مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن : جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي؛ سنڌي ٻولي قومي ٻولي
پاڪستان ۾ اڪثريتي عوام جي مادري ٻولين سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين کي پاڪستان جا حڪمران قومي ٻولين جي حيثيت ڏيڻ کان اڄ تائين انڪاري آھن. ان جو مطلب صاف ظاهر آهي تہ ڪمزوري اسان جي پنھنجي آھي، اسان جي سنڌي ٻولي قومي ٻولي تحريڪ ڪڏھن بہ ايڏي سگھاري نہ ٿي سگهي آھي جو وقت جا حاڪم ان آڏو سر تسليم خم ڪن
اسان جي سنڌي ادبي سنگت بہ جھڙوڪر لوليتا ايڪسپريس جيان حڪمرانن جي جھازي سنگت ٿي وئي آهي. ڪنھن کي ‘درٻار خاص’ تائين پھچائڻو آھي ۽ ڪنھن لاءِ دروازا بند ڪرڻا آهن، سنڌي ادب جي دنيا ۾ اھو ڪم لوليتا ايڪسپريس کان ورتو پيو وڃي
جڳديش آهوجا
1970 جي ڏھاڪي ۾ اسان جيئن شعور جي دنيا ۾ قدم رکيو تہ ‘سنڌي ٻولي قومي ٻولي’ جا سڏ پڙاڏا اسان کي لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج کان وٺي ھر ڪاليج ۽ يونيورسٽي کان ٿيندا سنڌ جي ھر وستي واھڻ، شھر نگر، گھر گھٽي ۾ ٻڌڻ ۾ پيا ايندا ھئا ۽ نوجوانن جو روح سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عشق سان سرشار ھيو. پر اڄ ڪٿان بہ اھا ڪوڪ ٻڌڻ ۾ نٿي اچي!

بس ٻولين جي عالمي ڏينهن 21 فيبروريءَ تي ان جي گونج ڪٿان ڪٿان ٻڌڻ ۾ ايندي آھي نہ تہ باقي سڄو سال خاموشي!
ھا، وسري ويو تہ 2008ع کان وٺي يعني 18 سالن کان سنڌ تي سنڌين جي پارٽي پئي راڄ ڪري، گھٽ ۾ گھٽ باقي دنيا تہ اسان کي اھوئي طعنو ڏيندي پئي اچي، ۽ پوءِ بہ قومي اسيمبلي تہ ڇڏيو، سنڌ اسيمبليءَ مان بہ ڪڏھن سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو ٺھراءُ تہ ڇا ڪڏھن آواز بہ نہ اٿيو آهي. ‘پنھنجي وڍئي جو نہ ڪو ويڄ نہ طبيب.’
ھاڻي تہ پنجاب مان بہ ‘پنجابي ماں بولي پر فخر کریں’ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا پر اسان جا ‘چونڊيل سنڌي نمائندا’ مجال آ جو ڪڇن. بس ھڪڙي ‘سردار’ کي پڳ ٻڌائي ڇڏي اٿن تہ تون پيو راڳ ڳاءِ ۽ ميلا مچائي پيو سڀن کي نچاءِ.
ميلا بہ پيا ملھائجن، ڏينھن بہ پيا سجايا ڪجن، ادب جي نالي ۾ خوب ‘خدمت’ بہ ٿئي پئي پر سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي تحريڪ الائي ڪھڙي غفا ۾ گم ٿي وئي آهي!
اسان جي سنڌي ادبي سنگت بہ جھڙوڪر لوليتا ايڪسپريس جيان حڪمرانن جي جھازي سنگت ٿي وئي آهي. ڪنھن کي ‘درٻار خاص’ تائين پھچائڻو آھي ۽ ڪنھن لاءِ دروازا بند ڪرڻا آهن، سنڌي ادب جي دنيا ۾ اھو ڪم لوليتا ايڪسپريس کان ورتو پيو وڃي. اسان جا ڪالھ جا حڪمران راسپوٽين ھئا ۽ اڄ جاحڪمران ايپسٽين.
راسپوٽين ۽ زار شاھي جو تختو تہ روسي انقلابين اونڌو ڪيو، اڄ ڏسون تہ اڄ جي ايپسٽين حاڪمن ۽ سندن خدمت گذارن جو تختو ڪير ٿو اونڌو ڪري.
سج تہ برطانوي حاڪميت تان بہ نہ لھندو ھو، ھي تہ انھن جا بہ ‘ڇوٽو’ آھن ۽ اسان جي ادبي منڊي جا عملدار ‘ڇوٽو’ جي ‘ڇوٽو’ جا بہ ‘ڇوٽو’.
1999ع ۾ اقوام متحده جي اداري يونيسڪو 21 فيبروريءَ کي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو، جنھن جو تاريخي پسمنظر اھو ھيو تہ 21 فيبروري 1952ع تي ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگردن ‘بنگالي ٻولي قومي ٻولي تحريڪ’ جي سلسلي ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو پر پاڪستان سرڪار 144 قلم لاڳو ڪري ان احتجاج تي پابندي لڳائي ڇڏي، ان جي باوجود ڍاڪا يونيورسٽي جي ھزارين شاگردن يونيورسٽي کان نڪري اسيمبليءَ ڏانھن مارچ شروع ڪيو جنھن تي آنسو گيس، لاٺي چارج ۽ فائرنگ ڪئي وئي جنھن ۾ عبدالجبار، عبدل برڪت، عبدالسلام، رفيع الدين احمد ۽ شفيع الرحمان سميت ڪيترائي نوجوان شھيد ٿي ويا ھيا پر اھا تحريڪ ماٺي نہ ٿي ۽ 1956ع ۾ حڪومت پاڪستان اردو سان گڏ بنگالي ٻوليءَ کي بہ قومي ٻولي طور تسليم ڪري ورتو. بنگالي قوم جي 1948ع کان 1956ع تائين مسلسل 8 سالن جي ٻولي تحريڪ جي جدوجھد جي اھميت کي بين الاقوامي مڃتا ڏيڻدي اقوام متحده 21 فيبروريءَ کي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو. ان طرح اقوام متحدہ تسليم ڪيو تہ ڪنھن بہ قوم جي وسيع اڪثريت جي مادري ٻولي ئي قومي ٻولي جي حيثيت ماڻڻ جي حقدار آهي پر پاڪستان جا تنگ نظر حڪمران فقط زور جي ٻولي ئي سمجھندا آھن، انھن مشرقي پاڪستان جي بنگالي عوام جي پرزور جدوجھد آڏو تہ ھٿيار ڦٽا ڪري بحالت مجبوري بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ طور تسليم ڪري ورتو پر مغربي پاڪستان ۾ اڪثريتي عوام جي مادري ٻولين سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين کي پاڪستان جا حڪمران قومي ٻولين جي حيثيت ڏيڻ کان اڄ تائين انڪاري آھن. ان جو مطلب صاف ظاهر آهي تہ ڪمزوري اسان جي پنھنجي آھي، اسان جي سنڌي ٻولي قومي ٻولي تحريڪ ڪڏھن بہ ايڏي سگھاري نہ ٿي سگهي آھي جو وقت جا حاڪم ان آڏو سر تسليم خم ڪن. ھو ايڏا سگھارا ناھن، اسان جي قومي تحريڪ، قومي ٻولي جي تحريڪ ايڏي سگھاري ناھي جو ھو ھٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿين. ڳالهه بنھ سادي ۽ آسان آهي. ماتم ڪرڻ ۽ ھڪٻئي تي الزام ڏيڻ بہ حاڪمن جا ھٿ مضبوط ڪرڻ آھي. بس مظبوط ارادو ڪرڻو آهي، ثابت قدميءَ سان جدوجھد ڪرڻي آهي، وھم وسوسا ڇڏي خود اعتمادي سان اڳتي وڌڻو آهي، پوئتي لوڻو ناھي ھڻڻو ۽ صالح ڪردار سان منزل طرف وک وڌائڻي آھي. نيت صاف منزل آسان.
‘نہ نوڪري، نہ خدمت، مزاحمت مزاحمت مزاحمت’
خوشامدي ادب ۽ ادبي ميلا نہ، مزاحمتي ادب ۽ مزاحمتي جدوجھد ئي ڪاميابي جي ڪنجي آھي.
سنڌي ٻولي قومي ٻولي تحريڪ کي نئين انقلابي عزم سان، نئين انقلابي ادب ۽ عمل سان فتحياب ڪرائڻ نہ تہ ڪا ڏکي ڳالهه آھي، نہ ان لاءِ ڪا دليلن جي راڪيٽ سائنس گھرجي. ھي جيڪي ڏاھپ جا ڏنگ ھڻي ادب جو سياست سان ناتو ڪٽي حاڪمن جي خدمت گذاري ڪئي پئي وڃي اڄ ان جو ڀانڊو بہ ڦاٽي چڪو آهي.
مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن تي بس سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عظمت جا ڳڻ ڳائڻ، ماضي ۽ حال تي ماتم پٽڪو ڪري پاڻ تان بار لاھڻ ۽ سڄو بار ٻين جي ڪلھن تي وجھڻ بدران ‘ اسان انفرادي ۽ اجتماعي طور پاڻ پنھنجي حصي جو ڪردار ايمانداري، ھمت ۽ ڏاھپ سان ادا ڪيون تہ اوس سنڌي ٻوليءَ کي بہ قومي ٻولي جي حيثيت ملي سگھي ٿي ۽ اسان جي قومي جدوجھد کي بہ عالمي مڃتا ملي سگھي ٿي.’
“جيجل جھولي
ڏئي پئي لولي
سنڌي ٻولي
قومي ٻولي”
__________________

جڳديش آهوجا ڪراچي، سنڌ ۾ رھي ٿو. لاڙڪاڻو سندس جنم ڀومي آھي. ھُو سياست، تاريخ، بين الاقوامي تعلقات ۽ فلسفي جو شاگرد ھجڻ سان گڏ ڪالم نگار ۽ ڪجھ ڪتابن جو ليکڪ، سنڌو واس فائونڊيشن جو باني صدر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو اڳواڻ آھي. ھُن برٽش ڪمپني Pinch Media پاران سنڌ ۽ سنڌي ڪميونٽي تي ٺاھيل دستاويزي فلم ‘اڃان بہ قائم’ Still Standing ۾ مک ڪردار ادا ڪيو.



