4 مارچ – سنڌي شاگردن جي تاريخي مزاحمت جو يادگار ڏينھن
4 مارچ 1967ع تي حيدرآباد ۾ شاگردن جي پرامن ريلي بنيادي طور تي شاگردن جي حقن جي حمايت ۾ هئي، پر ان تي رياستي سختي ڪئي وئي. پوليس طرفان لاٺي چارج ۽ گرفتاريون ڪيون ويون. ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا ۽ ڪيترن کي جيل موڪليو ويو.
اهو ڏينهن سيکاري ٿو ته جڏهن نوجوان پنهنجي حق لاءِ بيهندا آهن، تڏهن تاريخ جو رُخ بدلجي سگهي ٿو. سنڌ جي شاگردن جي اها جدوجهد اڄ به نئين نسل لاءِ راهه ڏيکاري ٿي
مُشتاق ٽانوري

سنڌ جي تاريخ ۾ 4 مارچ رڳو هڪ تاريخ ناهي، پر اهو شعور، سجاڳي ۽ مزاحمت جي علامت بڻيل ڏينهن آهي. هي ڏينهن سنڌي شاگردن جي اُن جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو، جنهن ۾ نوجوانن پنهنجي حقن، سڃاڻپ ۽ تعليمي آزادي لاءِ بهادريءَ سان آواز بلند ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي مفادن کي وڏو ڪاپاري ڌڪ 1957ع ۾ ون يونٽ ٺاهي هنيو ويو. جڏهن ون يونٽ جو نظام لاڳو هو ۽ سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ تعليمي معاملن تي مرڪزي قبضي جي پاليسين سبب بيچيني وڌي رهي هئي، تڏهن شاگردن ۾ به بيچيني پيدا ٿي. ان دور ۾ سنڌي شاگردن جي نمائنده تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سرگرم ڪردار ادا ڪري رهي هئي. 4 مارچ واري تحريڪ جنهن جو نعرو هيو ته ”سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان کي واپس آڻيو ۽ حيدرآباد جي ڪمشنر مسرور حسن کي سنڌ مان ڪڍو“ سا اڳتي هلي ون يونٽ خلاف ڀيڪيدار آواز ۾ تبديل ٿي ويئي. فيبروري ۽ مارچ دوران ”حسن علي عبدالرحمان کي واپس آڻڻ ۽ مسرور کي ڪڍڻ“ واري تحريڪ شدت اختيار ڪري ويئي هئي. 4 مارچ تي شاگردن جو نيو ڪئمپس ڄامشورو ۾ جلسو ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شام جو اولڊ ڪئمپس ۾ زبردست جلسو ڪيو ويندو. انهي ڏينهن ڪجهه شاگرد اڳ ۾ ئي اولڊ ڪئمپس پهچي چڪا هئا ۽ ڪجهه اچي رهيا هئا. نيو ڪئمپس مان چئن بسن ۾ سوار اٽڪل 207 شاگرد ڄام ساقي، يوسف ٽالپر،يوسف لغاري، مسعود نوراني، مسعود پيرزادو، مُجيب پيرزادو، عبدالرحيم سمون، اشفاق ميمڻ، لياقت جتوئي، منور ميمڻ، مظفر شيخ، آغا زاهد، رفيق صديقي، شريف ميمڻ، آفتاب اسراڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ حيدرآباد شهر ڏانهن روانا ٿيا. اهو پُرجوش قافلو جڏهن نعرن سان هوا ۾ گونج ڦهلائيندو موجوده راجپوتانه اسپتال واري هنڌ وٽ پهتو ته اُنهي قافلي کي پوليس ۽ رينجرز جا سپاهي اوچتو گهيرو ڪري ويا. رستي جي اُڀرندي ۽ الهندي پاسن پاڻي بيٺل هو ۽ باقي ٻن پاسن کان هٿيار بند سپاهي راهه روڪيو بيٺا هئا. ڏسندي ئي ڏسندي بنا ڪنهن چتاءُ جي ڳوڙها گيس جا شيل اُڇلايا ويا. بس ۾ ويٺل شاگرد جڏهن بسن مان لهڻ لڳا ته مسرور جا اهي بڇيل سرڪاري ماڻهو شاگردن تي ڪاهي پيا. بندوقن جي قنداقن ۽ لٺين سان شاگردن کي ماري ماري اڌ مئو ڪيو ويو. ڪيترن ئي شاگردن کي جيڪي زخمي به هئا گهلي سينٽرل جيل آندو ويو. اُها ڌرتي اُهو هنڌ سڄو رتو رت هو. اهو رت اُڃايل ڌرتيءَ کي ريج هو جنهن ۾ آزاديءَ جا گلاب ڦٽڻا هئا. هيءُ هڪ معمولي واقعو نه پر سنڌي شاگردن جي قومي شعور جو اُڀار هو. هيءَ هڪ انقلاب هو جنهن ستل ذهنن کي جهنجهوڙي ڇڏيو ۽ هيڻن هڏن ۾ سگهه پيدا ڪري ڇڏي. اهڙِي ريت چوٿين مارچ سنڌ جي تاريخ جو هڪ سونهري باب بڻجي پيو. چوٿين مارچ سنڌ جي قومي آزاديءَ جي جدوجهد جو اهڃاڻ بنجي پئي. شاگردن جا بنيادي مطالبا هي هئا:
* سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ انصاف ۽ برابري
*سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد دوست وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان کي بحال ڪرڻ
* حيدرآباد جي سنڌ دشمن ڪمشنر مسرور حسن کي هٽائڻ
* سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جو تحفظ
* ون يونٽ جي خاتمي لاءِ آواز
* شاگردن جي حقن کي مڃڻ

4 مارچ 1967ع تي حيدرآباد ۾ شاگردن جي پرامن ريلي بنيادي طور تي شاگردن جي حقن جي حمايت ۾ هئي، پر ان تي رياستي سختي ڪئي وئي. پوليس طرفان لاٺي چارج ۽ گرفتاريون ڪيون ويون. ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا ۽ ڪيترن کي جيل موڪليو ويو. هي واقعو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ان کان پوءِ شاگرد تحريڪ وڌيڪ منظم ۽ مضبوط ٿي اُڀري.
4 مارچ جي تحريڪ جا ڪيترائي اهم اثر ٿيا:

سنڌ جي نوجوانن ۾ سياسي سجاڳي وڌي. ون يونٽ خلاف تحريڪ کي هٿي ملي ۽ شاگردن جو آواز عوامي تحريڪ سان مليو، جنهن آخرڪار ون يونٽ جي خاتمي ۾ ڪردار ادا ڪيو. قومي سڃاڻپ جو احساس پيدا ٿيو ۽ سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ حقن بابت جذبو وڌيڪ پختو ٿيو.
شاگردن جي انهيءَ بهادرانه ويڙهه جتي سياسي فڪر جا نوان گس گهڙيا اُتي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کي به دعوتِ فڪر ڏني ۽ موٽ ۾ وطن دوست سنڌي اديبن ۽ شاعرن به پاڻ ملهايو. اياز جي شاعريءَ ذهنن کي جهنجهوڙيندي ۽ جذبن ۾ آڳ ۽ اُلا ڀريندي رهي. نياز همايوني جي نظمن ”سنڌ جاڳي پئي“ ۽ ”مڪلي“ نئون ولولو ۽ ولوڙ پيدا ڪري ڇڏيو. استاد بخاري، سرويچ، منشي، گدائي، تنوير عباسي ۽ محمد خان مجيدي ٿر بَر باهه ڀڙڪائي ڇڏي. حيدربخش جتوئي جو نظم ”جيئي سنڌ“ ته قومي تحريڪ جو مستقل ۽ عام مقبول نعرو بنجي ويو. گهر گهر ۽ ڳلي ڳلي ”جيئي سنڌ“ جي گونج گُونجڻ لڳي.
سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو،
سهندو ڪير ميار او يار.
جا ٻولَ تَن کي تڙپائڻ ۽ روح کي گرمائڻ لڳا. سنڌي شاعري سنڌي سپوتن تي فڪري غذا بنجڻ لڳي ۽ ان مان هنن پورو پورو اُتساهه حاصل ڪيو. شاعريءَ کان علاوه ڪهاڻي جي کيتر ۾ ڪهاڻيڪارن به پاڻ ملهايو. امر جليل، علي بابا، عبدالقادر جوڻيجو، آغا سليم، حميد سنڌي، طارق اشرف، ابن حيات پنهور، رسول بخش پليجو، شوڪت ۽ ٻين ڪهاڻيڪارن قومي جذبي کي نوان اُفق عطا ڪيا. اهڙي ريت سنڌ جو تخليقي ۽ تحقيقي سنڌي ادب سنڌي پڙهندڙن جي ذهنن لاءِ نوان چارا ٺاهيندو نوان سج اُڀاريندو رهيو. انهيءَ دور ۾ رسالو ’روح رهاڻ‘ فقط هڪ مخزن نه پر هڪ تحريڪ جو ڪردار ادا ڪري سنڌي ادب ۽ قومي جدوجهد تي وڏو احسان ڪري ويو. هن دؤر ۾ سياسي پليٽ فارم تي رسول بخش پليجي، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد ۽ حيدربخش جتوئي به پاڻ ملهايو.
چوٿين مارچ جي واقعي ۾ گرفتار ٿيل شاگرد جڏهن آزاد ٿيا ته سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ نون خيالن، جذبن ۽ اُمنگن جا سفير بنجي ويا. اهڙيءَ ريت اها چڻنگ هڪ شعلو بنجي پئي ۽ اهو شعلو غاصبن ۽ ڦوروئن لاءِ عذاب جان بنجي پيو. تاريخ جا ننڍڙا ننڍڙا واقعا تمام وڏن ۽ عظيم انقلابن جي راهه روشن ڪندا آهن.
4 مارچ سنڌي شاگردن جي تاريخي مزاحمت جو اھڃاڻ آهي. اهو ڏينهن سيکاري ٿو ته جڏهن نوجوان پنهنجي حق لاءِ بيهندا آهن، تڏهن تاريخ جو رُخ بدلجي سگهي ٿو. سنڌ جي شاگردن جي اها جدوجهد اڄ به نئين نسل لاءِ راهه ڏيکاري ٿي ته علم، شعور ۽ اتحاد سان ئي معاشري ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي.
___________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو
mushtaqtanwari@gmail.com



