سنڌ جي قديم شھر رتيديري جون ڍڪ بازارون، مندر ۽ ماڙيون
ڍڪ بازارن يا ڍڪيل بازارن جا ڪجھ حصا اصلي حالت ۾ اڄ بہ موجود آھن. اھي بازارون وڏي رٿابنديءَ سان ترتيب ۾ ٺھيل ھيون.
سنڌ ۾ ھندو برادريءَ جا ماڻھو پنھنجي رھائش لاءِ محل ماڙيون اڏڻ جا شوقين رھيا آھن. ھر شھر ۾ سندن ماڙيون اڄ بہ موجود آھن. رتيديري ۾ بہ سندن ماڙيون تمام گھڻو مشھور آھن. رتيديري ۾ مندر ۽ شوالا بہ ھئا جن مان ڪي اڄ بہ موجود آھن.
عبد الفتاح اوڍاڻو
رتوديرو سنڌ جو ھڪ پُراڻو شھر آھي جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اٽڪل ساڍا ٽي سئو ورھيہ اڳ آباد ٿيو. سنڌ جي اُتر اولھ علائقي ۾ ھيءَ شھر ھن وقت تعلقي ھيڊڪوارٽر آھي ۽ ضلعي ھيڊڪوارٽر شھر لاڙڪاڻي کان اٺاويھ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھي. ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ توڙي پوءِ ھن شھر جي وڏي اھميت رھي آھي ڇو تہ ھتي ڪيترين ئي اھم سياسي ۽ ڪاروباري شخصيتن جنم ورتو. زراعت ۽ ڪاروبار جي لحاظ کان بہ ھيءُ شھر مرڪزي حيثيت رکندو آيو آھي. رتيديري شھر جي اھميت جو اندازو انھيءَ مان ڪري سگھجي ٿو تہ ھتي 1862 ۾ ميونسپلٽيءَ جو بنياد پيو. شروع ۾ ميونسپلٽيءَ جو انتظام ھلائڻ لءِ اٺ ڏھ ٿاڦيل ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي ھوندي ھئي. رتيديري جي زراعت ۾ چانور، ڪڻڪ، ڪمند ۽ سرنھ جا فصل مُکيہ آھن. ساريال جي فصل جي ڪري ھتي سارين جي ڪارخانن جو ڄار وڇايل آھي ۽ ھندوبرادريءَ جي واپارين جون ڪوٺيون ۽ گدام قائم اھن جيڪي فصل لھڻ شرط آبادگارن کان خريد ڪري پاڻ وٽ اسٽاڪ ڪن ٿا ۽ پوءِ ڪراچيءَ سان سڌو واپار ڪن ٿا.

رتيديري جي ڪاروباري اھميت جو اندازو انھيءَ مان بہ ڪري سگھجي ٿو تہ جڏھن انگريزن ٽالپر حڪمرانن کي شڪست ڏئي سنڌ فتح ڪئي تہ سکر کان سنڌو نديءَ مان رتيديري تائين واھ ڪڍيو ويو جنھن جو نالو سکر واھ رکيو ويو ۽ ان واھ ۾ ٻيڙن ذريعي ڪاروبار ٿيڻ لڳو. واھ جي ڪري ٽرانسپورٽيشن جي ڪري رتيديري کي ڄڻ تہ ھڪ ننڍي بندر جي حيثيت حاصل ھئي. جيئن تہ ھن علائقي ۾ ڪمند جو فصل بہ جام ٿيندو آھي تنھنڪري ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب ملڪ جو اقتدار سنڀاليندي ئي ھتي ھڪ شُگر مل قائم ڪئي جنھن سان زميندارن کي وڏي سھولت ٿي پئي ۽ انھيءَ سان گڏ ھن علائقي جي اھميت اڃان بہ وڌي وئي.

بھرحال، جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم تہ رتيديري شھر جي اھميت ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ بہ ھئي، تنھنڪري ھتي مان انھيءَ زماني جي شھر جون ڳالھيون ونڊيندس جڏھن رتيديري ۾ ڍڪ بازارون، وڏيون وڏيون ماڙيون ۽ مندر ھوندا ھئا. ڍڪ بازارن جو رواج انھيءَ ڪري ھوندو ھو جو ھن علائقي ۾ بي انتھا گرمي ٿئي ٿي ۽ ڏينھن جي وقت ڪاروبار جاري رکڻ لاءِ بازارن کي ڪاٺ جي فريمن سان ڍڪيو ويندو ھو. اھي ڍڪ بازارون ڪلھوڙا ۽ ٽالپُر حڪمرانن جي دور جون آھن. وقت گذررڻ سان گڏ اھي بازارون بہ متاثر ٿيون پر ھاڻ بہ انھن مان ڪن بازارن جا ڪجھ حصا اصلي حالت ۾ سلامت موجود آھن. اھي بازارون وڏي رٿابنديءَ سان ترتيب ۾ ٺھيل ھيون جن ۾ ڪريانہ بازار، ڪپڙي بازار، مائي بازار (جتي مائو وڪامندو آھي)، اناج بازار، بُوٽ بازار، مُڃارڪي بازار (جتي سُئي ڌاڳي کان ويندي سلائي ڪڙھائيءَ جو ھر سامان ملي)، پنسارڪي بازار وغيرہ شامل آھن. اھڙيون ڍڪ بازارون يعني ڍڪيل بازارون، سخت گرم موسم جي ڪري سنڌ جي ٻين شھرن ۾ بہ ھونديون ھيون.
رتيديري ۾ ھندو برادريءَ جو مسڻ يا مساڻ اڄ بہ آھي جيڪو نئين عيدگاھ جي بلڪل ويجھو بروھي محلي سان لڳ آھي. ھندو برادريءَ جا ماڻھو پنھنجي پيارن جي لاڏاڻي تي انھن جو انتم سنسڪار اُتي ڪندا آھن.

رتيديري جو شوالو بہ شھر جي وچ ۾ آھي جتان ماڻھو لنگھي آزاد ميدان ڏانھن ويندا آھن. آزاد ميدان ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب ٺھرايو ھو. ھن ميدان جو نالو ننڍي کنڊ جي ھڪ وڏي اڳواڻ مولانا ابوالڪلام آزاد سان منسوب آھي جيڪو ورھاڱي کن اڳ جواھر لال نھروءَ سان گڏ آيو ھو ۽ ھن ئي ميدان ۾ جلسي کي خطاب ڪيو ھئائين. شِوالو مندر اصل ۾ مھراج جي حويلي آھي جتي ھندو برادريءَ جا ماڻھو ئي رھن ٿا ۽ اُتي وڃڻ لاءِ ڪنھن بہ غير ماڻھوءَ کي اجازت وٺڻي پوندي ھئي. حويليءَ جي ٻاھران ھڪ وڏو دروازو ھوندو ھو. مان جڏھن پرائمري اسڪول نمبر 2 ۾ پڙھندو ھئس تہ موٽڻپور محلي کان ويندي مائو بازار ۽ مھراج جي حويليءَ وارو رستو وٺي آزاد ميدان پار ڪري اسڪول ويندو ھئس. مھراج حويليءَ ۾ منھنجو ھڪ ڪلاسي مھراج وجئہ ڪمار رھندو آھي. کيس ڳائڻ جو گھڻو شوق ھو ۽ اڄ بہ ڪشور ڪمار جا گانا پيو ڳائيندو آھي.
رتيديري جي بابا گوبند داس جي درٻار بہ مشھور آھي جيڪا مائَي بازار وٽ آھي. ھن درٻار ۾ صبح جو پنجين وڳي کان شام جو ستين وڳي تائين ھندو برادريءَ جا مرد توڙي عورتون پُوڄا پاٺ ڪندا آھن ۽ باقاعدہ پرساد ورھائيندا آھن. ھر ايندڙ مرد توڙي عورت ست گھنٽيون وڄائيندو آھي.

اڳي رتيديري جي وچ شھر ۾ ست سنگھ مندر بہ ھوندو ھيو. سيد مور شاھ جي ھوٽل جي سامھون ھن مندر جي ھيٺان ڪمرشل دُڪان ھوندا ھئا. بعد ۾ ھيءُ مندر ختم ٿي ويو ۽ سمورو ماڪيٽ سيل ڪيو ويو. جيستائين مندر ھيو تہ ھتي وڏي تعداد ۾ ماڻھو پُوڄا پاٺ لاءِ ايندا ھئا.
سنڌ ۾ ھندو برادريءَ جا ماڻھو ڪاروبار، تعليم ۽ نوڪرين ۾ ھجڻ ڪري مالي لحاظ کان سگھارا ھجڻ سان گڏ پنھنجي رھائش لاءِ محل ماڙيون اڏڻ جا بہ شوقين رھيا آھن. ھر شھر ۾ سندن ماڙيون اڄ بہ موجود آھن. رتيديري ۾ بہ سندن ماڙيون تمام گھڻو مشھور آھن. سوا سئو سال اڳ توڙي انگريزن جي زماني کان بہ گھڻو اڳي جون ڪي ماڙيون اڄ بہ صحيح سلامت موجود آھن. بلڪل ايئن مسلمان زميندارن جون حويليون بہ ھونديون ھيون جن جي جاءِ تي ھاڻي نوان گھر تعمير ٿي چُڪا آھن. مھراج جي حويلي يا ٻي ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ حويلي بھرحال موجود آھي. علائقي جي گرم موسم جي حساب سان ماڙين توڙي حويلين ۾ ھوا دان، دريون ۽ بالڪنيون ھونديون ھيون تہ جيئن تازي ھوا ۽ روشني ايندي رھي. رتيديري جي ماڙين تي لوڪ گيت بہ مشھور ھو تہ ”ڏسي رتَي جون ماڙيون، دل چوي ٿي واھ واھ رتوديرو.“
_______________

عبدالفتاح اوڍاڻو رتيديري جي موٽڻپور محلي جو رھواسي آھي. ھُو ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ سنڌي پاڙي، شانتي نگر، گلشنِ اقبال ۾ رھي ٿو.
اي ميل: abdulfattahodhano@gmail.com




Very good article but much is missing.
Writer has limited knowledge after partitions era
Municipality was not established in 1919 but after muncipleact 1852 the Ratodero Municipal was established in 1862…
I have copy of Collector Shikarpur hand written order and Commissioners note
Abdul Razak soomro has given some old references in his book
Soomro sbis almost over 100 years
The first irrigatbeanch which was developed for Ratodero land was named on Wadero Allah Dino Dayo who died in 1866
Later this wah remained on Dayo family Dayo family was oldest land holder if one thousand Accars of land they are settled since 1570
Abdul RazK Soomro saheb has also mentioned about this irrigation icon
Allah Dino was among pioneer members iof Ratodero munciplity