Editor's pickMain Slideثقافت

اسپورٽ لوو: سئيڊن جو راندين جو ھفتو ۽ سنڌ جون پراڻيون وساريل رانديون

سئيڊن ۾ فبروريءَ جي مھيني ۾ هڪ خاص هفتو شروع ٿيندو آهي جنهن کي سئيڊش ٻوليءَ ۾ Sportlov (اسپورٽ لوو) چيو ويندو آهي. جنهن جي معني آهي راندين جي موڪل.

ترقي يافته ملڪن ۾ رانديون رڳو وقت گذارڻ نه آهن پر ان جي ابتڙ هتي نيون رانديون ايجاد ڪرڻ پويان وڏي تحقيق ٿئي ٿي.

پنهنجين پراڻين ۽ روايتي راندين کي زنده رکڻ انتهائي ضروري آهي پر ساڳئي وقت نيون جسماني رانديون ايجاد ڪرڻ به وقت جي ضرورت آهي.

عبدالله عثمان مورائي، سُئيڊن

Sports-TheAsiaN

هر سال فيبروري جو مهينو سئيڊن ۾ سخت سيءُ ۽ برفباريءَ جو مهينو هوندو آهي جتي برف سان ڍڪيل وڻ، ڄميل ڍنڍون ۽ تمام ٿڌيون هوائون هلن ٿيون. اتي هن ئي مهيني ۾ هڪ اهڙو خاص هفتو شروع ٿيندو آهي جنهن جو ٻارن توڙي والدين کي شدت سان انتظار هوندو آهي. ان کي سئيڊش ٻوليءَ ۾ Sportlov (اسپورٽ لوو) چيو ويندو آهي. جنهن جي معني آهي راندين جي موڪل. ان هفتي دوران اسڪول بند هوندا آهن پر اهو رڳو اسڪولن جي موڪل جو هفتو ناهي پر هي هڪ اهڙي سرگرمي آهي جيڪا سئيڊن جي سماجي ۽ جسماني ثقافت جو اهم حصو بڻجي چڪي آهي جنهن ۾ والدين پنهنجن ٻارن سان گڏ خاص طور سياري جي راندين ۾ حصو وٺندا آهن.

اسپورٽ لوو جي شروعات، ان جا فائدا ۽ اهميت

اسپورٽ لوو جي شروعات 1940ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي. ان وقت سخت سياري ۽ ٻارڻ يعني تيل يا گاسليٽ وغيره جي سامان جي کوٽ سبب اسڪول عارضي طور بند ڪيا ويندا هئا ته جيئن گرمائش لاءِ ٻارڻ کي بچائي سگهجي. هوريان هوريان هي هڪ هفتي وارو وقفو هڪ سماجي ۽ ثقافتي روايت بڻجي ويو. حڪومت ۽ مڪاني ادارن ماڻهن کي همٿايو ته هو هن هفتي دوران ٻاهر نڪري جسماني سرگرمين ۾ حصو وٺن.

اڄ اسپورٽ لوو رڳو موڪل ناهي پر خاندانن جي گڏجڻ، صحتمند سرگرمين ۽ فطرت سان ويجهڙائپ جو هفتو آهي. ٻار ۽ والدين گڏجي اسڪينگ ڪن ٿا، برف تي اسڪيٽنگ ڪن ٿا، جبلن ڏانهن وڃن ٿا يا مقامي پارڪن ۾ ٻيون سياري جون رانديون ڪن ٿا.

ان جا فائدا بيشمار آهن مثال طور خانداني لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، جڏهن والدين ۽ ٻار گڏجي راند ڪن ٿا ته انهن ۾ اعتماد، پيار ۽ رابطو مضبوط ٿئي ٿو ۽ ويجهڙائپ وڌي ٿي. سياري جون رانديون جسماني صحت ۽ جسم کي مضبوط ڪن ٿيون ۽ سستي ختم ڪري چستي ڏيارين ٿيون. دل جي صحت بهتر ڪن ٿيون ۽ توازن ۽ هم آهنگي پيدا ڪن ٿيون. فطرت ۽ قدرتي روشني ۽ جسماني سرگرميون يعني راندين سان لڳاءُ ٻارن ۾ ذهني سڪون پيدا ڪري ٿو ۽ ذهني دٻاءُ گهٽائي ٿو. سڀ کان مزي واري ڳالهه ته همت ۽ برداشت به وڌ ي ٿي مثال طور راند دوران ڪري پوڻ ۽ ٻيهر اٿڻ زندگيءَ جي اهم سبقن مان هڪ سبق آهي

ننڍپڻ جون يادون: جڏهن اسين به رانديگر هئاسين

جڏهن هتي سئيڊن ۾ ٻارن کي راندين ۾ مشغول ڏسجي ٿو ته منهنجو ذهن پاڻمرادو پنهنجي ٻالڪپڻ ۽ موري جي انهن گهٽين ڏانهن هليو ويندو آهي جتي اسان جو ننڍپڻ گذريو. مونکي ياد آهي ته اسين به راندين ۾ ڪيڏا نه سرگرم هئاسين ۽ اسان جي راندين جي لسٽ تمام ڊگهي هئي. اسان جي راندين ۾ برف نه هئي، پر مٽي، سج ۽ کل ڀوڳ هئا. مان ٻلورن يا چِدن کيڏڻ جو ماهر هوندو هوس. لاٽون ڦيرائڻ، ڪرڪيٽ، بيڊمنٽن، لوڊو ۽ ڪيرم بورڊ ته روز جو معمول هئا. ڪڏهن ڪڏهن اسان هاڪي ۽ فٽبال به کيڏيوسين. مونکي ياد آهي ته مون لغڙ اڏائڻ جي به ڪوشش ڪئي پر ان ۾ ڪڏهن به ماهر بڻجي نه سگهيس، تنهن هوندي به ان جو مزو اڄ به ياد آهي. اسان جي هڪ مشهور راند سٽ ڪُٽ هئي جيڪا اسان ڏاڍي کيڏي. ان راند ۾ جيڪڏهن بال توهان جي هٿ ۾ آهي ته سمجهو توهان طاقت ۾ آهيو ۽ سڀني کي نشانو بڻائي سگهو ٿا.

ان کانسواءِ اٽي ڏڪر، لڪ لڪوٽي، ست ٺڪريون رکي ان کي بال سان چٽي ڪيرائڻ ۽ جيستائين اهي ست ٺڪريون وري هڪ دفعو هڪ ٻئي جي مٿان نه اچي رکجن تيستائين ان بال سان هڪ ٻئي کي ڪٺڻ شامل هوندو هو. ڀينرن سان گڏ گڏين ۽ پڪلي پير کيڏڻ به زندگيءَ جو هڪ خوبصورت حصو هو. ونجهوٽي اسان رڳو ٻڌي کيڏي ڪڏهن به نه. پر ويڊيو گيم جام کيڏڻ جو موقعو مليو. ننڍي هوندي مون موٽر سائيڪل جا ٽائر ڪاٺ جي لڪڻ سان به تمام گهڻا هلايا ۽ محسوس ائين ٿيندو هو ڄڻ مان هڪ بليٽ ٽرين هلائي رهيو هجان. اهي ڏينهن سادا هئا پر خوشين سان ڀرپور هئا.

جديد دنيا، نيون رانديون ۽ انهن تي تحقيق

ترقي يافته ملڪن ۾ رانديون رڳو وقت گذارڻ نه آهن پر ان جي ابتڙ هتي نيون رانديون ايجاد ڪرڻ پويان وڏي تحقيق ٿئي ٿي. راندين جا ماهر ان ڳالهه تي غور ڪن ٿا ته راند جو ٻار جي عقل ۽ جسم تي ڪهڙو اثر پوندو؟ راند جا اصول ۽ قانون ڪيئن هجڻ گهرجن ته جيئن هر ٻار کي برابريءَ جو موقعو ملي؟ نئين راند ۾ ڪهڙي قسم جي جسماني توازن جي ضرورت پوندي؟ ڪهڙي راند ٻارن جي جسماني صلاحيت وڌائيندي؟ مقابلي ۽ تعاون ۾ توازن ڪيئن برقرار رکجي؟ هتي نيون رانديون مسلسل ترقي ڪري رهيون آهن جيڪي ٻارن کي اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ به جسماني طور تي سرگرم رکن ٿيون يعني راندين جي ڊيزائننگ يا  جوڙ جڪ هاڻي هڪ سائنسي عمل بڻجي چڪي آهي جنهن ۾ نفسيات، جسماني تربيت ۽ سماجي ترقي جا پهلو شامل هجن ٿا.

ڇا اسان کي به نيون رانديون ٺاهڻ گهرجن

پنهنجين پراڻين ۽ روايتي راندين کي زنده رکڻ انتهائي ضروري آهي پر منهنجو خيال آهي ته ساڳئي وقت انهن سان گڏوگڏ نيون جسماني رانديون ايجاد ڪرڻ به وقت جي ضرورت آهي. جديد مسئلن جي حل يعني جيئن ته اڄ ٻارن وٽ کليل ميدان گهٽ آهن ۽ اسڪرين جو استعمال وڌي ويو آهي ۽ ٻار موبائل ۽ ٽيبليٽ ۾ قيد ٿي هڪ ئي جاء تي ويهي  ويا آهن ۽ اها بيٺل زندگي صحت لاءِ نقصانڪار آهي. نيون ۽ پرڪشش جسماني رانديون انهن حالتن مطابق ٺاهڻ گهرجن مثال طور جسماني سرگرميءَ وڌائڻ لاء نيون پرڪشش ۽ ذهني طور به چئلينجنگ رانديون ٻارن کي ٻاهر آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. جڏهن ٻار يا نوجوان پاڻ رانديون ٺاهين ٿا ته انهن ۾ تخليقي صلاحيت ۽ فيصلا ڪرڻ جي مهارت وڌي ٿي. جيئن ٻوليون ۽ ثقافتون ترقي ڪن ٿيون تيئن رانديون به وقت سان گڏ نئين شڪل اختيار ڪن ٿيون ۽ انهن کي ڪرڻ به گهرجي.

روايتي راندين کان خانداني گڏجاڻيء تائين: صحتمند ۽ مضبوط سماج ڏانهن هڪ قدم

بلور، لاٽون، ڪيرم بورڊ، ڪرڪيٽ ۽ ٻين روايتي راندين ۾ اسان جي سماج جون يادون، قدر ۽ سادگي لڪل آهي. اهي رڳو رانديون ناهن پر گڏجڻ جو هڪ ذريعو پڻ آهن.

جيڪڏهن اسپورٽ لوو جهڙو تصور اسان جي سماج ۾ به متعارف ڪرايو وڃي جتي هڪ هفتو والدين ۽ ٻار گڏجي انهن نئين ۽ پراڻين راندين لاءِ وقف ڪن ته يقينن سماج وڌيڪ صحتمند ۽ مضبوط بڻجي سگهي ٿو.

آخر ۾ حاصل ڪلام ته چاهي سئيڊن جي برفاني ميدانن ۾ اسپورٽ لوو هجي يا اسان جي ڳوٺن ۽ شهرن جي مٽيءَ ڀريل گهٽين ۾ ٻالڪپڻ جون رانديون هجن، راند هڪ قدرتي ٻولي آهي. سئيڊن جو اسپورٽ لوو اسان کي سيکاري ٿو ته رانديون رڳو تفريح ناهن پر زندگي گذارڻ جو هڪ ڏانءُ آهن. راند جسم کي طاقت ڏئي ٿي، ذهن کي سڪون ڏئي ٿي ۽ دلين کي ويجهو آڻي ٿي. اسان کي گهرجي ته پراڻين راندين کي زنده رکون ۽ ساڳئي وقت نيون رانديون ايجاد ڪريون ته جيئن ايندڙ نسلن جي کلڻ، توانائي ۽ گڏجڻ جو سلسلو جاري رهي. اچو ته اسان به پنهنجي ٻارن کي گهٽين ۽ ميدانن ڏانهن واپس وٺي اچون ۽ کين نيون رانديون سيکاريون ۽ پاڻ به انهن جي ننڍپڻ جو حصو بڻجون. ڇاڪاڻ ته راند رڳو وقت گذارڻ ناهي پر اهو زندگيءَ جو اهم حصو آهي.

_____________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button