Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سماجي مسئلو: وياج خوري انساني سماج لاءِ زهر بڻجي چُڪي آھي

اسان جو سماج معاشي تنگيءَ جي ور چڙهيل آهي. هتي غريب ماڻهو قرض ان لاءِ نٿو کڻي ته عياشي ڪري، پر ان لاءِ کڻي ٿو ته ٻارن جي بيماريءَ جو علاج ڪرائي، ڌيءَ يا پٽ جي شادي ڪرائي، يا گهر جو چلهو ٻاري

حڪيم پريم چاندواڻي

وياج  خور ٿا، رت  پيئن،

ٿا مڇر وانگي ڦاٽي مرن۔

هي ٻه سٽون رڳو هڪ شعر ناهن، پر سماج جي اُن ڪاري چهري اڳيان آئينو آهن، جيڪو روز اسان جي سامهون هوندي به اڪثر نظرانداز ٿي وڃي ٿو. وياج خوري انساني سماج ۾ اهو زهر آهي، جيڪو آهستي آهستي معاشرتي رت ۾ شامل ٿي رهيو آهي۔ وياج خور رت چوسي، ضمير کي سُڪائي، ۽ سماج کي بيمار بڻائي ڇڏي ٿو.

هن وقت وياج ۽ قرض عوامي توڙي قومي ليول تي تمام وڏا ۽ الجهيل مسئلا آهن۔

هن شعر ۾ وياج خور کي مڇر سان تشبيهه ڏئي، انتهائي سادگيءَ سان پر گهري معنائن سان هڪ مڪمل سماجي فلسفو بيان ڪيو ويو آهي.

مڇر ننڍڙو هوندو آهي، پر سندس وار به انسان لاءِ تڪليف جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ساڳيءَ طرح وياج خور به ڪڏهن وڏي صورت ۾ سامهون نٿو اچي، پر هو خاموشيءَ سان، آهستي آهستي، ماڻهن جي محنت جو رت چوسي ٿو. هو نه رڳو پئسو وٺي ٿو، پر اميدون، سڪون ۽ عزت به وياج ۾ کڻي وڃي ٿو. قرض وٺندڙ جڏهن در تي اچي ٿو، ته هن جي اکين ۾ مجبوري، هٿن ۾ خالي پڻو، ۽ دل ۾ خوف هوندو آهي، جڏهن ته وياج خور جي چهري تي بي حسيءَ جي مسڪراهٽ هوندي آهي.

اسان جو سماج معاشي تنگيءَ جي ور چڙهيل آهي. هتي غريب ماڻهو قرض ان لاءِ نٿو کڻي ته عياشي ڪري، پر ان لاءِ کڻي ٿو ته ٻارن جي بيماريءَ جو علاج ڪرائي، ڌيءَ يا پٽ جي شادي ڪرائي، يا گهر جو چلهو ٻاري. اهڙي مجبوريءَ ۾ جڏهن وياج خور سامهون اچي ٿو، ته هو انسان کي انسان نٿو سمجهي، پر شڪار سمجهي ٿو. شڪار، جنهن مان رت ڪڍڻو آهي، جيستائين آخري ساهه باقي هجي.

شعر جي ٻي سٽ ”ٿا مڇر وانگي ڦاٽي مرن“ هڪ وڏي حقيقت ڏانهن اشارو ڪري ٿي. مڇر جڏهن حد کان وڌيڪ رت پي وڃي ٿو، ته پاڻ ڦاٽي مري وڃي ٿو. اهو قدرت جو قانون آهي. ساڳيو قانون سماج ۽ تاريخ ۾ به هلندو رهيو آهي. وياج خور جڏهن لالچ جي حدن کي لتاڙي ٿو، ته آخرڪار پنهنجي ئي وزن هيٺ اچي ٿو. سندس دولت، جيڪا غلط رستن سان گڏ ڪيل هوندي آهي يا غريب مسڪينن جو رت ست هوندي آهي، ۽ حرام طريقن سان ڪٺي ٿيل هوندي آهي، کيس سڪون نٿي ڏئي. هو بيچينيء، خوف ۽ بدناميءَ سان جيئندو آهي، ۽ اڪثر تاريخ ۾ اهڙا مثال ملن ٿا، جتي اهڙي دولت پاڻ سان گڏ زوال کڻي ايندي آهي۔

وياج خوري صرف اقتصادي ڏوهه ناهي، پر اخلاقي جرم به آهي. اهو انساني رشتن کي ٽوڙي ٿو، ڀروسي کي ماري ڇڏيندو آهي، ۽ دلين ۾ نفرت جا ٻج پوکيندو آهي. جتي وياج جو رواج وڌي وڃي، اتي محبت گهٽجي وڃي ٿي، تعاون ختم ٿي وڃي ٿو، ۽ هر ماڻهو ٻئي کي شڪ جي نظر سان ڏسڻ لڳي ٿو. اهڙو سماج اندر کان خالي ٿي وڃي ٿو، ڀلي ٻاهران امير نظر ايندو هجي۔

شعر جي سادگي هتي پنهنجي عروج تي آهي. نه وڏا لفظ، نه ڏکيا استعارا، رڳو رت ۽ مڇر، پر انهن ٻنهي لفظن ۾ پوري سماجي تاريخ سمايل آهي. رت زندگيءَ جي علامت آهي، ۽ مڇر استحصال جي. جڏهن زندگيءَ جو رت چوسيو وڃي ٿو، ته جسم رڳو لاش بڻجي وڃي ٿو، ۽ جڏهن سماج جو رت چوسيو وڃي ٿو، ته اهو به جيئري لاش ۾ بدلجي وڃي ٿو.

هي شعر اسان کي رڳو وياج خورن تي تنقيد ڪرڻ لاءِ ناهي، پر پاڻ کان سوال ڪرڻ لاءِ به آهي. ڇا اسان ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ مڇر بڻجي ته ناهيون ويا، ڇا اسان ڪنهن جي مجبوريءَ مان فائدو ته نٿا وٺون؟! ڇا اسان جي خاموشي به ڪنهن ظلم کي هٿي ته نٿي ڏئي؟!۔ ڇو ته ظلم رڳو ڪرڻ سان ناهي وڌندو، پر سهڻ سان به وڌندو آهي.

آخر ۾ هي پيغام بلڪل واضح آهي: استحصال جو انجام تباهي آهي. جيڪو رت پيئڻ کي ڪاروبار بڻائي ٿو، سو آخرڪار پاڻ به ڦاٽي مري ويندو آهي. قدرت جي عدالت ۾ دير سان سهي، پر انصاف ضرور ٿيندو آهي. سماج جي سُڌاري لاءِ ضروري آهي ته وياج خوريء جهڙين سماجي بيمارين خلاف شعور پيدا ڪيو وڃي، رحم، انصاف ۽ انسانيت کي ٻيهر شعار بڻايو وڃي ۽ ماڻهپي کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي.

هي شعر اسان کي سيکاري ٿو ته حقيقي دولت انسانيت آهي، ۽ حقيقي ڪامياب اهو آهي، جيڪو ڪنهن جي زخمن تي لوڻ نٿو ڇٽي، پر مرهم رکي ٿو۔ ڇو ته جيڪو مرهم رکندو آهي،  سو ياد رهندو آهي، ۽ جيڪو رت پيئندو آهي، سو مڇر وانگي، تاريخ جي بابن ۾ آخرڪار ماريو ويندو آهي۔

وياج خور، آهي ايئن،

رت پياڪ ڄؤر جيئن۔

_______________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button