Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌ ۾ بدامنيءَ جي باھ ڀڙڪي رھي آھي پر رياستي ادارا ۽ عدالتون ماٺ آھن

بيگناھ ماڻھن جا قاتل آزاد گھمي رھيا آھن، نياڻين جي لڄ لُٽي پئي وڃي، ڪچي جو علائقو ھٿيارن جي منڊي بڻيل آھي، ڌاڙا ۽ ڦُرون معمول بڻجي ويو آھي

سنڌ جي قدرتي وسيلن، ڍنڍن ڍورن ۽ ٻيٽن تي ڌاريا قابض ٿيندا پيا وڃن. عوامي تحريڪ جي باني رسول بخش پليجي جي ڇھانويھين جنم ڏينھن تي پارٽيءَ جي تقريبن ۾ جدوجھد جاري تکڻ جو عھد

حيدرآباد، سنڌ

عوامي تحريڪ جي باني رسول بخش پليجي صاحب جي 96هين سالگرهه عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان سموري سنڌ ۾ جوش ۽ جذبي سان اڱاري ويھين جنوريءَ تي ملهائي وئي.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ٺٽو، قمبر، لاڙڪاڻو، خيرپور ناٿن شاهه، ميرپور بٺورو، نوشهروفيروز سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ سالگرهه جا ڪيڪ ڪاٽيا ويا. ان کان علاوه ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر بار ايسوسيئيشن ۾ به وڪيلن سالگرهه جون تقريبون منعقد ڪيون.

رسول بخش پليجي جي جنم ڏينھن جي ھڪ تقريب ۾ سنڌياڻيون

لاڙڪاڻي مان اطلاع موجب مقامي ھوٽل ۾ رسول بخش پليجي صاحب جي سالگرھ ملھائي وئي جنھن ۾ پارٽيءَ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر ، مرڪزي اڳواڻ قادر ڀٽو ، نامياري ليکڪ ڊاڪٽر سڪندر مغل، پروفيسر ڄام خان جمالي ، پارٽيءَ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر علي حسن وڪو، ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو ، سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ علي محمد وڪو، اعتزاز گائنچو ، ۽ ٻين خطاب ڪيو. مصطفي الرحمن ابڙو، مقبول راھوجو، ايڊووڪيٽ غلام رسول پٺاڻ ، ايڊووڪيٽ ذوالفقار ميراڻي ، پنھل گاڏھي، ايڊووڪيٽ وقار جمالي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

ھوڏانھن عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان پليجي صاحب جي آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چاڙهي، سلامي ڏني وئي ۽ قومي ۽ انقلابي گيتن سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تقريب ۾ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، نور نبي پليجو، شاهه محمد چانگ، بلاول لاشاري، رياض عباسي، ايوب انڙ، غلام علي زئور، دريا خان زئور، تحمينا لاشاري، سائرا رزاق ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجو سنڌ جي حقن، قومي خودمختياري، جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ مظلوم طبقن جي آواز لاءِ سڄي حياتي جدوجهد ڪئي.

هنن چيو ته رسول بخش پليجو سنڌ جي تاريخ جو روشن باب آهي. سنڌ جي هارين، پورهيتن ۽ سنڌياڻين جي اڳواڻي ۾ قومي ۽ انقلابي جدوجهد جو گس رسول بخش پليجي ڏنو. هنن چيو ته وڏيرا شاهي ۽ ڪاموراشاهي جي اڳواڻي ۾ ڪا به قومي جدوجهد ڪامياب نٿي ٿي سگهي، قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جو محرڪ پورهيت طبقو آهي، سنڌ جون نياڻيون، هاري، مزدور ۽ پورهيت ئي قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جي اڳواڻي ڪندا.

ھنن چيو تہ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف سڀ کان پهريون آواز رسول بخش پليجو بڻيو، سنڌ جي مخصوص حالتن آهر جدوجهد جا نوان رنگ ۽ روپ رسول بخش پليجي متعارف ڪرايا، هن پورهيت راڄ لاءِ جدوجهد سان گڏ سنڌ جي قومي شناخت، قومي وسيلن جي حفاظت لاءِ به جدوجهد ڪئي.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ايس آئي ايف سي تحت سنڌ جي سامونڊي پٽي تي قبضو ڪيو پيو وڃي، ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ تي به قبضو ٿي رهيو آهي، ڪي فور منصوبو قبضاگير ڪالونين کي پاڻي فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي. هنن چيو ته سنڌ جي ساحلي پٽي، سنڌ جا ٻيٽ سنڌين لاءِ نوگو ايريا بڻايا ويا آهن، هاڻ شاهه حسين ٻيٽ تي به قبضي جي سازش ٿي رهي آهي، پورٽ قاسم ۾ سنڌ جي نوجوانن بدران ٻاهرين کي روزگار ڏنو پيو وڃي، مقامي ماڻهن کي سمورين ڪمپنين ۾ نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمين، درياهه ۽ زراعت تي قبضو ڪيو پيو وڃي.

 آرٽ ڪائونسل، سکر ۾ سنڌياڻي تحريڪ رسول بخش پليجي جي 96هين سالگرهه جي تقريب ڪوٺائي، جنهن ۾ سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. سالگره تقريب ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي سکر جي صدر شمشاد ٻپڙ، پارس ڀٽي، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ مجيد نواز مغل، شاعر خادم منگي، جاڳرتا فورم جي اڳواڻ فيض سومرو، ڊاڪٽر خادم چنا، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي، اياز ڪلوڙ، ايڊووڪيٽ ريحانا جتوئي، حنا جتوئي، سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجي جو فڪر، ڪردار ۽ جدوجهد سنڌ جي مظلوم عوام لاءِ مشعلِ راهه آهي، جيڪا ايندڙ نسلن کي به آزادي، برابري ۽ انصاف جي راهه ڏيکاريندي رهندي. رسول بخش پليجو جو فڪر قومي ۽ طبقاتي ڦرلٽ کان پاڪ، برابري، انصاف ۽ حقيقي عوامي جمهوريت تي ٻڌل نئين سماج جي اڏاوت جو واضح رستو ڏئي ٿو.

هنن چيو ته رسول بخش پليجو مارڪسزم جي روشني ۾ پورهيت، عورت ۽ پسمانده طبقن کي انقلابي جدوجهد جو مرڪزي ڪردار ڏنو. هن واضح ڪيو ته سنڌ جهڙي پوئتي پيل سماجن ۾ عورت سڀ کان وڌيڪ استحصال جو شڪار رهي آهي، تنهنڪري جيستائين عورت صفِ اول جي اڳواڻي نه ڪندي تيستائين سماجي تبديلي ممڪن ناهي. سنڌياڻي تحريڪ ان فڪر جو عملي تسلسل آهي.

اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجي ذات پرستي ۽ قبيلائي نظام جهڙن انسان دشمن نظامن کي رد ڪندي هڪ انسان دوست ۽ پورهيت دوست فڪر کي جنم ڏنو. ادب، شاعري، تعليم ۽ فن کي عوامي جدوجهد جو هٿيار بڻائي هن سنڌي سماج ۾ نوان ترقي پسند قدر متعارف ڪرايا.

اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجو لطيف سرڪار جي فڪر کي قومي انقلابي فڪر طور پيش ڪيو ۽ شاعري کي سماجي تحريڪ جو مورچو بڻايو. عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ اڄ به فڪرِ رسول بخش پليجو تحت سنڌ جي زمينن، وسيلن ۽ عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکندي پئي اچي.

ٺل ويجهو پوليس تحويل ۾ نياڻي سان پوليس اهلڪارن ھٿان گينگ ريپ تي ڪاوڙ ۽ غصي جو اظهار ڪندي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي ڪاموراشاهي کي قانون ۽ آئين کان مٿانهون بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪي ماڻهو مارڻ ۽ نياڻين سان گينگ ريپ جهڙا ڏوهه ڪري رهيا آهن. سنڌ جي ڪاموراشاهي کي انگريزن جي عوام دشمني جي سُتي پيل آهي، ايس پي ايس سي کي لکين روپيا ڏئي سيٽ وٺندڙ سنڌ جا ڪامورا عوام لاءِ عذاب ۽ حڪمرانن جا غلام آهن، جيڪي آئين ۽ قانون کي لتاڙين ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته آسيا کوسو سان گينگ ريپ ۾ ملوث پوليس عملدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، ايس ايس پي جيڪب آباد ايس ايڇ ۽ وڏي منشي سميت پوليس آفيسرن کي بچائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، عدالتي ڪميشن جوڙي ايس ايس پي کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.

اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ گل پلازه ۾ باھ لڳڻ سبب وڏي تعداد ۾ ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا آهن، 80 کان وڌيڪ ماڻهو جو ڪو ڏس پتو نه آهي. سنڌ سرڪار جي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻيا ادارا ڪرپشن جي ور چڙهيل آهن جنهن جي نتيجي ۾ گل پلازه جو واقعو پيش آيو آهي. سنڌ ۾ بي دردي سان ماڻهو قتل ڪيا وڃن، نياڻين سان گينگ ريپ ٿئي، اغوا، ڦرون ۽ ڌاڙا لڳن، انهن ظلمن خلاف اعلي عدالتن جي خاموشي سواليا نشان بڻيل آهي. ٽنڊي باگي جي نوجوان ارشاد ميمڻ ۽ درازا جي معصوم علي رضا ڀٽي جا قاتل آزاد آهن. فضيلا سرڪي، نمرتا ڪماري سالن کان وٺي اغوا آهن، ڪچي وارو علائقو نيٽو جي هٿيارن جي منڊي بڻيل آهي. قتل، اغوا، ڦرون، ڌاڙيل، ڪارو ڪاري، عدالتن کان مٿانهن سردارن، جاگيردارن، وڏيرن جا جرڳا روز جو معمول بڻيل آهن، ڪنهن به شهري کي ڪوبه جاني ۽ مالي تحفظ نه آهي. ان موقعي تي نويد سنڌي شاعري پڻ پيش ڪئي.  (پريس رليز)

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button