Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

شاهه حسن ٻيٽ ترقياتي رٿا: اھڙو سَون ئي گھوريو جيڪو ڪَن ڇني

شاهه حسن ٻيٽ صرف زمين جو ٽڪرو نه، پر تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي ورثو آهي  ۽ ترقيءَ بدران ھڪ نئين تڪرار کي جنم ڏيندو

وفاقي حڪومت جي اھا رٿا مقامي حقن سان ٽڪراءَ ۾ ھجڻ جي ڪري ماهيگيرن ۽ سماجي تنظيمن ۾ ڳڻتيءَ جي لهر پکڙجي  وئي آهي۔

شاهه حسن ٻيٽ جي ڊيگهه لڳ ڀڳ چار ڪلوميٽر ۽ ويڪر 100 کان 500 ميٽر آهي. اُتي سيد شاهه حسن جي 800 سال پراڻي درگاهه. خانداني قبرستان، بزرگن جون قبرون، مسجد، مسافر خانا ۽ پاڻيءَ جون ٽانڪيون آهن

سامي ميمڻ

ڪراچيءَ جي سامونڊي پٽيءَ ڀرسان واقع تاريخي ۽ مذهبي اهميت رکندڙ شاهه حسن ٻيٽ هڪ ڀيرو ٻيهر تڪراري ترقياتي رٿا  جو مرڪز بڻجي ويو آهي۔   بحري معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انور چوڌريءَ طرفان شاهه حسن ٻيٽ کي ماحولي سياحت، اسپورٽس ٽورازم ۽ لائف اسٽائل ريٽريٽس جو جديد مرڪز بڻائڻ جي اعلان کان پوءِ مقامي آبادي، ماهيگيرن ۽ سماجي تنظيمن ۾ ڳڻتيءَ جي لهر پکڙجي  وئي آهي۔

وفاقي وزارت موجب هن منصوبي کي بي او ٽي (بِلڊ، آپريٽ ايند ٽرانسفر) يا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP)  ماڊل تحت مڪمل ڪيو ويندو۔ حڪومت جي دعويٰ آهي ته تعميراتي مرحلي دوران هڪ هزار کان پندرهن سئو تائين سڌيون ۽ اڻسڌيون نوڪريون پيدا ٿينديون، جڏهن ته منصوبي جي آپريشنل مرحلي ۾ ٻارهن سئو کان ارڙهن سئو مستقل روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا۔

شاهه حسن ٻيٽ جي ڊيگهه لڳ ڀڳ چار ڪلوميٽر ۽ ويڪر 100 کان 500 ميٽر آهي۔ وزير بحري امور جو چوڻ آهي ته ٻيٽ جو ڏکڻ اوڀر وارو وارياسو ساحل هوٽلنگ، تفريحي ۽ سياحتي سرگرمين لاءِ انتهائي موزون آهي۔ ان کان علاوه ٻيٽ زميني رستي سان ڳنڍيل هجڻ سبب انفرااسٽرڪچر جي لاڳت گهٽ ايندي ۽ ترقياتي ڪم تيزيءَ سان مڪمل ٿي سگهندا۔

پر ٻئي پاسي سنڌ انڊيجيئنس رائٽس الائنس جي مرڪزي صدر ۽ پورٽ قاسم متاثرن واري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ سيد خداڏني شاهه هن منصوبي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي۔ سندس چوڻ آهي ته شاهه حسن ٻيٽ صرف زمين جو ٽڪرو نه، پر تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي ورثو آهي، جتي حضرت سيد شاهه حسن جي لڳ ڀڳ 800 سال پراڻي درگاهه موجود آهي۔ ٻيٽ تي خانداني قبرستان، بزرگن جون قبرون، مسجد، مسافر خانا ۽ پاڻي جون ٽانڪيون پڻ آهن، جيڪي درگاهه انتظاميه ۽ مقامي ماڻهن پنهنجي وسيلن سان تعمير ڪيون آهن۔

سيد خدا ڏني شاهه موجب پورٽ قاسم اٿارٽي شاهه حسن ٻيٽ کي پنهنجي ماسٽر پلان ۾ شامل ڪيو آهي، جڏهن ته هي زمين نه قانوني طور پورٽ قاسم حوالي ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن معاهدي تحت منتقل ٿي آهي۔ هن ياد ڏياريو ته ماضيءَ ۾ به پورٽ قاسم کي 1500 ايڪڙ زمين ڏني وئي، جتي 31 قديم ڳوٺ ۽ 355 کاتيدار متاثر ٿيا، پر اڄ تائين نه کين معاوضو مليو ۽ نه روزگار۔

مقامي ماهيگيرن ۽ رهواسين کي خدشو آهي ته شاهه حسن ٻيٽ سان به ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي  ٻيٽن جهڙي تڪراري  ماحول کي  نه ورجايو وڃي، جتي ترقي جي نالي تي مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪيو ويو۔ سندن مطالبو آهي ته ڪنهن به ترقياتي منصوبي کان اڳ مقامي آباديءَ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، درگاهه، قبرستان ۽ ماهيگيرن جي حقن جو مڪمل تحفظ يقيني بڻايو وڃي۔

هي رٿا  هڪ اهم سوال کي جنم ڏئي ٿي  ڇا ترقي صرف سرمائي ۽ سياحت تائين محدود آهي، يا ان ۾ مقامي ماڻهن جا حق، تاريخ ۽ ثقافت به شامل آهن؟ جيڪڏهن انهن پاسن  کي نظرانداز ڪيو ويو ته شاهه حسن ٻيٽ جو منصوبو ترقي بدران نئين تڪرار کي جنم ڏئي سگهي ٿو.

__________________

Sami Memon-TheAsiaN

سامي ميمڻ ڪراچيءَ جي ملير ضلعي جو سينئر صحافي آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button