Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

مان باغي آھيان, پِتا جو نالو اِنقلاب ۽ ھيءَ مُقدس ڌرتي منھنجي ماتا آھي

وطن سان محبت ۽ ان جي آزادي ڏوھ يا گناھ ناھي, بلڪـ عين عبادت ۽ ثواب آھي ـ ڏوھي مان نـ بلڪـ اوھان انگريز آھيو, جو ست سمنڊ پار ڪري, ھندستان ۾ اچي قابض ٿيا

مون ريل ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، موقعو مليو تہ انگريزن کي اڃان وڌيڪ نقصان ڏيندس جيستائن وطن آزاد نٿو ٿئي. عدالت ۾ شھيد ھيمون ڪالاڻيءَ جو بيان

سيد غُلام شاھ

ھيمون ڪالاڻي سِنڌ جي جنھن خِطي ۾ پيدا ٿيو, اُن جي تاريخ وطن تان قربان ٿي پاڻ کي ھميشـه زندھ رکڻ وارن سان ڀَري پئي آھي ـ ايئن تـ سنڌ تاريخي طرح ھزارين سالن کان دنيا کي خوبصورت بڻائڻ لاء پنھنجي حصي کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو آھي ـ پر جيتري خوشحال, مھذب, امُن پسند ۽ انسان دوست رھي آھي، اوتروئي امُن ۽ انسان دشمن وحشي قومن جي يلغار بـ مٿس رھي آھي، ليڪن ھن ڌرتيءَ پنھنجي مان شان, عزت احترام ۽ آزادي لاء اھڙا شيردل عظيم انسان بـ پيدا ڪيا آھن جن ھن مُقدس ڌرتي جي حفاظت لاء ڪڏھن بـ پنھنجي سِرن جي پرواھ نـ ڪئي آھي ـ

 ايئن تـ سموري سنڌ ميدان جنگ رھي آھي, ھن جي مِٽي ۾ لکين سنڌ تان نثار ٿيندڙ عاشقن جو خون مليل آھي ـ پر مان ھتي مضمون جي نِسبت سان فقط ھيمون ڪالاڻي جي جنم ڀومي جي حوالي سان تاريخي طور وطن جي تحفظ ۽ آزادي لاء جوٽيل جنگين ۾ بھادري سان قربان ٿيندڙ جوڌن جو مختصر ذڪر ڪندس ـ

سکر, بکر, روھڙي ۽ اروڙ جي ڌرتي تاريخ جي ھڪ ڊگھي ۽ اَڻانگي سفر ۾ ھميشـ ڌارين جي قھري ڪارواين ھيٺ رھي آھي ـ

ايلگزينڊر (سڪندر يوناني) جي مؤرخ ھيرو ڊٽس لکيو آھي تـ دنيا فتح ڪندي,  راجا پورس کي پنجاب ۾ شڪست  ڏيئي, جڏھن سنڌ جي راجا ماسيڪانس (راڻو ماڇي) سان واسطو پيو, ۽ ان جي مقابلي لاء اروڙ ڏانھن جنرل پيٿان کي موڪليو تـ راجـا ماسيڪانس جي بھادر فوج وڏي حڪمت ۽ ھمت سان پـنھنجن جنگي جوانن ۽ ٽرينڊ ڪتن جي فوج سان مقابلو ڪيو ـ ھر ماڻھو مرڻ ۽ مارڻ لاء منظم طريقي سان اسان تي اھڙي جوش ۽ ولولي سان حملا آور ٿيو, جو ھيڪر تـ اسان جا پير پٽجي ويا ۽ ھوش خطا تي ويا ـ جنگ ۾ اڪثر پنھنجي ۽ دشمن جي تميز ڪرڻ مُشڪل ھوندي آھي ـ اڪثر غلطي سان پنھنجا ساٿي پنھنجن ھٿان بـ مارجي ويندا آھن, پر ھنن جا ڪُتا ايڏا ھوشيار ھئا. جو فقط ڌارين تي حملو ڪندا ھئا ـ جيئن تـ اسانجي فوج تعداد ۾ وڌيڪ, گھوڙي سوارن جي گھڻائي, جنگين جو تجربو, تلوارون, نيزا, ڀالا, ڍالون, زرھ ۽ ٻيا جنگي ھٿيار جديد ۽ جَھجَھي تعداد ۾ ھئا, اُنڪري, ڪيترن ڏينھن جي جنگ کانپوءِ وڏي انگ ۾ سنڌي سورمن کي سندن ھردلعزيز راجـا ماسيڪانس سميت قتل ڪرڻ کانپوء وڃي جنگ جو پَلڙو پنھنجي حق ۾ ڪيو ـ ليڪن پوء بـ ڇڙ وڇڙ سنڌي جوان, اسان جي مٿان حملا ڪندا رھيا ـ ڪنھن ٻڌايو تـ جيستائين سنڌين کي پڪ نـ ٿيندي تـ سندن راجا مارجي چڪو آھي, ايستائين ھي وڙھندا رھندا. ان کانپوء راجـا ماسيڪانس جو لاش کڻي بکر جي چوڪ تي ٽنگيو ويو, ۽ منادي ڦيرائي تـ راجـا مارجي چڪو آھي ۽ سندس لاش بکر جي چوڪ تي ٽنگيل آھي ـ تڏھن وڃي ڪجھ ٺاپر آئي ـ پوء بـ اسانجي سنڌ ڇڏڻ تائين سنڌين پنھنجون گوريلا ڪاروايون جاري رکيون ـ

اِبن قاسم جي اَروڙ تي حملي وقت بـ بغير حاڪم جي سنڌين وڏي جوانمردي سان مقابلو ڪيوـ جنگ ۾ جوانن جا سر گَجر مُوري وانگر ڪَٽبا رھيا, پر ھي ساھ جي آخري گھڙيءَ تائين وطن مٿان قربان ٿيندا رھيا ـ

ارغونن جي دور ۾ جڏھن شاھ بيگ اَرغون ھڪ ظالم وحشي ڪوڪلتاش کي بکر جو گورنر ڪري موڪليو تـ ھتي جي ماڻھن ان جي ظلمن خلاف بغاوت ڪئي ـ ان مزاحمتي جنگ ۾ ڌاريجا وڏي ھمت ۽ بيجگريءَ سان وڙھيا ـ جيڪي ڌاريجا ھٿ ايندا ھئا تِن کي قتل ڪري بکر جي قلعي جي برج تان ھيٺ درياھ ۾ اڇلايو ويندو ھو ـ انڪري ان برج جو نالو خوني برج مشھور ٿيو ـ

ھندستان جي مُغل بادشاھ ھمايون کي جڏھن شيرشاھ سوريءَ شڪست ڏئي ھندستان کان ڀَڄائي ڪڍيو تـ ھن افغانستان ۽ ايران ويندي روھڙي ۽ سکر جي پَسگردائي ۾ رھي لُٽ ڦُر ڪندي پنھنجي ظلم جي بازار گرم رکي ـ آخر لڳاتار مزاحمت کان پوء ھن کي بـ سنڌ ڇڏڻي پئي ـ

شاھ شُجاع افغاني ۽ ميرن جي سکر ۾ کرڙي جي ميدان تي خونخوار جنگ لڳي ـ ان جنگ ۾ ميرن جي فوج وڏي بيجگريءَ سا وڙھي ـ جنگ ۾ وڙھندڙ جوڌن جان داستان اڄ سوڌو خليفي نبي بخش جي ڪيڏاري ۾ زبان عام آھن ـ ھيمون بـ وطن تان قربان ٿيندڙن جي ڌرتي تي وَھيل رت واري مٽي جي پيداوار ھو, ان ڪري ھيمون کي ان تاريخي پس منظر ۾ ڏسڻ گھرجي ـ

خبر نـ آھي تـ اسان الائي ڇو وطن تان قربان ٿي وڃڻ وارن کي جيترو ياد ڪرڻ گھرجي اوترو نـ ڪري سگھيا آھيون ـ جڏھن تـ باضمير قومون وطن لاء زندگيون قربان ڪرڻ وارن کي ياد رکڻ قوم کي زندھ رکڻ جو اھم ذريعو سمجھنديون آھن ـ

سا قوم ٿي زنده رھي

جا ياد ماضي ٿي ڪري

حال ماضيءَ سان ڳنڍي

 تاريخ سازي ٿي ڪري .

 پري ڇو وڃون رُڳو پنجاب کي ڏسون تـ وطن تان قربان ٿيندڙن مان, راجـا پورس, ڀڳت سنگھ يا وڌ ۾ وڌ ٻن چئن ماڻھن جو نالو وٺي سگھندا, جن کي ڪيڏي عقيدت ۽ فخر سان ياد ڪن ٿا ـ سنڌ ۾ وطن جي لاء بھادري سان وڙھندڙن ۽ وطن مٿان قربان ٿي وڃڻ وارن جي تـ اڻ کٽ لِسٽ آھي ـ انھن بھادرن جا قصا تـ دشمنن بـ پنھنجي تاريخن ۾ لکي, سموري دنيا کي ٻُڌايا آھن, پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي تـ اسان پنھنجي شھيدن کي وساري ڇڏيو آھي ـ

 ھيمون بـ انھن ھزارين سورمن مان ھڪ انمول ھيرو ھو ـ ھيمون جيترو لھڻي ان جي برعڪس ان تي تمام گھٽ لکيو ويو آھي ـ پوء بـ مان ھِتان ھُتان ڪوشش وٺي جيترو مواد ھٿ ڪري سگھيو آھيان (جنھن ۾ ڪيئي واقعا, جايون نالا ۽ تاريخون مختلف لکيل ھيون) ان کي ڇَنڊي ڇاڻي پيش ڪيان ٿو ـ

ھيمون ڪالاڻيءَ جو جنم 23 مارچ 1923 تي پُراڻي سکر ۾ پيسو مل ۽ ڄيٺي ٻائي جي گھر ۾ ٿيو ـ ٻار جي ڇٺيءَ جو نالو راھي ھيمڻ ڪالاڻي رکيو ويو, جنھن کي پيار مان ھيمون سڏڻ لڳا ـ جيڪو اڳتي ھلي ھيمون ڪالاڻي جي نالي سان جڳ مشھور ٿيو ـ

پيسو مل ڪالاڻيءَ جا کپري (پھرين ٿرپارڪر ۽ ھاڻوڪو سانگھڙ ضلعو) ۾ سِرن جا بَٺا ھيا ۽ ٺيڪيداري بـ ڪندو ھو ـ جيئن تـ ھيمون خوشحال گھراڻي جو سڪيلڌو پھريون ٻار ھو انڪري کيس وڏي لاڏ ڪوڏ ۽ پيار سان پاليو ويو ـ پيسو مل کي ھڪ ڀاءُ ڊاڪٽر منگھا رام ڪالاڻي ھو جيڪو ڪانگريس جو ڪميٽيڊ سرگرم ورڪر ھو ـ ھن پُراڻي سکر ۾سوراج سيئنا منڊل نالي سان ھڪ ھيلٿ سينٽر کوليو ھو, جتي فزيڪل ٽريننگ سان گڏ سياسي تعليم بـ ڏني ويندي ھئي ـ ھيمون ننڍي ھوندي کان چاچي سان گڏ ان سيئنا منڊل ۾ ويندو رھندو ھو, جتي راند روند ۽ ورزش سان گڏ سياسي ليڪچر ۽ ڪچھريون غور سان ٻڌندو ھو ـ ھيمون اَٺن سالن جي عمر ۾ پنھنجا ھم عمر دوست گڏي ٽيرنگا جھنڊا کڻي, رات جو پراڻي سکر جي روڊن ۽ گھٽين ۾ انقلاب زنده باد جا نعرا ھڻندا ھوـ

ھيمون پرائمري تعليم پراڻي سکر جي اسڪول ۾ پڙھيو, ۽ پوء تلڪ (لوڪمانيـ تلڪ مھراج) ميونسپل ھاء اسڪول ۾ داخل ٿيو ـ (ورھاڱي کان پوء اسلامائيزيشن جو دور شرع ٿيو تـ ان جو نالو بدلائي گورنمينٽ ھاء اسڪول رکيو ويو).

 ھيمون ڪَثرت ڪرڻ ڪري مضبوط جسم, قدآور, ڪڻڪ رنگو, وجاھت وارو خوبصورت نوجوان ھو ـ ھيمون اسڪول ۾ ميوزڪ ۽ راڳ بـ سکيو ھو ـ ان کان علاوه راندين جو بـ وڏو ڪوڏيو ھو ـ ھن اسڪول ۾ ڪٻڊي, ملھ, تيراڪي, نِشاني بازي, ۽ وَنجھوٽي ۾ ڪيئي انعام ۽ ميڊل کٽيا ھئا ـ

 تلڪ اسڪول جا اڪثر ٽيچر وطن دوست,  آزادي پسند ۽ قومي سجاڳي جا وڏا پرچارڪ ھئا ـ انھن مان ٻـ ٽيچر ھڪ پرس رام مسند (ڊرائنگ ٽيچر) ٻيو ڀولاڻي (ڊرل ۽ ميوزڪ ٽيچر), اڌ پيرڊ ڪورس پڙھائيندا ھئا ۽ باقي اڌ سياسي ليڪچر ڏيندا ھئا ـ پرس رام مسند تاريخ, ثقافت ۽ ادب جو بـ وڏو ڄاڻو ھو ـ ھن سکر شھر جي تاريخ, سماجي, ثقافتي ۽ اقتصادي زندگي تي پھريون ڪتاب “سکر سنھارو” جي نالي سان لکي ڇپرايو ـ پرس رام مسند سکر جي ترقي ۽ سماجي ڪمن لاء ھڪ تنظيم “سندر شيوڪ سڀا” نالي ٺاھي, جنھنجو پاڻ سيڪريٽري ٿيو ـ ھن ان تنظيم جي پليٽ فارم تان شھر جي سرنديءَ وارن جي سھڪار سان گھنٽا گھر, شيوڪ سڀالائبرري, مناري وارو ھوا بندر, آشرم, شھر جي روڊن تي وڻ ٻوٽا, گُل ڦُل ۽ پاڻي جا ڦوھارا,  سکر کي خوبصورت بڻائڻ لاء ٺھرايا ـ ھيمون بـ استاد سان گڏ ان تنظيم ۾ سرگرمي سان حصو وٺندو  ھو ـ پرس رام مسند بابو سڀاش چندر بوس جو مَداح ھو ـ ھيمون سندس صحبت ۾ سَڀاش چندر بوس ۽ سردار ڀڳت سنگھ کان متاثر ٿي کين پنھنجو آئيڊيل بڻايو ـ ان وقت ھيمون کي ڪٿان سڀاش بابو جي تقرير جو رڪارڊر مليو, جيڪو ھي پنھنجي ھز ماسٽرس وائس توتاري واري فوني تي پاڻ ۽ ٻين دوستن کي وڏي چاھ سان ٻڌندو ۽ ٻڌرائيندو ھو ـ رشيد ڀٽي (وڪيل, ليکڪ ۽ سياسي دانشور) جيڪو پڻ ان وقت تلڪ ھاء اسڪول ۾ پھرين درجي انگريزي ۾ پڙھندو ھو, ھيمون جو ڪزن ڪرشن ڪالاڻي ھن جو دوست ۽ ھم ڪلاس ھو ـ ھيمون ان وقت ميٽرڪ ۾ ھو ـ رشيد پنھنجي دوست ڪرشن کي ھيمون سان ملڻ ۽ سڀاش چندر بوس جي تقرير ٻڌڻ لاء چيو ـ ٻئي ڏينھن تي ڪرشن ھن کي وٺي ھيمون جي گھر پُراڻي سکر آيو جتي ھيمون ھنن سان عزت ۽ پيار سان ملي, پاپڙ پاڻي ڪرائي, وڏي چاھ سان کين فوني تي تقرير ٻڌرائي ۽ پوء ان تي ليڪچر بـ ڏنو ـ

 اسڪول جي زماني ۾ ھيمون پراڻي سکر ۾ ڪرشن داس گلو مل (جيڪو پڻ قومي ورڪر ھو) جي آکاڙي “ڪرشن منڊل” ۾ بـ داخل ٿيو ـ جتي پڻ فزيڪل ۽ مينٽل ٽريننگ ورتائين ـ

ان کانپوء چاچي جي ٽريننگ سينٽر “سوراج سيئنا” منڊل ۾ داخل ٿيو ـ ھن ھڪ سال اندر جسماني ۽ سياسي ٽريننگ وٺي منڊل جو انچارج ٿي ھلائڻ لڳو ـ

ان دؤر ۾ سکر ۾ کرڙي جي تاريخي ميدان تي “آل سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانفرنس” زير صدارت  سنڌ جي عاشق ۽ سنڌ ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي بانيڪار محمد امين کوسي جي ٿي .ان ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ترقي پسندن,قومپرستن, ڪميونسٽـن ۽ انھن جي حامين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ـ ھيمونءَ بـ ان ڪانفرنس ۾ ڀرپور حصو ورتو  ـ محمد امين کوسي صدارتي تقرير زبردست پُرجوش انداز سان ڪئي ـ ڪانفرنس ۾ شريڪ نوجوانن جي ولولي ۽ پُرجوش جذبن ۽ محمد امين کوسي جي ولولا انگيز تقرير, ھيمونءَ جھڙي حساس ۽ قومي درد دل دکندڙ, وطن دوست, قومي ورڪر تي گھرو اثر ڪيو ـ پروگرام ختم ٿيڻ کانپوء, ھيمون ساري رات ويھي محمد امين کوسي سان آزادي لاء جدوجھد جي طريقن تي ڪچھري ڪئي ـ ھيمون اڳ ئي ڀڳت سنگھ جي دليرانـ جدوجھد, لاھور بغاوت ڪيس ۾ استقامت, ڏاھپ, ھمت ۽ جرئت سان انگريز ججن آڏو ھندستان جي آزادي جو ڪيس پيش ڪرڻ ۽ ھندستان جي آزادي جي مؤقف کي عالمي شُھرت ڏيارڻ ۽  بھادري ۽ وڏي شان سان ڦاسي تي چڙھڻ کان گھڻو متاثر ھو, ويتر کوسي صاحب جھڙي انقلابي جي جذباتي ڪچھري سوني تي سھاڳي جو ڪم ڪيو ـ ھيمون ھاڻي عملي جدوجھد لاء سنجيدگيءَ سان سوچڻ لڳو ـ

ھيمونءَ پھريون عملي ڪم اھو ڪيو جو نوجوانن تي مشتمل ھڪ تنظيم “وائنر سيئنا” (بندر سيئنا) جي نالي سان ٺاھي ـ ان تنظيم جو ڪم ھوندو ھو تـ مھاتما گانڌي جي ھدايت موجب ولايتي ڪپڙن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي ـ ان تي عمل ڪرڻ لءِ ھي پُراڻي ۽ نئين سکر ۾ گھر گھر وڃي, ولايتي ڪپڙا گڏ ڪندا ھئا. کين شھر جي معزز گھراڻن جون عورتون پنھنجا زري ۽ ڪيمخاب جا قيمتي ڪپڙا وڏي خوشي سان ڏينديون ھيون ـ ھي اھي ڪپڙا سنڌو درياھ جي ڪپ تي ساڌ ٻيلي جي سامھون, ماڻھو ڪَٺا ڪري, نعرا ساڙيندا ھئا ـ

ٻيو ڪم ھي اھو ڪندا ھئا تـ سرڪاري نوڪري وارا ديسي ماڻھو عام طرح ڪاريون ٽوپيون پائيندا ھئا. ڪاري ٽوپي انگريزن جي غُلامي جي علامت سمجھيو ويندو ھو ـ ھي ڪاري ٽوپي جي بجاء انھن کي اڇي ٽوپي ڏيئي پائڻ لاء منٿ ميڙ ڪندا ھئا, پر جيئن تـ اڇي گانڌي جي ٽوپي سڏبي ھئي ۽ ان کي بغاوت جي علامت سمجھو ويندو ھو انڪري سرڪاري ملازم نـ پائيندا ھئا، ھي انھن جون ڪاريون ٽوپيون لاھي گم ٿي ويندا ھئا  ـ ھيمون ھڪ ٻي آرگنائيزيشن “ينگ ڪميونسٽ ليگ” جي طرز تي ھڪ نوجوانن جي تنظيم سنڌ يوٿ سرڪلSindh Youth Circle ٺاھي ـ جنھن جو بعد ۾ نالو بدلائي سنڌ اِنقلابي پارٽي رکيو ـ ان پارٽي ۾ ھندو مسلمان سڀ شامل ھئا ـ  ھن انڊر گرائونڊ پارٽي ۾ لاڙڪاڻي جا اميرو رند ۽ نبي بخش کُھڙو ۽ پَرچو وِڌيارٿي ۽ عينشي وِڌيارٿي ھئا ـ پارٽي جا اھي چار ماڻھو پُرتشدد ڪارواين ۽ وارداتن ۾ ٻين جي بنسبت وڌيڪ سرگرم ھئا ـ جيڪي قمبر کان ڪلفٽن ڪراچي تائين ڪاميابي سان ڪاروايون ڪندا ھئا ـ

انھن ڏينھن ۾  (1942) جاپان جي عالمي جنگ ۾ گھڙڻ ڪري، جنگ ھندستان جي ويجھو اچي پھتي ھئي ـ جاپان آمريڪا جي ملٽري اڏي “پرل ھاربر” تي اوچتو حملو ڪري ان کي گھڻو نقصان رسائڻ سان جنگ جي شروعات ڪئي . ان کان پوء ٿوري عرصي ۾ شنگھائي, سيام, برٽش ملايا تي قبضو ڪري ورتو ۽ ڪيترا برطانوي جھاز ٻوڙي ڇڏيا ـ ان طرح جاپانين, فلپائن جي گادي منيلا, سينگاپور, جاوا جاسارا ٻيٽ ۽ برما تي مڪمل قبضو ڪيو ۽ اٺين مارچ 1942 تي ڪلڪتي تي بـ بم اڇلايائون ـ

اھڙين حالتن ۾ سيد صبغت اللہ شاھ راشدي پير پاڳارو انگريزن جي خلاف وڙھندڙ بين الاقوامي طور مڃيل گوريلا اڳواڻن ۽ آزاد ھِند فوج جي ڪمانڊر سڀاش چندر بوس (جنھن جاپانين سان گڏجي گرفتار انگريزن جي ھندستاني فوجين تي مشتمل آزادي لاء فوج ٺاھي) سان مکي ٻيلي ۽ انڊومان جي ٻيٽن تي خفيـ ملاقاتون ڪري گڏيل گوريلا وار شروع ڪئي ـ انگريز حڪومت پير  صاحب کي گرفتار ڪيو ـ ان کان پوء حُرن رِڻ ٻاري ڏنو ـ ان پُرتشدد ڪارواين ۾ ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا, سرڪاري ملڪيتن کي نقصان ٿيو، ريل جون پَٽڙيون اُکاڙيون ويون ـ ريل ڪيرائڻ جو ھڪ وڏو واقعو ٽنڊي آدم وٽ لاھور ميل کي ڪيرائڻ جو ٿيو جنھن ۾ ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا ۽ ڪيئي زخمي ٿيا ـ

گوري سرڪار ان وڌندڙ پرتشدد ڪارواين کي روڪڻ لاء ڪراچي کان سواء سموري سنڌ ۾ مارشلاھڻي, قھري ڪاروايون ڪندي, فوجي ڪورٽون ٺاھي سمري ٽرائل ڪري, وڏي پيماني تي ڦاھيون, ڦَٽڪن, عمر قيد ۽ ڪاري پاڻي جون سزائون ڏنيون ـ انگريز حڪومت جي انگن اکرن مُطابق چاليھ ھزار حُرن کي قتل ڪيو ويو ـ

سکر ۾ شھيد ھيمون ڪالاڻيءَ جو گھر

ان ئي سال سر اسٽيفورڊ ڪرپس وزير آعظم سر ونسٽن چَرچل ۽ وار ڪبينيٽ طرفان ھندستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاء  تيار ڪيل مسودو کڻي ھندستان آيو ـ ان ۾ ڏنل تجويزون مبھم ھجڻ ۽ ان ۾ ڪا بـ امينڊمينٽ  جي اجازت نـ ھجڻ ڪري سڀني پارٽين ۽ رياستن رد ڪيو, سواء ايم اين راء جي ريڊيڪل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي ـ ڪرپس واپس اِنگلينڊ ھليو ويو, ان کانپوء شديد ٽڪراءَ جي صورتحال پيدا ٿي ـ اھڙي ماحول ۾ آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ جو اجلاس 7 – 8 آگسٽ 1942 تي بمبئي ۾ سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي صدارت ۾ ٿيو جنھن ۾ مھاتما گانڌي, جواھر لال نھرو, مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ سموري ڪانگريس قيادت موجود ھئي ـ ان ۾ ريزوليشن پاس ٿيو جيڪو ڪوئٽ انڊيا (Quit India Movement) ٺھراء جي نالي سان سڏيو ويو ـ

ساڳي ڏينھن شام جو گورنمينٽ سخت قدم کڻندي ڪانگريس جي مک ليڊر شپ کي بمبئي ۽ ٻين شھرن مان گرفتار ڪيو ـ ڪانگريس جي قيادت نوجوانن سنڀالي, جنھن ۾ جئہ پرڪاش نارائڻ, ڊاڪٽر رام,  منوھر لوھيا, چيٽ شريمتي, ارونا آصف علي وغيره ھئا ـ حڪومتي سختين ۽ زيادتين جي ڪري ۽  مُک قيادت جي جيل ۾ ھجڻ سبب, عوام نوجوان قيادت جي ڪنٽرول مان نڪري خودرو ڪاروايون ڪرڻ لڳو, ڪٿي ڪٿي اھي ڪاروايون پرتشدد ٿيون ـ انقلابين مھاتما گانڌيءَ جي ڏنل نعري “انگريز ھندستان ڇڏي وڃو” ۽ ڪريو يا مرو (Do or die) کي عملي جامو پارائڻ لاء ملڪي ليول تي تنظيم ٺاھي انڊر گرائونڊ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ـ ھيمون جو بـ ان خفيـ تنظيم سان واسطو ٿيو ۽ ھي باظابطـ ان ۾ ڪم ڪرڻ لڳو ـ ان تنظيم مھاتما گانڌي جي عدم تشدد جي پاليسي جي برعڪس “ساڙ ٻار تحريڪ” شروع ڪئي . انھي ھلچل دوران 940 ماڻھو قتل ٿيا، 1630 زخمي ٿيا، 250 ريلوي اسٽشنيون، 550 پوسٽ آفيسون، 350 تار جا ٿَنڀا ۽ 85 سرڪاري آفيسن کي نقصان پھچايو ويو ـ 60221 ڪارڪن جيلن ۾ ويا, اٽڪل 18000 ڪارڪن ڊفينس آف انڊيا ايڪٽ ھيٺ ڪيس ھلائڻ کانسواء جيلن ۾ رکيا ويا، ماڻھن ۾ بي اِنتھا جوش ھو جنھن ۾ ھندو مسلم سڀ ڪنھن نـ ڪنھن طرح شامل ھئا ـ

مِلٽري ۽ نيوي بـ ڪجھ ھنڌن تي بغاوت ڪئي ـ انگريز جڏھن ڏٺو تـ حالتون ڪنٽرول کان ٻاھر ٿيون وڃن جو فوج ۾ بـ بغاوت ٿي آھي, تـ ھنن انگلينڊ کان وڏي تعداد ۾ فوج ۽ اسلحو گُھرايو. جيئين تـ سنڌ ۾ حُرن ۽ انقلابين جون ڪاروايون عُروج تي ھيون ۽ ٻيو تـ بلوچستان ۾ بـ بغاوت ھئي انڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي باغين کي ڪُچلڻ لاء 23 آڪٽوبر 1942 تي فوج ۽ اسلحي سان ڀريل ٽرين ڪراچي کان سکر ۽ ڪوئٽا لاء رواني ڪئي وئي ـ

ھيمون کي تنظيم طرفان انجي انفرميشن سان گڏ ھدايت ملي تـ ان ٽرين کي ڪيرايو وڃي ـ ان جي پلاننگ لاء خفيـ ميٽنگ ٿي, جنھن ۾ دادا ٿانور داس, پَرچو وِڌيارٿي, عينشي وِڌيارٿي, لَڇمڻ ڪيولراماڻي, حَشو سنتاڻي ۽ ھري ليلاڻي شريڪ ٿيا ـ دادا ٿانور داس ان پلاننگ جو ماسٽر مائينڊ ھو ـ

ھنن کي پنھنجي نيٽ ورڪ ذريعي ٽرين متعلق ڄاڻ ملندي رھي ـ

چانڊوڪي رات جي اڌ پھر جو ھيمون پنھنجي ٽيم جي ٽن دوستن, لڇمڻ ڪيولراماڻي, حَشو سنتاڻي ۽ ھري ليلاڻي, سان گڏ پراڻي سکر جي مخدوم جُماڻي پير جي سامھون, ڪڙائي سيدن جي گھرن وٽ, بسڪوٽ فيڪٽري جي ڀر سان, ريل جي بند کي اکاڙڻ لاء ان جون فليش پليٽون کولڻ شروع ڪيون ـ اتفاق سان بسڪٽ فيڪٽري جي چوڪيدار ھنن کي ڏسي ورتو, جنھن فورن پوليس کي اطلاع ڪيو ـ پوليس ھيڊ ڪنسٽيبل فيروز پنجابي جي اڳواڻي ۾ ڊوڙندي اچي جاء واردات تي پھتي . ھيمون جي دوستن ھيمون کي پوليس جي اچڻ کان آگاھ ڪيو, پر ھن انھن کي جلدي نڪري وڃڻ لاء چئي, پاڻ موقعو مھل ھوندي بـ نـ ڀڳو بلڪـ بھادري سان بيھي گرفتاري ڏني ۽ ٻين ساٿين کي نڪري وڃڻ جو موقعو فراھم ڪيو ـ

ھيمون کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي آيا ـ جتي کانئس ٻين ساٿين لاء پڇيو ويو, پر ھُن بي انتھا تشدد باوجود ڪنھن بـ ساٿي جو نالو نـ ٻڌايو ـ

مارشلا ھجڻ سبب سندس ڪيس سمري ملٽري ڪورٽ سکر ۾ ھلايو ويو ـ

ھيمون جا وڪيل بيريسٽر عبدالستار پيرزادو (حفيظ ۽ مجيب پيرزادي جو والد), ننديرام واسواڻي ۽ ساڌو رام ڪالاڻي ھئا ـ

ھيمون ڪيس ۾ پنھنجي آئيڊيل ڀڳت سِنگھ وارو طريقو اختيار ڪيو ۽ گرفتاري بـ ھن ڀڳت سنگھ وانگر ڏني (ڀڳت سنگھ دھلي پارليامنٽ اندر سڀني کي مُتوجـ ڪرڻ لاء خالي بم جو ڌماڪو ڪري, ھندستان جي آزادي جا پمفليٽ ورھائي, پنھنجو مؤقف پيش ڪري, پوء گرفتار ڏني ھئي)  ھيمون بـ رضاڪارانـ گرفتاري ھڪ مقصد رکي ڏني ھئي, تـ جيئن ڪيس ۾ آزادي لاء جدوجھد جي تشھير ٿئي ۽ پوء ڏوھ قبولي, ڦاسي چڙھي, ديس تان قربان ٿي امر ٿي وڃجي ـ ھيمون کي وڪيلن سمجھايو تـ ڪورٽ کي چوڻو آھي تـ انگريز حڪومت منھنجي سياسي جدوجھد سبب ڪوڙو ڪيس ٺاھيو آھي، پر ھن وڪيلن کي صاف صاف چيو تـ مان ڪوڙ ھرگز نـ ڳالھائيندس، جيڪو ڪيو آھي ان کي قبول ڪندس، جو مون ڪوبـ غلط ڪم نـ ڪيو آھي. انڪري ھن وڪيلن جي ھدايتن ۽ حِڪمت عملين جي ڪا بـ پرواھ نـ ڪڍي ۽ پنھنجي سوچ، سمجھ ۽ طئہ ٿيل اِرادي سان پنھنجي ڪيل عمل (ريل ڪيرائڻ جي ڪوشش) کي نـ فقط قبول ڪيو بلڪـ ڪورٽ ۾ جج جي پڇيل سوال جي جواب ۾ چيائين تـ “منھنجو نالو باغي آھي, منھنجي پِتا جو نالو اِنقلاب آھي ۽ ھي مُقدس ڌرتي منھنجي ماتا آھي ـ جيڪڏھن آئينده وري موقعو مليو تـ ان کان بـ وڌيڪ  انگريز حڪومت کي نقصان پھچائيندس, جيستائين منھنجو وطن آزاد نٿو ٿئي ـ وطن سان محبت ۽ ان جي آزادي ڏوھ يا گناھ ناھي, بلڪـ عين عبادت ۽ ثواب آھي ـ ڏوھي مان نـ بلڪـ اوھان انگريز آھيو, جو ست سمنڊ پار ڪري, ھندستان ۾ اچي 1613ع ۾ شھنشاھ جھانگير کي بيوقوف بڻائي, ان کان واپار جون ڪوٺيون کولڻ جو پروانو وٺي, پوءِ دوکي, حرفت ۽ جديد ھٿيارن جي زور تي زبردستي اسان جي وطن تي قابض ٿي, بيگناھ ڌرتي ڌڻين جو قتل عام ڪري,  مال متاع لُٽي, مرضي جا قانون ۽ ڪورٽون ٺاھي ھزارين آزادي پسندن کي ڦاھين, گولين, ڪاري پاڻي ۽ عمر ڀر جيلن جي حوالي ڪيو آھي . اسان ھندستانين کي مذھب جي نالي ۾ ويڙھائي, ديسي غلام فوجين, دَلالن, غَدارن, ڪامورن, نوابن, سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي معرفت اڃان تائين اھو ظلم جاري رکيو اچو ـ باقي وطن جي آزادي لاء جدوجھد اوھانجي قانون ۾ ڏوھ آھي, تـ اھو ڏوھ مان ڪيو آھي ۽ ھر وطن جي غيرت مند آزادي پسند فرزند وانگر ڪندو رھندس “.

ٽرائيل ڪورٽ جي جج، وڪيلن، مائٽن ۽ معزز شھرين  ھيمون کي سمجھائڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي تـ آئينده اھڙو ڪو بـ ڪم نـ ڪرڻ لاء ڪورٽ ۾ بيان ڏي تـ تنھنجي ننڍي عمر ۽ پھرين غلطي کي مد نظر رکندي ڪورٽ کان معافي وٺي تنھنجي جان بچايون, پر ھن ڪنھنجي نـ ٻڌي ـ

 نتيجي ۾ اھڙي ڏوھ ۾ جيڪو اڃان ٿيو بـ نـ ھو، فقط ڪوشش ٿي ھئي، برآمدگي رڳو پانو، پڪڙ ۽ ھٿوڙو ھو، جج کيس نـ فقط عمر قيد جي سزا ڏني بلڪـ سزا دوران پوليس کي اختيار ڏنو تـ ھن کان سندس باقي شامل ساٿين ۽ ماسٽر مائينڊ متعلق جاچ بـ ڪئي وڃي ـ باقي ٻن ڄڻن کي ڪورٽ بري ڪيو ـ (جيڪي ھيمون سان گڏ رڳو ننگ پورو ڪرڻ لاء ناحق چالان ڪيا ويا ھئا ـ)

 اھڙي ججمينٽ کانپوء جيل ۾ ھيمون تي بي انتھا تشدد ڪيو ويو, جنھن ۾ ڪيئي ڏينھن اگھاڙو ڪري برف جي نادين تي ليٽائڻ, ھنٽرن سان ماري ماري رتو رت ڪري وري زخمن تي لوڻ مِرچ ٻُرڪڻ، لوھي سيخن سان ڏنڀ ڏيڻ، ڪوڪَن جي ڦَٽن تي بيھارڻ ۽ ليٽائڻ, اوجاڳو ڏيڻ, بُک ۽ اُڃ تي رکڻ وغيره اھو ظلم لاڳيتو ھلندو رھيو، پر ھي ديش ڀڳت چوندو رھيو تـ “ھا مون سان گڏ سارو ھندستان آھي، باقي ھي منھنجو اِنفرادي عمل آھي، منھنجو سرير اوھانجي حوالي آھي جنھن کي کڻي ٽُڪر ٽُڪر ڪريو, پر منھنجي آتما اوھانجي ان وحشيانـ ڪارواين تي مٿان بيھي ٽھڪ ڏيندي رھندي” ـ لڳاتار تشدد باوجود ھن پنھنجن ساٿين متعلق ھڪ لفظ بـ نـ ٻڌايو ـ

ان وقت سينٽرل جيل سکر ۾ ڪراچي, حيدرآباد,  نواب شاھ, خيرپور, لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور جا ٽي چار سو کن مرد ۽ عورتون “ڪوئيٽ انڊيا مومينٽ” جي جدوجھد دوران گرفتار ٿيل سياسي قيدي بـ رکيا ويا (جو ان جيل ۾ ھيمون جي ھجڻ ڪري اسپيشل حفاظتي انتظام ڪيا ويا ھئا) انھن قيدين منجھان ڪجھ مشھور قومي ورڪرن ۾ سچا نند ڦيرو مل, موٽو مل سچانند, ھوند راج دکايل ( پدم شري ھوند راج دکايل سان 1987 ۾ مان, تاج جويو, آصف بالادي, منير شاھ ذاڪري,  جمن دربدر ۽ مظھر لغاري, آدي پور گانڌي ڌام ۾ گورڌن ڀارتي جي معرفت مليا ھئا سون, ۽ سندس مشھور نظم ڪھاڙو ۽ ڳن وارو بـ کانئس ترنم ۾ ٻڌو ھو), ھاسا نند جادوگر., دادا چوئٿ رام ٿاواڻي., ديوان ڀڳوانداس ڪرپلاڻي, پرس رام ٽھلراماڻي, ٻلديو گاجرا, ھيرانند ڪرمچند, جيوڻ لال جيرام داس, ڊاڪٽر تارا چند لالواڻي, ڊاڪٽر ڄيٺا نند راشٽر وادي, ڪامريڊ حَشو ڪيولراماڻي. ڌرمچند جيواڻي, ديش ڀڳت ويرو مل بيگراج, رامچند ويرو مل, مھراج ٽھلرام, پروفيسر تارا چند گاجرا, ڊاڪٽر بوند رام پنجابي, جيوت رام لالواڻي, ترنگ ٿانور داس خوبچنداڻي, شيام داس چانڊو مل سچديو, ڊاڪٽر آتما رام لالواڻي, ھوند راج لڇي رام ڀاٽيا, لڪشمڻ راج پال, بولچند رجپال وغيره ھئا ـ عورتن ۾ ڪماري ڄيٺي سپاھي ملاڻي (ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي), اُٻاوڙي جي شامي ديوي ۽ سندس نياڻي ڪوشليا ٻائي ۽ ٻيون بـ ڪيتريون ئي عورتون جيل ۾ ھيون ـ ان کان علاوه ڪيئي وڪيل، واپاري، صنعتڪار، صحافي، ليکڪ ۽ مختلف مڪتبـ فڪر جا ماڻھو بـ جيل ۾ ھئا ـ

(نوٽ : 1974 ۽ 1990 ۾ مان بـ ٻـ دفعا سينٽرل جيل سکر ۾ قيد رھي چڪو آھيان ـ  ھڪ دفعو وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جڏھن سکر سرڪٽ ھائوس جي سامھون, لَب مھراڻ جي ڀر سان واري گرائونڊ ۾ جلسو ڪيو ـ ان وقت مان ڊگري ڪاليج سکر جي اسٽوڊنٽس يونين جو اليڪٽيڊ جنرل سيڪريٽري ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڍريشن جو آرگنائيزر ھوس ـ جساف مرڪز جي حڪم  تي ڀٽي صاحب جي جلسي ۾ سائين جي ايم سيد جي آزادي ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي لاء احتجاج ڪيو ـ جلسو تمام وڏو ھو ۽ اسان ٽوٽل ست شاگرد ھئا سون, جو ڀٽي صاحب جي اچڻ کان اڳ ڪاليج ۽ ھاسٽل بند ڪياويا ھئا ـ ڀٽي صاحب تقرير اردو ۾ شروع ڪئي, اسان قميصن اندر لڪايل بينر ڪڍي نعرا ھڻڻ شروع ڪيا, تـ پوليس اسان کي روڪڻ لاء اسان تي لاٺي چارج ڪئي, جنھن تي اسان مزاحمت ڪئي, ان تي ڀٽي صاحب جي تقرير ڊسٽرب ٿي ـ ڀٽي صاحب تقرير روڪي اسٽيج تي کڻائي ورتو ـ پڇيائين تـ ڇو ٿا گوڙ ڪيو, اسان چيو تـ  سنڌي ۾ تقرير ڪيو, چيائين تـ اوھان کي اردو نٿي اچي, اسان کيس ٻڌايو تـ اسانکي اچي ٿي, پر ھي ڪراچي يا لاھور ناھي, ھي سکر آھي, ھتي ھزارين ماڻھو جيڪي پَٽڪن سان ويٺل آھن, اھي اوھانجي اردو ۾ تقرير نـ سمجھي سگھندا ـ ڀٽي صاحب اسان کي جذباتي جيالا سمجھندي, خوش اصلوبي سان اھا ڳالھ مڃي سنڌي ۾ تقرير شروع ڪئي, تـ اسان فورن وڏي آواز سان چيو تـ “جي ايم سيد کي آزاد ڪريو, سنڌي ٻولي قومي ٻولي”, تـ ھن تقرير روڪي رڙ ڪئي تـ ھاڻي مان توھانکي سڃاتو, اڙي وٺو ـ پوء اسان کي گرفتار ڪري ڪوڙو ڪيس ٺاھيو ويو تـ غلام شاھ جي ھاسٽل جي ڪمري تي رات جو ڇاپو ھنيو ويو, جتان ھن وٽان اسٽين گَن, پنجھتر گوليون ۽ سنڌو ديش جو لٽريچر برآمد ٿيو ۽ ٻي بيڊ تي ستل خليل ميمڻ (ھن وقت آمريڪا ۾ ڊاڪٽر ۽ سانا ۾ سرگرم آھي) کان خنجر برآمد ٿيو ـ خليل ميمڻ, اورنگزيب سبزوئي, يار محمد بگٽي, شير محمد ڪلھوڙو وغيره کي گھرن مان گرفتار ڪري اسان سڀني کي سينٽرل جيل ۾ بند ڪيو ويو ـ جتي ٻيا بـ مختلف پارٽين جا شاگرد ليڊر اڳئي موجود ھئا ـ سياسي قيدي ھئڻ ڪري الڳ ليڊيز وارڊ ۾ رکيو ويو, جو ان وقت ڪا بـ عورت ان وارڊ ۾ نـ ھئ ـ بعد ۾ اياز گل وارا بـ گرفتار ٿي آيا ـ ھي ليڊيز وارڊ اھو ھو جتي ڪُماري ڄيٺي سپاھيملاڻي وغيره کي رکيو ويو ھو ـ جڏھن ھيمون بھادري سان نعرا ھڻندي ڦاسي تي چڙھيو تـ ھن وارڊ جي عورتن پنھنجون ساڙھيون ڦاڙي جھنڊا ٺاھي, دروازن جي لوھي سيخن ۾ ٽنگي, نعرا ھڻي ڀرپور احتجاج ڪيو ھو ـ اسان ھيمونءَ کي جنھن ڊيٿ سيل ۾ رکيو ويو ھو ۽ ڦاسي گھاٽ بـ ڏٺو ھو ـ

ٻيو دفعو جڏھن ڪراچيءَ ۾ مون تي قاتلانـ حملو ٿيو, جنھن ۾ مونکي گوليون لڳيون ۽ منھنجو سئوٽ شھباز شھيد ٿي ويو, اتفاق سان ان وقت بـ ساڳي پيپلز پارٽي جي حڪومت ھئي, جن قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجاء مونکي سکر ايئر پورٽ جھنڊي ڪيس ۾ گرفتار ڪري, پھريان ڪراچي سينٽرل جيل ۽ پوءِ سکر سينٽرل جيل ۾ رکيو ـ جتي سائين جي ايم سيد سان ڪيس ۾ شامل جيئي سنڌ جا ليڊر حفيظ قريشي, انتظار زيدي, قيوم منگي, گل محمد جکراڻي, علي نواز ٻُٽ, مير حيدر ٽالپر, يوسف جکراڻي, ستار موريو, خادم حسين سومرو, باغي بِجاراڻي, عطا اللہ اُنڙ, نورجان مگسي, رجب خاصخيلي, مشتاق جلباڻي, صفدر ابڙو, سورھيـ سنڌي, آزاد جکراڻي وغيره اڳ ۾ موجود ھئا . )

وري اچون ٿا اصل ڪيس تي تـ اپيلانٽ ڪورٽ بـ ملٽري ڪورٽ جي سزا کي بحال رکيو ـ

جيئن تـ ان وقت ڪراچيءَ کانسواء ساري سنڌ ۾ مارشل لا لڳل ھئي ۽ ان جو ھيڊ ڪوارٽر حيدرآباد ۾ ھو, انڪري پروسيجر مطابق سزا اپروول لاء ڪيس مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ميجر جنرل رچرڊسن وٽ پيش ڪيو ويو ـ رچرڊسن وڏو ظالم, ضدي, بي رحم, بَدمزاج ۽ خَردماغ انگريز ملٽري آفيسر ھو, جنھن وڪيلن جا آرگيومينٽ ٻڌڻ کانسواء, متڪبرانـ ۽ سفاڪانـ انداز سان, عمر قيد جي سزا کي موت جي سزا  ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ـ

 ڪمانڊر لارڊ لوني ھڪدم ڦاسيءَ جي سزا تي عملدر آمد لاء آرڊر لکي, سپرنٽينڊنٽ سکر سينٽر جيل ڏانھن روانو ڪيو ـ رحم جي اپيل ھيمونءَ جي ڏاڏي طرفان, گورنر سنڌ مسٽر ڊو (Hugh Dow) جي معرفت وائسراء ھند لارڊ لننٿگو کي موڪلي وئي ـ سنڌ ۽ ھِند جي وڏن سنتن, سياسي اڳواڻن تمام گھڻن مُعتبر ماڻھن, جنھن ۾ جمشيد مھتا (ميئر ڪراچي), ڀوڄ سنگھ پھلاجاڻي (اسپيڪر سنڌ اسيمبلي), ساڌ ٻيلي جي سوامي ھرنامداس, ساڌو ٽي ايل واسواڻي, ديش ڀڳت ويرو مل مينگھراج, پيرزادو عبدالستار, دادا جيرامداس دولت رام ۽ ٻين ڪيترن ئي مدبرن حڪومت کي اپيل ڪئي تـ ھيمون بدران ھو خود معافي وٺڻ لاء تيار آھن, پر جڏھن دھليءَ ۾ ھيمون جي ٻُڍڙي ڏاڏي ۽ والده ننڍڙو ٻار ڪڇ تي کڻي, وڪيل پيرزادي صاحب سان گڏ وائسراء وٽ پيش ٿيا, تـ ھن بغير ڏسڻ جي, ڦاسي جي سزا کي بحال رکيو ـ

ساري ھندستان, خاص ڪري سنڌ ۾ وڏو غم غصو پيدا ٿيو ـ مندرن, مسجدن ۽ ٻين عبادت گاھن ۾ ھيمون لاء خصوصي دعائن ۽ عبادتن جو سلسلو شروع ٿي ويو ـ ھيمون جي سزا سالن کان سنڌ ۾ ھلندڙ نفرت ۽ ڏھڪاء وارو ماحول جيڪو ڀڳت ڪنور رام, پروفيسر ھاسا رام پمناڻي جي ناحق خون کان شروع ٿيو, مسجد منزل گاھ تائين ڪيئي معصوم ماڻھو قتل ٿيا, ڪيتريون ملڪيتون لُٽيون ۽ ساڙيون ويون, ان ۾ سانت آڻي دوريون ختم ڪري, سڀني کي ھڪ ڪري ڇڏيو ـ

 انھن ڏينھن ۾ ھيمونءَ جي ڪجھ ساٿين جيل ٽوڙي ھيمونءَ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي,  جنھن ۾ ماسٽر مائينڊ جھامڻ ڪالاڻي ھو ۽ عمل ڪرڻ وارا پَرچو وِڌيارٿي, عينشي وِڌيارٿي ۽ نارائڻ واڌواڻي ھئا ـ عينشي ۽ نارائڻ اڃان فون جون تارون پي ڪٽيون تـ ٻاھر بيٺل پرچي کي پوليس واري سڃاڻي ورتو, فورن کيس پوليس گھيرو ڪيو, ھي فائرنگ ڪندو گھيرو ٽوڙي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو, پر ڀڄندي جيل ٽوڙڻ جي پلاننگ جا ڪاغذ ھن جي کيسي مان ڪري پيا, جيڪي پوليس کي ھٿ آيا ـ ٻي طرف عينشي ۽ نارائڻ تارون ڪٽيندي جاء واردات تي پڪڙجي پيا ـ ان کانپوء جيل انتظاميـ ھيمونءَ مٿان وڌيڪ سختي ڪئي ـ

ھيمونءَ جي ملاقات بند ھئي پر سندس ڪٽنب کي روز ملڻ جي اجازت ھئي ـ ان جو سبب اھو ھو تـ انگريزن جي خواھش ھئي تـ ڪيئن بـ ڪري ھيمونءَ کي جُھڪائجي, ڇاڪاڻ تـ ڦاسيءَ کانپوء بـ انگريز جي ھار ۽ ھيمونءَ جي جيت ھئي, کين اميد ھئي تـ ٿي سگھي ٿو ماءُ جي مامتا آڏو شايد ھي مڃي معافي وٺي, پر ھي ھميشـه ملاقات وقت پنھنجي امڙ کي چوندو ھو تـ ” امان تو مونکي جنم ڏنو آھي پر ٻي منھنجي ماءُ منھنجي ڌرتي آھي, جنھن جو داڻو پاڻي ھوا کائي ھيڏو ٿيو آھيان ـ اڄ ان جي سيني تي ھڪ قھري ظالم دشمن سوار آھي,جنھن کان ان جي پُٽن جون زندگيون ۽ ان جي نياڻين جون عَصمَتون محفوظ نـ آھن, ۽ اھي بديسي چند ماڻھو آھن, پر ڪروڙين ڌرتي ماتا جي سپوتن کي غُلامي جو ڳٽ وجھي ذلت جي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو اٿن, ھاڻي تون پاڻ ٻڌاءِ تـ ھڪ غيرت مند پٽ لاء ڪھڙو رستو ٿو بچي, يا تـ بيغيرت بڻجي ماءُ جي عَصمَت دري ٿيندي ڏسي خاموش رھجي يا ھڪ غيرتمند پُٽ وانگر ھن بي بقا زندگيءَ کي امر ڪندي, ان جي آزادي, خوشحالي ۽ بقاء لاء وڙھندي قربان ٿي وڃجي ـ اوھان تـ مون لاء اُتساھ آھيو, ننڍ پڻ ۾ اوھان تـ بھادري, ديش ڀَڳتيءَ جون لوليون ۽ سکيائون ڏنيون ھيون, توھان کي تـ پاڻ خوش ٿيڻ گھرجي, جو توھان جا ڏنل سنسڪار ڪامياب بڻايان ٿو ـ مان راڻا پرتاب شيواجي جيان ديش ڀڳت بڻيس ۽ ھاڻي ڀڳت سنگھ جيان ديس مٿان قربان ٿي رھيو آھيان ـ  توھان ئي ديش پريم جي ٿڃ پياري, مان توھانجي ٿڃ جي لَڄ رکندس, توھانجي خواھشن, اميدن, جذبن ۽ لوليءَ جو قدر ڪندي ڦاسي چڙھي ديس جو قرض ۽ پنھنجو فرض نڀائيندس . منھنجو اوھان کي آخري عرض آھي تـ مھرباني ڪري منھنجي زندگي جي بيک ڪنھن انگريز کان نـ گُھرجو ـ”

ان ملاقات کانپوء ھيمون جيل وارن کي گھر ڀاتين سان ملاقات ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ـ جڏھن ھو جيل تي ملاقات لاءِ آيا تـ جيل وارن ملاقات نـ ڪرائي ـ ھنن سمجھو تـ شايد جيل وارن سختي ڪئي آھي, انڪري ملاقات نٿا ڪرائن ـ انڪري ھنن سفارشون ڪرايون ـ انکان پوء سندس والد کي ملاقات جي اجازت ملي ـ والد ملاقات لاءِ آيو پر ھيمون ٻاھر نـ نڪتو, ۽ ٽائيم ختم ٿي ويو ـ

21 جنوريءَ تي باک ڦُٽيءَ مھل جڏھن ھيمون يوگا ۽ ورزش ڪري رھيو ھو تـ جيلر اچي کيس ڏُکائتي ۽ ڏڪندڙ آواز سان ٻڌايو تـ فوجي ھيڊ ڪوارٽر مان حڪم آيو آھي تـ اڄ توکي ڦاسي ڏني ويندي ـ ھيمون ٻڌي وڏا ٽھڪ ڏيڻ لڳو ۽ خوش ٿي چيائين تـ “اڄ وڏو سڀاڳو ڏينھن آھي ان ڏينھن جو تـ مان شدت سان انتظار پي ڪيو, چڱو ٿيو منھنجي بيقراري جا ڏينھن پورا ٿيا” ـ روئيندڙ جيلر ۽ سپاھين کي دلجاء ڏيڻ لڳو تـ “اوھان کي غمگين ٿيڻ بدران خوش ٿيڻ گھرجي جو مان ھن قيد ۽ پاتل زنجيرن مان آزاد پيو ٿيان ـ مان خوش نصيب آھيان جو ڪروڙين ھندستانين مان ديس منھنجو دان قبول ڪيو آھي ـ يقين ڪريو, منھنجي ڦاسي تي چڙھڻ سان ھزارين ھيمون پيدا ٿيندا ۽ اوھان ۽ اوھان جا ايندڙ نسل آزاد ھندستان ۾ ھوندا ـ”

ھيمون غسل ڪري صاف لٽا پائي تيار ٿيو ـ

ھيمونءَ جي گھر وارن کي 21 تاريخ صبح جو سوير تار ملي جنھن تي تاريخ 20 جنوري 1943 لکيل ھئي ـ ان ۾ لکيل ھو تـ 21 جنوري 1943 تي صبح جو ستين بجي ھيمون کي ڦاسي ڏني ويندي ـ اھا خبر باھ وانگر سڄي شھر ۾ پکڙجي وئي ـ ڪٽنب وارا صبح جو ساڍي ڇھين بجي جيل پھچي ويا ـ ھيمون پھريان ئي تيل ڦُليل ڪري گھوٽ بڻيو بيٺو ھو ـ پيءُ ماءُ کان پيرين پئي آشيرواد وٺي, ٻيو جنم آزاد وطن ۾ وٺي, ملاقات جو واعدو ڪري, ڀائرن کي ڀاڪر پائي, پنھنجي ڇڏيل مشن کي اڳتي وڌائڻ جو حلف وٺي, ننڍڙي ڀيڻ کي پيار ڪري, نعرا ھڻندو وڏي شان سان ڦاسي گھاٽ ڏانھن روانو ٿيو ـ سندس نعرن جي جواب ۾ سارو جيل گونجڻ لڳو ـ  سخت سرديءَ باوجود جيل جي ٻاھران وڏي تعداد ۾ ماڻھن جي اچڻ جو سلسلو جاري ٿي ويو ھو ۽ ٻاھر بـ نعري بازي پُرجوش طريقي سان جاري رھي ـ

ھيمون ڦاسي گھاٽ اندر آيو جتي جيل عملدار, ميجسٽريٽ, ڊاڪٽر ۽ جلاد موجود ھيئا ـ ڊاڪٽر ھيمونءَ جي طبيعت چڪاسي وزن ڪيو تـ چوڏھن پائونڊ وزن اڳ کان وڌيل ھو ـ ھيمون خوشي خوشيءَ ڳاٽ اونچو ڪري وڃي ڦاسي جي تختي تي بيٺو ـ

(ھيمون ۽ ميجسٽريٽ جو تاريخي مڪالمو ٿيو جيڪو جيئن جو تيئن ڏجي ٿو) ميجسٽريٽ کيس آرڊر پڙھي ٻڌائي ٿو:

ميجسٽريٽ :  مسٽر ھيمون ڪالاڻي اڄ 21 جنوري 1943ع جي ڏينھن صبح جو 7 بجي توکي ڦاسي ـ ـ ـ

(ھيمون کيس اڌ ۾ ڪٽي درست ڪندي)

ھيمون : پنھنجي ديش مٿان قربان ٿيڻ لاء ڏني وڃي ٿي

ميجسٽريٽ : تون باقي ٿورا پل ھن دنيا جو مھمان آھين ـ

ھيمون : منھنجي ڦاسيءَ جو ڏينھن ڀارت واسين لاء ھڪ تاريخي يادگار ڏينھن آھي, اھو بلڪل غلط آھي تـ ڪو مان ٿورن لمحن جو مھمان آھيان ـ منھنجا ديش ڀڳتيءَ جا آدرش امر آھن, انھن جي رکوالي سنڌو ديش جا نوجوان ڪندا, لڙندا مرندا پر ديش ضرور آزاد ڪندا ـ

ميجسٽريٽ : ھيمون توکي ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي ٿو, ان کان پھريان ٻڌاءِ تـ تنھنجي آخري خواھش ڪھڙي آھي؟

ھيمون : منھنجي آخري خواھش آھي, توھان انگريز ھتان نڪري وڃو ـ اسانکي آزاد ھندستان گھرجي ـ

مان سمجھي سگھان ٿو تـ منھنجي آخري خواھش پوري ڪرڻ اوھان جي وس ۾ نـ آھي, ڇاڪاڻ تـ اوھان سرڪار جا نوڪر ۽ غلام آھيو ـ اوھان بي گناھ آھيو, سرڪاري حڪم مڃڻ لاء ٻڌل آھيو, سرڪاري فرمان تحت ئي مون کي ڦاسي تي لٽڪائي رھيا آھيو ـ 

ميجسٽريٽ : ھيمون آخري دفعو پڇان ٿو تـ پنھنجي آخري خواھش ٻڌاءِ ؟

ھيمون : ھا ! منھنجي آخري خواھش آھي تـ مان جيڪو چوان اوھان بـ اوتري زور دار آواز سان اھو چئو, پوء ھن پوري زور سان نعرو ھنيو  “انقلاب زنده باد” . جواب ۾ ڪنھن جو بـ آواز نـ نڪتو, ان خاموشيءَ ۾ فقط مَڻڪي ٽُٽڻ جو آواز آيو ـ

 ايئن ھيمون وطن تان نثار ٿيندي پنھنجو الستي آواز  آزادي پسندن جي ڪَنن ۾ ھميشـه گونجڻ لاء ڇڏي ويو ـ

“ھيمون ڪالاڻي زنده باد” “انقلاب زنده باد” جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا جيل ۽ جيل کان ٻاھر وڏي جوش سان لڳن ٿا ـ

سخت سردي ھئڻ باوجود ھزارين ماڻھو جيل ٻاھران گڏ ٿي ويا ـ حڪومت پريشان ٿي وئي ـ ڪنٽرول ڪرڻ لاء فوج کي گھرايو ويو ـ انتظام فوج حوالي ڪيو ويو ـ جيڪي فليگ مارچ ڪرڻ لڳا ـ جيئن جيئن دير ٿيندي وئي ماڻھن جا ھُجوم وڌندا ويا ۽ سڀ غم ۽ غُصي سان ڀريل ھئا ـ جيل انتظاميـه لاش وارثن حوالي ڪرڻ کان نٽائي رھي ھئي ـ آخر ۾ طئہ ٿيو تـ ٻـ لک رپين جي ضمانت ڪٽنب وارن کان ورتي ويندي ۽ ھنگامن جي صورت ۾ ڀَرايا ويندا ـ مڙھ بيراج ڪراس ڪري درياھ جي ساڄي ڀر, حوالي ڪيو ويندو ـ اتان بـ فوجي کليل ٽرڪ ۾ کڻي شمشان گھاٽ پھچايو ويندو ـ ڦاسي صبح جي ستين بجي ڏني ويئي, پر لاش شام جو چئين وڳي حوالي ڪيو ويو ـ لاش کليل فوجي ٽرڪ ۾ کڻي سخت فوجي پھري ۾ بيراج جي پار آڻي ديدار ڪرايو ويو ـ ھيمون خوبصورت, مُرڪندڙ چھري ۽ اطمينان سان ڄڻ  گھري ننڊ ۾ سُتل ٿي لڳو ـ

 ان وقت پُراڻي سکر جي آدمشماري اٽڪل ڏھ ھزار ۽ نئين سکر جي سَتر ھزار ھئي, پر سکر ۽ پسگردائي جا لکين ماڻھو, وطن تان قربان ٿيندڙ ھن البيلي نوجوان کي عقيدت جي ڀيٽا ڏيڻ لاء شمشان ياترا ۾ اچي گڏ ٿيا ھئا ـ 

ھيمونءَ جون ھاٺيون سنڌو ندي پروان ڪيون ويون ۽ رک گل ھردوار گَنگا ندي ۾ پروان ڪرڻ لاءِ رکيا ويا ـ

ھيمونءَ جو گھر تيرٿ ڌام بڻجي ويو ـ سڀني مذھبن, سياسي پارٽين ۽ مختلف مڪتبـ فڪر جي اڳواڻن ۽ عام عوام وڏي تعداد ۾ اچي ڪٽنب وارن سا تعزيت ڪئي  ـ  جواھر لال نھرو پڻ تعزيت لاء ھيمون جي گھر آيو ۽ ڪانگريس طرفان ديس مٿان ڏنل لازوال قرباني لاءِ سونو ميڊل ڏنو ـ

  ساري ھندستان ۾ احتجاجي ميڙاڪا ڪيا ويا ـ اخبارن رسالن ۾ ھيمون تي مضمون ۽ شاعري لکي وئي ـ ملڪ جي اھم ماڻھن ھيمونءَ کي شرڌانڌلي پيش ڪئي ـ

آخر ۾ ھت فقط پنڊت جواھر لال نھرو جي 26 جنوري 1943 تي تيرھين پرجاوادي جشن جي موقعي تي پيش ڪيل ڀيٽا ڏيان ٿوـ

“منھنجو دماغ سنڌ ياترا ڪري رھيو آھي, جتي ڪجھ ڏينھن پھريان  نوجوان ھيمون ڪالاڻي, جنھن جي عمر اڃا اُڻويھ يا ويھ سال مس ھئي, کي مارشل لا ڪورٽ, انگريز فوج سان ڀريل ريل گاڏي, ريل پٽن تان ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي ڏوھ ھيٺ, ڏوھاري بڻائي, سزاياب ڪري, ڦاسيءَ جي سزا ڏني آھي ـ مون کي اھا سُڌ نـ آھي تـ ان گناھ جو ڪو وڏو ثبوت حاصل ٿيو ھو يا نـ, پر ھڪ ننڍڙي ثبوت جي آڌار تي فوجي ڪورٽ, ڦاسيءَ جي سزا ڏني ـ ان واقعي مون کي گھرو صدمو رسايو آھي ـ ساري ھندستان کي ڌچڪو لڳو آھي ـ خاص ڪري ڀارتي نوجوانن لاءِ ـ  ھيمون ڪالاڻيءَ جو رت ۽ ٻين جن بـ آزادي لاء پنھنجو رت وھايو آھي, اھو دائمي طور آزاديءَ جو شاھد بڻجي رھندو ـ”

______________

سيد غلام شاھ ھڪ قانوندان ۽ سينئر سياسي اڳواڻ آھي. ھُو انساني حقن جي ڪجھ عالمي ادارن جو ميمبر بہ آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button