽار سمجهڻ گهرجي. هاڻي تائين جيتوڻيڪ تحقيق واري عمل ذريعي انسان، فطرت مٿان پيل ڪجهه معمولي پردا لاهڻ ۽ ڳجهه کي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪامياب ضرور ٿيو آهي پر, ڪيئي شيون ۽ جنسون، عمل، ردعمل، منظر ۽ پس منظر انسانن لاءِ اڃا به پراسرار بڻيل آهن.

ڪجهه ڏاهن جو خيال آهي ته، فطرت جيڪا جيئري جاڳندي حقيقت آهي، ٿي سگهي ٿو اها پنهنجن اهڙن کوڙ سارن رازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ انساني ذهنن کي وسيلو بڻايو هجي، انهن ۾ اها طاقت ۽ حرفت پاڻ ئي اوتي هجي، جيئن انسان ئي انهن سوالن جا جواب ڪڍي سوڀارو ٿئي. جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ فطرت جي انسان مٿان اها هڪ خاص مهرباني سمجهڻ گھرجي. هونئن به وقت گذرڻ سان گڏ انسان جي تحقيق جو دائرو وسيع کان وسيع ٿيندو رهيو آهي، ڪٿي انسان فلڪيات بابت ريسرچ وارو ڪم ڪري ٿو، ڪٿي رياضيدان نظر آيو آهي، ڪٿي معيشت ۽ تجارت ۾ ڪارناما انجام پيو ڏئي، ڪٿي مختلف فنن جا مظاهرا ڪري، پاڻ جھڙي انسان کي اچرج ۾ وجهي رهيو آهي. جڏهن ته هو زمين جي مختلف ٽڪڙن مان وڏي پيماني تي اناج اپائي، ساهوارن کي جيئري رکڻ جا جتن به پيو ڪري. ڪٿي مشينن ۽ ٽيڪنالاجين ذريعي شين ۾ نواڻ پيو آڻي، ڪٿي خطرناڪ هٿيار جوڙي، بي وس ملڪن ۽ ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ ڪندي نظر ايندو رهيو آهي. بهرحال فطرت منجهه ٻيون به اڻ ڳڻيون ڳجهارتون موجود آهن, جيڪي يقينن اڳتي هلي, انساني تحقيقن ۽ محنتن ذريعي ئي حل ٿيڻيون آهن- (هلندڙ)

پريان حصا پڙھڻ لاءِ: حصو پھريون، ٻيون،  

__________________

Hameed Mangi-TheAsiaN

عبد الحميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button