Editor's pickMain Slideاولھ ايشيا

مناما: جڏھن رات جو 2:11 وڳي اسان جي رھائشي ٽاور تي ايراني ڊرون حملو ٿيو

ايران صرف هڪ ڏينهن ۾ بحرين جي شهري علائقن ڏانهن ست آپگهاتي ڊرون فائر ڪيا. بحرين جي دفاعي فوج جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي اندر ايران پاران 147 ڊرون ۽ 84 ميزائل فائر ڪيا ويا آهن.

جنگ ۽ عام زندگيءَ جي وچ ۾ فاصلو اسان جي سوچ کان گهڻو گهٽ آهي. اسان خوشنصيب هئاسين جو بچي وياسين، پر وچ اڀرندڙ ۾ ڪيترائي خاندان ايترا خوشنصيب نه هئا. اهو سڙيل فليٽ ياد ڏياري ٿو ته جديد دور جي جنگ ۾ فرنٽ لائن ڪٿي به ٿي سگهي ٿي، ايستائين جو انهن پرامن ٽاورن ۾ به جتي ماڻهو سمجهندا هئا ته هو جنگ کان پري آهن.

حبيب تومي

مناما: وچ اوڀر جي جنگ جي ستين ڏينهن، رات جو 2:11 وڳي، مون موت پنھنجي سامھون ڏٺو. بحرين جي گاديءَ واري شهر مناما ۾، اسان جي رهائشي ٽاور ۾ اسان جي فليٽ کان صرف 12 ميٽر پري هڪ ايراني ‘شاهد’ ڊرون اچي لڳو.

​مان ٽي وي تي رات دير سان خبرون ڏسي رهيو هوس جڏهن هڪ زوردار ڌماڪي رات جي خاموشيءَ کي چيري ڇڏيو. اهو ڌماڪو ايترو ته شديد ۽ هولناڪ هو جنھن ياد ڏياري ڇڏيو ته ڪيئن اوچتو موت ۽ تباهي هڪ عام زندگيءَ ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾، سڙڻ جي هڪ ٻُوساٽيندڙ بوءِ پوري راهداريءَ ۾ پکڙجي وئي.

​مان ۽ منهنجي گهر واري 13 هين ماڙ تان ڏاڪڻين ذريعي هيٺ لٿاسين. هيٺ لهندي اسان جي ذهنن ۾ صرف پنهنجن پاڙيسرين جو خيال هو ته الائي مٿن ڇا گذريو هوندو، ڪير ڦاٿل هوندو يا ڪنهن کي مدد جي ضرورت هوندي.

​عمارت کان ٻاهر، اسان ڏٺو ته ڪيترائي پريشان ۽ بدحواس رهواسي کليل ميدان ۾ گڏ ٿيل هئا. ڪيترا ئي ماڻهو اڃان تائين اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته آخر ٿيو ڇا آهي. ڪجهه خاموش بيٺا هئا، ته ڪجهه وري فون تي پنهنجن پيارن کي صورتحال ٻڌائي کين آٿت ڏئي رهيا هئا.

​اسان جي مٿان، اونداهيءَ ۾ اهو متاثر فليٽ سڙي رهيو هو. اهو هڪ عجيب منظر هو، ڇو ته هي هڪ انتهائي پرامن علائقو هو جتي مختلف قومن جا ماڻهو محبت ۽ احترام سان گڏ رهندا هئا.

امدادي ٽيمن جي بروقت مدد

​امدادي ادارا تمام جلد پهچي ويا. ايمبولينسز، باهه وسائڻ واريون گاڏيون ۽ پوليس جون گاڏيون گهٽيءَ ۾ اچي ويون. فائر فائٽرز ۽ سول ڊيفنس جي ٽيمن تمام مهارت سان باهه تي ضابطو آندو ۽ عمارت کي محفوظ بڻايو.

​خوشقسمتيءَ سان، جنهن فليٽ تي ڊرون لڳو هو، اهو ان وقت خالي هو. معجزي طور تي هن سڄي واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، صرف هڪ رهواسيءَ کي معمولي طبي امداد جي ضرورت پئي. رهواسين کي تقريبن ٽي ڪلاڪ ٻاهر انتظار ڪرڻو پيو، جنهن کانپوءِ کين بلڊنگ جي لابي ۾ وڃڻ جي اجازت ملي.

​عمارت جي بناوت ۽ لفٽ جي چڪاس کانپوءِ رهواسين کي پنهنجن فليٽن ۾ وڃڻ ڏنو ويو. ڇهن مان صرف هڪ لفٽ ڪم ڪري رهي هئي. اسان پنهنجي فليٽ ۾ واپس آياسين ته جيئن نقصان جو اندازو لڳائي زندگيءَ کي معمول تي آڻي سگهون، پر ڌماڪي واري جاءِ جي ويجهو هجڻ ڪري اسان جي بجلي ڪٽيل هئي.

​اسان جي عمارت جو اهو سڙيل فليٽ هميشه جنگ جي تباهي جي هڪ يادگار طور رهندو. ڪجهه ڏينهن اڳ به، هڪ ٻئي ڊرون اسان کان 600 ميٽر پري هڪ رهائشي ٽاور کي نشانو بڻايو هو.

ڊرون ھملي کانپوءِ امدادي گاڏيون

​بحرين جي گهرو وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران مناما ۾ هڪ هوٽل ۽ ٻن رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو، پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. يو ايس سينٽرل ڪمانڊ جي جنرل بريڊ ڪوپر موجب، ايران صرف هڪ ڏينهن ۾ بحرين جي شهري علائقن ڏانهن ست آپگهاتي ڊرون فائر ڪيا. بحرين جي دفاعي فوج جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي اندر ايران پاران 147 ڊرون ۽ 84 ميزائل فائر ڪيا ويا آهن.

​انگن اکرن ۽ فوجي بيانن کان هٽي ڪري، هن جنگ عام زندگيءَ کي سخت متاثر ڪيو آهي. رمضان المبارڪ، جيڪو عبادتن ۽ خانداني گڏجاڻين جو مهينو هوندو آهي، هاڻي خوف جي پاڇي ۾ گذري رهيو آهي. مسجدن ۾ نمازن جو وقت گهٽايو ويو آهي ته جيئن هجوم گهٽ رهي، ۽ ڪيترن ئي گرجا گھرن پنهنجي عبادت آن لائن شروع ڪري ڏني آهي.

ڪلاڪن کانپوءِ: جنگ جي وحشت جي هڪ ياد

​جڏهن مان پنهنجي صوفي تي ويٺس ته منهنجو ذهن جنگي حڪمت عملين ۽ ميزائلن جي تصويرن ڏانهن ويو. جنگ جي رٿابندي ڪندڙن لاءِ ڊرون شايد هڪ “ٽيڪنيڪل اوزار” هجي، پر عام شهرين لاءِ اهو هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا زندگي ۽ موت جي وچ واري سنئين لڪير کي اک ڇنڀ ۾ ختم ڪري ڇڏي ٿي. هڪ پرامن گهر اوچتو جنگ جو ميدان بڻجي ويو.

​جنگ ۽ عام زندگيءَ جي وچ ۾ فاصلو اسان جي سوچ کان گهڻو گهٽ آهي. اسان خوشنصيب هئاسين جو بچي وياسين، پر وچ اڀرندڙ ۾ ڪيترائي خاندان ايترا خوشنصيب نه هئا. اهو سڙيل فليٽ ياد ڏياري ٿو ته جديد دور جي جنگ ۾ فرنٽ لائن ڪٿي به ٿي سگهي ٿي، ايستائين جو انهن پرامن ٽاورن ۾ به جتي ماڻهو سمجهندا هئا ته هو جنگ کان پري آهن.

________________________  

Habib-2 (1)

حبيب تومي بحرين جو سينئر صحافي ۽ ڏکڻ ڪوريا جي خبر ايجنسي The AsiaN  جي انگريزي سروس جو ايڊيٽر اِن چيف آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button