سچ چوي آنءُ اڃا اڌورو… سچ ۽ ڪُوڙ وچ ۾ صدين کان ھلندڙ جنگ تي ھڪ نظر
ڪوڙ جو ناجائز ٻار يعني انسان جو منافقتي رويو، ڪوڙ کان ڪئي ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ صورت اختيار ڪري چڪو آهي
منافقت جا ڪيئي وارداتي طريقا آهن. ھڪ وڏو ڪامياب طريقو اهو آهي ته اٺانوي، نوانوي سيڪڙو ڪوڙ ۾ هڪ ٻه سيڪڙو “پنهنجي مقصد” وارو “سچ” ملائي، اڻپڙهيل سماجن يا معاشي طور تي غريب ملڪن جي مصيبت ماريل ماڻهن ۾ اهڙي نموني اڇلايوريا ويندو آهي جو صدي اڌ ته کين خبر ئي ناهي پوندي تہ انهن سان ڪهڙي واردات ٿي چڪي آهي
حميد منگي
سچ ۽ ڪوڙ بابت ٿيندڙ بحث مباحثا، سبق، تقريرون، ڳالهيون، لکڻيون، مضمون، اختلاف، تڪرار، جهيڙا توڙي جنگيون، هر دئور جي هر معاشري ۾ ڏٺي وائٺي حقيقت رهيا آهن۔ اهڙن سمورن بحثن، ڳالهين ٻولهين يا فيصلن دوران هر ڌر پاڻ کي سچ جي ساٿاري ۽ مخالفن کي ڪوڙو قرار ڏيڻ ۾ دير ناهي ڪندي، نتيجي ۾ جڏهن ڪٿي نبيرا ڪيا ويندا آهن، ڳالهين کي ڇني ڌار ڪرڻ کانپوءِ، فيصلا ٻڌايا ويندا آهن تڏهن به ڪا هڪ ڌر، نبيرا ڪرڻ وارن مٿان بنا ڪنهن رک رکاءَ جي، ڪوڙ جو ساٿ ڏيڻ جو الزام مڙهيندي ڏٺي وئي آهي۔ سچ ۽ ڪوڙ جي نالي ۾ هن وقت تائين جيڪو ڪجهه به ٿيندو رهيو آهي، اهو پڻ ڪيترين ئي نئين ناانصافين کي جنميندو رهيو آهي۔ ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو الزام تراشي ڪندڙ يا الزام هيٺ ايندڙ ماڻهوءَ يا ڌرين کي ايمانداريءَ سان پنهنجي پنهنجي اندر ۾ به جهاتيون پائي ڏسڻ گهرجن ته، متان انهن ۾ به ڪي ڪميون ڪوتاهيون هجن، پر گهڻو ڪري ماڻهو پنهنجو محاسبو ڪرڻ کان اڳ، سڄي جو سڄو ڏوهه ٻين مٿان اڇلائيندا آهن۔ ڏور ماضيءَ کان وٺي اڄ تائين ايئن ڇو ٿيندو رهيو آهي يا اهڙو عمل بار بار ڇو ورجائبو ٿو رهي؟ جو هر ماڻهو، هر ڌر پاڻ مرادو پنهنجي قول ۽ فعل کي سچ، ٻئي کي ڪوڙو قرار ڏيڻ ۾ دير ناهي ڪندي، اچو ته ان ڳالهه جي جاچ لهون۔

اصل ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي جهيڙي ۾، اڪثريت جو پاڻ کي سچ تي بيٺل ۽ باقي سڄو الزام مخالفن مٿان مڙهڻ واري مامري تي وڏي عرصي کان دليلن سان بحث جي ضرورت رهي آهي پر، مجال آهي جو ڪنهن به ننڍي وڏي محقق، عالم، فاضل، ليکڪ ۽ دانشور هن موضوع تي ڪڏهن به ڪو قلم کڻي، مضمون، چوپڙي يا ڪو ڪتاب لکڻ جي ڪوشش ڪئي هجي۔ نه ئي اسان جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي گڏجاڻين، ڪچهرين، محفلن، مجلسن يا جلسن ۾ سچ ۽ ڪوڙ بابت سکڻن ۽ سطحي احوالن ڪٽڻ بدران، ٻنهي روين وچ ۾ ڪا ننڍي لڪير ڪڍي، عام ماڻهن کي ڪا پيرائتي ڄاڻ ڏئي اهو سمجهايو هجي ته، پاڻمرادو پاڻ کي سچو ۽ تڪڙ ڪري ٻئي کي ڪوڙو قرار ڏيڻ ڪيترو ڪنو عمل آهي ۽ اهڙن اگرن عملن سبب هر ايندڙ نئين دئور ۾ انساني سماجن توڙي ماحولن کي ڪيتري ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي۔
انهيء سلسلي ۾ هڪڙو ٻيو عمل به انتهائي افسوس جوڳو رهيو آهي، جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جاءِ تي سچ ڳالهائي، موٽي گهر يا دوستن جي محفل ۾ پيرائتو احوال ڏيندو آهي ته، ڪجهه لکيا پڙهيا ماڻهو مذاق مذاق ۾ اهو چئي ڊيڄاريندا اٿس ته، هاڻي ان جو نتيجو ڀوڳڻ لاء به تيار ٿجانءِ. اصل ۾ اهو عمل سچ بابت ماحول ۾ مايوسي ڦهلائڻ ۽ ايندڙ وقت ۾ کيس سچ کان پري رهڻ جي ڌمڪيءَ برابر هوندو آهي۔ پاڻ هتي انهيء حوالي سان هن موضوع تي ننڍي بحث جي شروعات ڪيون ٿا، جيئن ڀلي کير جو کير ۽ پاڻيء جو پاڻي نه به ٿي سگهي ۽ سچ توڙي ڪوڙ وارن معاملن کي سلجهائڻ ۾ ڪي ننڍيون نشانيون به نه ملن، گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو حقيقت پسند ٿي سچ ۽ ڪوڙ کي ڇاڻي، ٻين مٿان الزام مڙهڻ بدران پنهنجين خرابين توڙي ڪمزورين جو به ايمانداريءَ سان اظهار ڪندي، سچ ۽ ڪوڙ وچ ۾ ڪو سنهڙو سنڌو ڪڍن ته، ان موضوع تي لکڻ جو حق ادا ٿي ويندو ۽ پڻ ان سان گڏ، هي موضوع به ٿورو اڳڀرو ٿي، علم جو حصو ٿي پوندو، جيڪو صدين ۽ سالن پڄاڻان ٿي ناهي سگهيو۔
پاڻ جيڪڏهن ٿورڙي ايمانداريء سان جائزو وٺون ته، هي موضوع پاڻ کي ايترو سادو ۽ سولو نظر نه ايندو، جيترو کيس سمجهندا رهيا آهيون، پر اها به ڳالهه درست آهي ته، ان تي جيسيتائين پڪا پختا دليل نه ايندا، ڪي قاعدا، قانون، ضابطا، اخلاقي قدر نه جڙندا، تيسيتائين اهو مامرو اسان جهڙن سماجن کي اڏهيء وانگر اندران ئي اندران کائي کوکلو ڪرڻ سان گڏ ساڳيو ئي مٿي جو سور رهندو ۽ پڻ ان سان گڏ ڪنهن تلوار جيان جيئن جو تيئن ٽنگيل به رهندو۔ رڳو ايترو نه پر انهيء مامري تي، اسان جي سستي سبب انسان جي ترقيء جا حقيقي رستا به بند رهندا، حاصل ڪيل سمورن علمن ۽ هنرن جو به ڪو اسان کي حقيقي فائدو رسندو ۽ پڻ ماڻهن جا وڏين مشڪلاتن کانپوءِ حاصل ڪيل تجربا به اڪثر بيڪار ئي لڳندا۔ جڏهن ته ڪوڙ جي ويهاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺل ڌريون، ساڳئي ئي نموني ٻين کي ڪوڙو ۽ پاڻ کي سچو چئي، معاشرن ۾ خرابين جو سبب بڻجنديون رهنديون ۽ پڻ سچ به يا ته زهر جا پيالا پي مرندو رهندو يا سدائين جيان ڪن ڪيٽا ڪري لڪندو وتندو۔
سچ ۽ ڪوڙ وچ ۾ فرق کي واضع ڪرڻ لاءِ، پاڻ جيڪڏهن ڪوڙ کي في الحال ٿوري وقت لاء پاسيرو رکي، رڳو سچ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪريون، ته ان عمل سان به ڪوڙ پنهنجو پاڻ ئي پڌرو ٿي، سڀني جي سامهون ڦهڪو ڏئي ڪري سگهي ٿو۔ انهيء ڪري پاڻ اڳ ۾ شروع ڪيون ٿا، مختلف شڪلين ۾ ورهايل سچ کان، جيئن خبر پئجي سگهي، سچ جيڪو اڄ جي جديد دئور اندر ماڻهن جي وچ ۾ ويٺل هجڻ گهربو هئو، اهو عام ماڻهن کان پري ڇو آهي؟ اهو انساني سماجن ۾ رهڻ بدران، رڳو فطرت جي ڪجهه مخصوص شين ۾ ڇو ٿو نظر اچي؟ هو ڪڏهن ڪڏهن، ڪن ڀلوڙ شخصيتن جي روپ ۾ ظاهر ٿي، ٿوري وقت لاءِ انساني سماجن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، وري وڏي عرصي تائين ڪيڏانهن گم ٿي ٿو وڃي؟ جنهن کان دنيا جا اڪثر ٺوڳي ماڻهو به ڪن هڻي، پنهنجو پاند بچائي ڀڄڻ جون واٽون ڳولهيندا آهن۔
هتي انهيءَ حقيقت کي به جاچڻو پوندو، سچ واقعي ڪا اهڙي طاقت آهي, جيڪا ڪوڙ جا پول پڌرا ڪري، کيس اگهاڙو ڪري ڀڄائيندي آهي يا اهڙي اٽل حقيقت آهي، جنهن کي دنيا جي طاقتور ڌرين، انهن جي حمايتن، ڏاڍ ۽ چالاڪين ذريعي لڪائي، قيد ڪري، ناجائز فائدا حاصل ڪندا رهيا آهن۔ انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي سچ کي يرغمالي ڌرين کان آجو ڪرائي، ان جي اصل شڪل ۾ ظاهر ڪبو ته، ڪيترن ئي مصنوعي سچن ماڻهن، منفي انداز ۾ ترقي ڪيل سماجن ۽ ڏڦيڙ وجهندڙ سوچن جو انت اچي سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ دنيا جيئن پاڻ کي هاڻي ڇڙوڇڙ ۽ هڪٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وڌل نظر اچي ٿي، اها ان جي بلڪل ابتڙ نظر ايندي ۽ هي جيڪي سچ ۽ ڪوڙ جي بنياد تي ماڻهن جا ماڻهن خلاف مختلف محاذ کليل آهن يا انهن پاران ٺاهيل هٿراڌو فڪرن، فلسفن، سوچن جا پول پڌرا ٿي پوندا يا ڪرهت وارا ڪم يعني هٿيارن، بارودن ۽ منشيات جو وڪرو ڪرائي رهيا آهن، انهن سمورين سازشن کي ڪاپاري ڌڪ رسي سگهي ٿو۔
پاڻ کي انهيء حقيقت کي به مڃڻو پوندو ته، جيڪڏهن صدين کان مختلف ٽڪڙن ۾ ورهايل سچ جو هڪ ننڍڙو ٽڪڙو ڪٿان به اڀري، سج جيان ڪني ڪڍندو ته، يقينن ڪوڙ ۽ ٺڳيء تي مبني انسان دشمن ڪمن، عملن، ڪاروبارن ۽ ڌنڌن ۾ وڏي پيماني تي ڪمي اچي ويندي، انهيء سان گڏ جن جن ملڪن، معاشرن ۽ ماحولن ۾ هٿراڌو طور تي اختلاف چوٽ چاڙهيا ويا آهن ۽ ننڍين ننڍين ڳالهين تي يا حل ٿيندڙ سمورن مسئلن ۽ اختلافن تي ممڻ مچائي، ماڻهن يا ڌرين کي مارا مارين تائين پهچايو وڃي ٿو، انهن ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي اچي سگهجي ٿي۔ ٿورو غور ڪرڻ يا ڳالهيون ڳڻڻ سان، پاڻ کي اها به ڄاڻ ملندي ته هڪ ننڍڙي سچ ۾ به، سائنس جي حڪمت عمليء سان گڏ انسان جو تخليقي مثبت عمل به ساڻ هوندو آهي ۽ اهو به جيڪڏهن وقت تي استعمال ٿيو ته ٺيڪ، نه ته ان جي خراب نتيجن نڪرڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن۔ ڇو ته جڏهن سچ پنهنجي وقت تي نڪري نروار ناهي ٿيندو، ان جاء تي ڪوڙ، ٺڳي ۽ منافقت وارا ڪردار پنهنجو ڪم ڪري ويندا آهن۔ جن جا هڪ ٻن ماڻهن يا ڪٽنبن تي نه، پر سماجن سميت ڪڏهن ڪڏهن پوري خطي تي به هاڃيڪار اثر پوندا آهن۔ جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ڪوڙ هڪ اهڙو منفي عمل رهيو آهي، جنهن جي عام ٿيڻ سان انسان ذات جي غلط رستي تي هلي پوڻ جا انديشا پيدا ٿي پوندا آهن، نتيجي طور تي انسان پنهنجي اصل منزل کان ايترو ته ڏور ٿي ويندو آهي جو، اڪثر ماڻهو باقي عمر ۾ سخت جدوجهدون ڪرڻ باوجود به پنهنجين پنهنجين منزلن تي پهچي ناهن سگهندا۔
اڄ جيڪڏهن دنيا جي اڪثر ملڪن ۽ هنڌن تي غلط ڪم ٿي رهيا آهن، ماڻهو منفي ريتن، رسمن ۽ رواجن جا غلام بڻجندا رهيا آهن يا سماجن ۾ ڏوهاري سرگرميون پنهنجون حدون ٽپي رهيون آهن ته اهو وقت تي سچ سامهون نه اچڻ جو نتيجو هجڻ سان گڏ، ڪوڙ کي غير ضروري پٺڀرائي وارو سبب چئي سگهجي ٿو۔ جنهن ڪري ان جا منفي اثر پوري دنيا تي پئجي چڪا آهن، جيڪڏهن انهن ساڳين هنڌن تي، سچ وقت تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ها ته، جيڪر يقينن هن وقت دنيا جون حالتون، اهڙيون نه هجن ها، جيڪي پاڻ کي هاڻي نظر اچن پيون۔ پوري دنيا ۾ کڻي نه به پر، ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ رشوتون عام جام نه ورتيون وڃن ها، نه سفارشن جا ڌوڙيا هجن ها، نه ڪرپشن ماڻهن جي رڳ رڳ ۾ رت وانگر شامل ٿي ڊوڙندي رهي ها، نه منشيات ٺاهڻ جا کلم کلا ڪارخانا ۽ دڪان کليل هجن ها ۽ نه ئي ايئن آرام سان اها منشيات وڪامجي سگهي ها، جو اڄ جو ننڍو ٻار به آسانيءَ سان منشيات وٺي به ٿو ۽ واپرائي به ٿو۔
هڪ اندازي مطابق، سچ جي وقتائتي ڪردار ادا ڪرڻ سان نه ته جوا جا اڏا کليل هجن ها، نه قانون جي کلم کلا لتاڙ ٿئي ها، نه ماڻهن سان ايئن عام جام ڏٺيون وائٺيون زيادتيون ۽ ناانصافيون ٿيڻ ها، نه سرڪاري ادارا جيڪي اڌ صدي اڳ اڀرا سڀرا ئي کڻي فعال هوندا هئا، اهي اڄ پوريء طرح سان غير فعال ٿي مختلف مافيائن جي هٿن ۾ يرغمال بڻجي، سادن ۽ ساڌن کي به چور، ڌاڙيل، اغواء ڪار يا ٻين ڏوهن جا ڏوهاري نه بڻائن ها، نه وري دنيا جي مختلف خطن ۽ ملڪن وچ ۾ جهيڙا، دشمنيون ۽ جنگين وارا ماحول جڙن ها، نه ايئن آسانيءَ سان دهشت گرد تنظيمون جڙن ها، نه سماجي ڏوهه واڌ ويجهه کائين ها ۽ نه ئي انسانن ۾ ڪوڙ کان به وڌيڪ نقصانڪار منافقت وارو فعل عروج حاصل ڪري ها۔
هتي هلندي هلندي انسان جي منافقتي رويي واري حوالي سان به ننڍڙو بحث ڪندا هلون، ڇو ته اهو رويو موجوده وقت ۾ مڪمل طور تي ڪوڙ جو ساٿي ۽ مددگار ٿي، حقيقي سچ تائين پهچڻ ۾ رڪاوٽون وجهي رهيو آهي۔ دراصل دنيا جي ڪوڙن ماڻهن پنهنجي روز روز جي بدناميءَ کان بچڻ لاء منافقتي رويي جو بنياد وجهڻ سان گڏ، هن ڪراهت واري عمل کي هٿي به ڏني، جيئن ڪوڙ تان ماڻهن جو ڌيان هٽي وڃي ۽ هو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجو ڪم جاري رکي سگهن۔ هاڻي اهو ڪوڙ جو ناجائز ٻار يعني انسان جو منافقتي رويو، ڪوڙ کان ڪئي ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ صورت اختيار ڪري چڪو آهي۔ جيڪڏهن پڙهندڙن کي کل نه اچي ته مان ان ڳالهه جي نشاندهي به ڪيان ته منافقت واري رويي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ماڻهو، ڄڻ ته ڪوڙ جي نالي لاءِ به سڪن ٿا، ڇو ته ڪوڙو ماڻهو جلدي پڪڙجي پوندو هئو جڏهن ته منافقتي عمل کي سڃاڻڻ ۾ ڪجهه سرس وقت لڳي ٿو۔
منافقت واري رويي جا هونئن ته ٻيا به ڪيئي وارداتي طريقا آهن، ان جو وڏو ڪامياب طريقو اهو رهيو آهي ته، هو اٺانوي، نوانوي سيڪڙو ڪوڙ ۾ هڪ، ٻه سيڪڙي جيترو “پنهنجي مقصد” وارو “سچ” ملائي، اڻپڙهيل سماجن يا معاشي طور تي غريب ملڪن جي مصيبت ماريل ماڻهن ۾ اهڙي نموني اڇلايوريا ويندو آهي جو صدي اڌ ته کين خبر ئي ناهي پوندي، انهن سان ڪهڙي واردات ٿي چڪي آهي۔ جنهن جي نتيجي ۾ اتان جا اڪثر سادا ماڻهو، ڪوڙ کي به سچ سمجهي وٺندا آهن۔ بهرحال ماڻهن جو منافقتي رويو هڪ الڳ ۽ وڏو موضوع به آهي، ان ڪري پاڻ کي سچ جي ڳولها لاءِ واپس پنهنجي موضوع ڏانهن موٽڻ گهرجي۔
سچ جي پنهنجي پوري طاقت سان ظاهر ٿي نه اچڻ جا هونئن ته، ٻيا به ڪيترائي سبب هوندا پر، ان بابت هڪ وزنائتو دليل هي آهي ته، سچ ازل کان مختلف شين ۽ شڪلين ۾ ورهايل رهيو آهي يا کڻي ايئن به چئجي ته، ڪٿي ڪٿي کيس ڄاڻي ٻجهي ورهايو ويو هجي ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، جنهن جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا۔ جيڪڏهن سچ جي باري ۾ ايمانداريء سان تحقيق ڪبي ته، پاڻ کي اها ڄاڻ به ملندي ته، سچ بابت مختلف عمرين وارن ماڻهن جا پنهنجا پنهنجا ۽ الڳ رايا رهيا آهن۔ اسرندڙ عمر جي ايماندار ٻارن جي ذهنن ۾ سچ جون الڳ الڳ شڪليون ڏٺيون ويون آهن، اهڙيء ريت جوانن وٽ سچ جون شڪليون، ٻارن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه مختلف ملنديون، پڪي عمر جي ماڻهن ۾ سچ بابت وچور ڪجهه ٿورا وڌيڪ واضع ٿيل هوندا آهن۔ اهڙيء طرح پوڙهي دماغ وٽ ته، سچ جون صورتون ٻين سڀني عمرين وارن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ جدا نظر اينديون، جو هڪ ته انهن وٽ زندگيء جا وڏا تجربا هوندا آهن ۽ ٻيو ته عمر جي واڌ سبب، اهڙن ماڻهن جي “ڇهين حس” ڪجهه وڌيڪ ڪم ڪرڻ لڳندي آهي۔ جڏهن ته ڪجهه پوڙها صديون اڳ پراڻن سچن تان مرندي گهڙيء تائين هٿ ناهن کڻندا، جنهن ڪري ايندڙ نوجوان نسل کي وڏين مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي۔
هتي اهو به واضع ڪندا هلون ته، سچ صرف مختلف انساني عمرين ۾ ورهايل ۽ ڦاٿل ناهي رهيو پر ٿوري وڌيڪ دماغ ويڙهائڻ سان هو پاڻ کي مختلف صنفي سوچن ۽ ڍانچن به ورهايل نظر ايندو۔ يعني عورتن، مردن يا وچئين جنس جي سچ جي شڪلين ۾ به وڏا فرق ۽ تضاد ڏٺا ويا آهن۔ تنهن کانسواءِ پڙهيل ۽ اڻپڙهيل، عاقل ۽ بي عقل، عالم ۽ بي علم, تجربيڪار ۽ تجربن کان خالي ذهنن وٽ به، سچ چوڻ توڙي پرکڻ واريون الڳ شڪليون هونديون آهن۔ جڏهن ته ڪنهن سٺي طبيعت واري پر ضدي ماڻهوء ۽ لچڪدار ذهن رکندڙ ماڻهن وٽ به سچ جي باري ۾ پنهنجا پنهنجا رايا ڏٺا ۽ محسوس ڪيا ويا آهن۔ انهيء بحث کي اڃان ٿورڙو وڌيڪ وسيع ڪبو ته، سياستدانن ۽ معيشت دانن، اميرن ۽ غريبن، هارين ۽ زميندارن، ڪارخانيدارن ۽ مزدورن، ڪپڙي اڻڻ وارن ۽ ڪپڙا ڌوئڻ وارن، واپارين ۽ خريدارن ۽ ٻين وٽ به سچ، پنهنجن پنهنجن تجربن ۽ حالتن آهر الڳ الڳ مهانڊن سان لڪل هوندو آهي۔
انهن سڀني نشاندهين کي به ٿورڙو پاسيرو ڪري، مختلف شڪلين ۾ ورهايل انهيء سچ تي وڌيڪ سوچبو ته، حڪمران طبقي جو سچ الڳ نوعيت جو هوندو آهي ان جي ڀيٽ ۾ رعيت توڙي عوامي سطح جي سچ ۾ به چڱو خاصو فرق نظر ايندو آهي۔ جن کي تيسيتائين ٻئي ڌريون آسانيءَ سان قبول ناهن ڪنديون، جيسيتائين عوامي جدوجهدن سان ڪا وڏي تبديلي نه اچي وڃي۔ پوء ڀلي اهڙي ڪوشش جو نتيجو فرانسيسي انقلاب جهڙو ڇو نه نڪري، جنهن جي نتيجي ۾ بادشاهتي نظام ته پڄاڻيء تي پهتو پر، پنجن سالن کان پوء نيپولين بونا پارٽ جي سوچ تي مبني آمريتي نظام دنيا کي ورثي ۾ مليو، جيڪو اڃا تائين ڪيترن ئي ملڪن ۾ رائج آهي۔ سوچڻ جي ڳالهه اها به آهي ته، جڏهن سچ جون ايڏيون شڪليون ۽ ورائٽيون آهن ته پوء، اصل سچ جي پرک ڪيئن ۽ ڪير ڪري سگهندو؟ ۽ سچ جي انهن مختلف شڪلين جي تندن ۽ رڳن کي پاڻ ۾ ملائي درست انداز ۾ ڪهڙي قسم جو ماڻهو، انساني ڀلائيء لاء استعمال ڪري سگهندو؟
انهيء سلسلي ۾ جيتوڻيڪ سچ وقت گذرڻ سان گڏ لڳاتار واڌ ويجهه جي مرحلن مان به گذرندو رهيو آهي، جيڪي مرحلا اڃا مڪمل ناهن ٿيا۔ جنهن جا ڪجهه ثبوت هيٺين مثالن مان ملن ٿا۔ ڪجهه عرصو اڳ سچ جي هڪ شڪل، ڪپڙا، سئي ۽ سڳي سان سبڻ واري ۽ هٿن سان ڌوئڻ واري هئي، اڄ ڪپڙا سلائي مشينن سان سبيا ۽ واشنگ مشين ذريعي ڌوتا وڃن ٿا، ڪجهه عرصو اڳ انسان جا گرمين ۽ سردين کان بچڻ جا طور طريقا ڪجهه الڳ هئا، هاڻي ماحول يڪسر تبديل ٿيل آهي۔ ڪجهه سال اڳ انساني رهڻيون ڪهڻيون به ڪجهه ٻين طريقن سان هيون، هاڻي انهن ۾ به وڏا فرق ڏسڻ لاء ملن ٿا، اڳ بيمارين جا علاج مختلف جڙي ٻوٽين سان ٿيندا هئا، هاڻي اهي به 90 ڊگريء واريء قلابازي کائي چڪا آهن۔ مطلب ته اهڙا ٻيا به کوڙ سارا مثال دهرائي سگهجن ٿا، جن مان اها ڄاڻ ملندي ته، سچ رڳو ۽ رڳو انساني عمرين ۾ ناهي ورهايل پر ماضي، حال ۽ مستقبل توڙي مختلف شعبن ۽ سماجي، معاشي، اقتصادي حالتن ۾ به ورهايل رهيو آهي۔ جڏهن ته انهيءَ سلسلي ۾ اهو خيال به ڏينهون ڏينهن پڪو پختو ٿيندو پيو وڃي ته سچ، نه صرف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پر دنيا جي مختلف ملڪن جي تبديل ٿيل قاعدن، قانونن، رهڻين ڪهڻين کان ٿيندو، اتان جي مختلف موسمن ۾ به ورهايل رهيو آهي۔

جيڪي ماڻهو ڪن خاص موقعن تي سچ بابت پنهنجي پنهنجي ڳالهه کي وزندار بڻائڻ لاء اڀرا سڀرا دليل ڏيندا آهن، سچ جي ماءُ يعني ” سچ جو فلسفو” انهن دليلن کان ڪئي ڪوهه پري بيهي، اهڙن دليلن تي کلندو به آهي ته من ئي من ۾ اهو به چوندو آهي، ته سچ منهنجي ڪک ۾ اڃا نسريو ئي مس آهي، مان اڃا سچ کي ڄڻيو ئي ناهي، هنن ماڻهن ڪيئن منهنجي اولاد جي شڪل جا الڳ الڳ، نقش چٽيا ۽ فوٽو ٺاهي رکيا آهن۔ “سچ جو فلسفو” اهو به سوچڻ تي مجبور ٿيندو آهي ته، جيسيتائين سچ ڄمي ئي ڄمي تيسيتائين فطرت الائي ته ڪيترين ڦيرين گهيرين مان گذري، شين جون صورتون مٽائي نئين رنگ ۽ ڍنگ ۾ ظاهر ٿيڻي آهي، اهڙي وقت ۾ جڏهن سچ مڪمل ٿيندو ته، ماڻهو پنهنجن پراڻن خيالن تي پشيمان ضرور ٿيندا۔ جيئن ڪجهه مولوي حضرات اڳ ڦوٽو ڪڍڻ ۽ ڪڍرائڻ کي گناهه سمجهندا هئا، پر اڄ اهي حج ۽ عمري تي وڃڻ جو جواز ٺاهي، ڦوٽو واري عمل کي گناهه مان ڦيرائي ثواب قرار ڏئي رهيا آهن۔
بهرحال، دنيا جا اڪثر وڏا وڏا واقعا اهو ثابت ڪندا رهيا آهن ته، ڪي ماڻهو ڪجهه عرصو اڳ سچ جي نالي ۾ ڪا هڪڙي ننڍڙي جهلڪ ڏيکاري هليا ويندا هئا، وري جڏهن اهو دور گذري ويندو هئو، ڪجهه سال گذرڻ کان پوء ڪا نئين صورتحال پيدا ٿيندي هئي ته، اڪثر ماڻهو سچ جا ڪجهه سال اڳ وارا پراڻا نسخا آزمائيندا هئا، جيڪي اڪثر بي اثر ثابت ٿيندا رهيا، ان جي ڀيٽ ۾ جڏهن ڪجهه سمجهه ڀرين ماڻهن وقت جي ڦيرين گهيرين کي محسوس ڪري نئين دئور مطابق نوان نسخا تيار ڪري آزمايا ته، ڪامياب ليکيا ويا۔ جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته، اسين اڄ جنهن عمل کي سچ سمجهون ٿا، اهو ايندڙ وقت ۾ ڀلي ڪوڙ نه به سمجهيو وڃي پر ساڳيو سچ به نه هوندو ۽ اهو ڪنهن نئين روپ ۾ ظاهر ٿيندو۔
ان جا ڪجهه مثال هي به ڏئي سگهجن ٿا، اڳ جڏهن ڪنهن جي هٿ ۾ تلوار يا چاڪو ڏٺا ويندا هئا ته، اڪثر ماڻهو ڀڄي ويندا هئا پر انکانپوء ڀالا ۽ تير تيار ٿيا ته، چاڪوء ۽ تلوار جي اهميت گهٽجي وئي، ڇو ته جيسين تلوار ۽ چاڪو وارو پهچي حملو ڪري، تيسين پري کان بيٺل ڀالي ۽ تير وارو، انهيء تلوار واري ماڻهوء جو ڪم تمام ڪري وجهندا هئا۔ وري جڏهن بندوق يا بارود جو استعمال شروع ٿيو ته ڀالي ۽ تيرڪمان جي اهميت ٽڪي جي به نه رهي، اهڙيء طرح توب جي وجود ۾ اچڻ کانپوء بندوق جو ڊپ ختم ٿي ويو۔ جڏهن جهاز جڙيا ته توبون پنهنجو توازن برقرار رکي نه سگهيون۔ هاڻي جڏهن ميزائيل جڙيا آهن ته، جنگي جهازن لاء به خطرا پيدا ٿي پيا آهن۔ انهيء سڄي پٽاڙ جو مطلب اهو آهي ته، وقت گذرڻ سان، هر نئون دئور نئين سچ کي جنمي پيو۔ جنهن جي سولي معني اها بيهي ٿي تہ سچ رڳو فطرت، ان جي مختلف شين ۾ لڪل ناهي يا انساني عمرين مان ظاهر نه ٿو ٿئي پر دنيائي ۽ انساني ترقيء ۾ به هُو پنهنجو سفر جاري رکندو پيو اچي۔ اصل ۾ سچ هن وقت تائين پنهنجي ڪا هڪ شڪل ٺاهي ئي ناهي سگهيو، پوء ڇو نه انهيء ڳالهه کي سچ سمجهجي ته، سچ چوي، آئون اڃا اڌورو۔
بهرحال، هن لکڻيء جو مقصد اهو قطعي ناهي ته، جيسيتائين سچ پنهنجو سفر مڪمل نٿو ڪري ۽ پنهنجي مڪمل شڪل ظاهر نه ٿو ڪري، تيسيتائين ماڻهو هروڀرو ڪوڙ سان ها ۾ ها ملائيندي آمنا صدقنا ڪري۔ پر ان جو رڳو ۽ رڳو مقصد اهو ڪڍڻ گهرجي، هڪ ته هن وقت تائين جيڪو سچ ظاهر ٿيو آهي، ان مان ڪم وٺجي ۽ ٻيو ته وقت سان گڏ سچ ۾ جيڪي مثبت تبديليون اچن ٿيون، انهن جي چڱيء طرح ڇنڊڇاڻ ڪجي ته، اهو ڪهڙن ماحولن ۽ معاشرن ۾ لاڳو ٿي سگهي ٿو، اتي لاڳو ڪرڻ جون ڪوششون وٺڻ گهرجن ۽ جن ملڪن ۽ سرحدن ۾ نئين سچ کي هضم ڪرڻ جون خوبيون موجود ئي ناهن، اتي سچ کي هروڀرو سقراط وانگر زهر پياري مرڻ تي مجبور نه ڪجي پر، حالتن آهر ان جو هڪڙو تسلسل جوڙجي ۽ ڊگهي ئي سهي پر سائنسي عمل مان گذاري لاڳو ڪجي۔ جنهن جو هڪ مثال نيلسن منڊيلا واري جدوجهد مان وٺي سگهجي ٿو۔
بهرحال، اڳ انسان جي سوچ اڄ جي ڀيٽ ۾ سسيل هئي، جيڪا وقت سان گڏ آهستي آهستي ويڪري ٿيندي پئي وڃي۔ جنهن وقت سقراط ضد جي گهوڙي تي چڙهيل هئو ۽ ان کي زهر جو پيالو پيئاريو پئي ويو، ان وقت افلاطون يا ان جي ٻين شاگردن کي به ايترو عقل نه هئو، جو هو کيس سمجهائي يا ننڊ جون گوريون کارائي کيس بچائڻ لاء ڪنهن ٻئي هنڌ وٺي وڃن ها، پر اڄ جو جهان بلڪل الڳ آهي، جتي نوان ۽ سمجهه ڀريا افلاطون پيدا ٿي پيا آهن۔ انهيء ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته مرڻ مهڻو ناهي، پر ضد سبب آيل موت به غير فطري موت يا خودڪشيءَ برابر هوندو آهي، ڀلي سچ کي هٿيار ٺاهي دشمن جي ٻوٿ ۾ ٺڪاءُ ڪري وهائي ڪڍجي پر، ان عمل ۾ هروڀرو سقراط واري ضد نه هئڻ گهرجي، جيئن صدين کانپوء پيدا ٿيل تمام وڏو سچ، وقت کان اڳ پاڻ کان وڇڙي نه وڃي ۽ پاڻ وري صدين تائين اهڙي سچ جو انتظار ڪندي ڪندي مري وڃون۔ ڇو ته هڪ ته سچ اڻلڀ هجي ۽ ٻيو وري پنهنجا افعال اهڙا هوندا ته، انسانن کي سچائيء واريون فتحون ڪٿان نصيب ٿينديون۔
_________________

عبد الحميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو.



