عورت جي جدوجهد جو تاريخي ڪردار ۽ سنڌي عورت جي مزاحمتي جنگ
سنڌ جي عورت، مزاحمت جي حوالي سان پنهنجو تاريخي ۽ حقيقي ڪردار نڀائيندي رهي آهي. اڄوڪي عورت به خاموش ناهي؛ هر دور ۾ ڪا نه ڪا عورت نروار ٿي پنهنجي حقن جي جدوجهد لاءِ ميدانِ عمل ۾ لٿل آهي. سنڌ ۾ سياسي طور تي، خاص طور تي سنڌياڻي تحريڪ هن عمل ۾ ٻين کان اڳڀري رهي آهي

خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌ جي تاريخ، مزاحمت جي حوالي سان پنهنجو تاريخي ۽ حقيقي ڪردار نڀائيندي اچي رهي آهي. مائي ٻاگهل ٻائي کان وٺي شهيد بختارو لاشاري تائين، جنهن مقامي وڏيرن سان جنگ جوٽي پنهنجي حقن لاءِ جان جي قرباني ڏني ۽ تاريخ جي صفحن تي هميشه لاءِ امر ٿي وئي، سنڌي عورت هميشه سورهيه رهي آهي.
عورت جي جدوجهد جو اهو سلسلو اڳتي وڌندو رهيو. جڏهن ٽنڊو بهاول جي خوني واقعي ۾ ستن بيگناهه پورهيتن ۽ هارين کي ڌاڙيل ڄاڻائي، سندن زمين تي قبضي لاءِ قتل ڪيو ويو، تڏهن عورت جي جدوجهد مائي جندو جي روپ ۾ ظاهر ٿي. هن انهن بيگناهه قتلن لاءِ انصاف حاصل ڪيو ۽ قاتلن کي ڦاسيءَ جي تختي تائين پهچايو.
اڄوڪي عورت به خاموش ناهي؛ هر دور ۾ ڪا نه ڪا عورت نروار ٿي پنهنجي حقن جي جدوجهد لاءِ ميدانِ عمل ۾ لٿل آهي. سنڌ ۾ سياسي طور تي، خاص طور تي سنڌياڻي تحريڪ هن عمل ۾ ٻين کان اڳڀري رهي آهي. ڪالا باغ ڊيم جي خلاف لانگ مارچ هجي يا سنڌ جو ڪو ٻيو اهم مسئلو، عورتن جي جدوجهد سڀ کان نمايان نظر ايندي آهي. هو هر وقت مزاحمت لاءِ تيار هونديون آهن. اهڙي صورتحال ۾ عورت جو جذبو ۽ همت ڏسڻ وٽان هوندي آهي، هن پنهنجي حقن تان ڪڏهن به پوئتي پير نه هٽايو آهي ۽ انقلاب ۾ هن جو ڪردار هميشه هراول دستي وارو رهيو آهي.
موجوده دور ۾ عورت هر شعبي سان وابسته ٿي وئي آهي. اڳي جيڪڏهن هوءَ صرف ٻن ٽن سرڪاري يا غير سرڪاري ادارن تائين محدود هئي، ته هاڻي هوءَ هر شعبي ۾ نظر اچي ٿي. تازو ڪراچي ۾ ٿيل احتجاجي مظاهري ۾ به عورت جي مزاحمت جو اهو ئي روپ نظر آيو، جتي هنن بنا ڪنهن خوف جي پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو. استاد هدايت لوهار جي شهادت، سندس قاتلن جي گرفتاري نه ٿيڻ ۽ دهشتگردن خلاف ايف آءِ آر درج نه ٿيڻ خلاف سندس نياڻيون سسئي ۽ سورٺ مسلسل جدوجهد ڪري رهيون آهن، جيڪي موجوده دور ۾ عورت جي مزاحمت جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهن.
8 مارچ جو ڏهاڙو سڄي دنيا ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي، پر افسوس ته اهو ڏهاڙو گهڻو ڪري صرف شهرن، وڏين هوٽلن ۽ ڪلبن تائين محدود هوندو آهي. اهي تقريبون اڪثر رسمي هونديون آهن، جن جا ڪي خاص نتيجا نڪري نه سگهيا آهن. جيتوڻيڪ مختلف عورت تنظيمون، سياسي ۽ سماجي ڌريون ريليون ڪڍي پنهنجو حصو وجهن ٿيون، پر سنڌ جي عام عورت اڄ به مظلوم آهي. کيس مختلف طريقن سان هيسايو وڃي ٿو. قبائلي وڏيرا اڄ به پنهنجا ذاتي فيصلا مڙهي عورتن جي حقن تي ڌاڙا هڻن ٿا، جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.
ام رباب به ان ئي قبائلي ۽ جاگيرداري چڪي ۾ پيڙجي رهي آهي. سندس نظرون ملڪ جي عدالتن ۽ قانون ڏانهن واجھائي رهيون آهن ته ڪڏهن کيس انصاف ملندو. ڪافي سال گذرڻ باوجود اڃا تائين صرف پيشيون پيون ٿين ۽ قاتل آزاد گهمي رهيا آهن، پر ان جي باوجود ام رباب جي جدوجهد ۽ مزاحمت جاري آهي.
مجموعي طور تي سنڌي عورت جي جدوجهد جو هڪ ڌار روپ رهيو آهي، جنهن هر دور ۾ پاڻ ملهايو آهي. موئن جي دڙي جي ناچڻي سمبارا کان شروع ٿيل اها تحريڪ مختلف مرحلن کان گذرندي اڄ تائين پنهنجي پوري توانائيءَ سان جاري آهي.
_________________

خاصخيلي لطيف راولاڻي سماجي ڪارڪن ۽ فري لانس ليکڪ آھي




بھترين تحرير