نئين سال ۾ پير ڪيئن پائجي؟ انھيءَ سوال جو جواب گذريل سال مان ڳوليو
اسان کي گذريل سال جي هر مهيني تي نظر ڦيرائڻي پوندي ته اهي ٻارنهن مهينا اسان ڪيئن گذاريا، ڪهڙيون غلطيون ڪيون، ڪهڙيون ڪاميابيون حاصل ڪيون، ڪهڙا ٽارگيٽ پورا ڪيا ڪهڙا ٽارگيٽ رهجي ويا
پروفيسر مدد علي جهتيال
نئين سال ۾ پير ڪيئن پائڻ گھرجي… اڃا اهي لفظ ليپ ٽاپ تي مس لکيم ته منهنجي ڪِڪِي رحمت منهنجي ڪالم جو عنوان ٻڌندي چوڻ لڳي، هر ماڻهوءَ جي پنهنجي زندگي آهي، جنهن کي جيئن وڻي اهو ان حساب سان گذاري، اوهان ڪير ٿيندا آهيو جو ڪنهن کي پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ لاءِ پابند ڪريو ٿا؟
ٿوري دير لاءِ سوچجي ته ھُن بلڪل درست چيو، ڇو ته هر ماڻهو پنهنجو پاڻ جوابده آهي، ليڪن وري ٻئي پاسي سوچجي ٿو ته انھن جذباتي لفطن ۾ اٻهرائپ نظر اچي ٿي. سياڻا چئي ويا آهن ته صلاح مصلحت ڪرڻ تمام ضروري آهي، ان لاءِ جيڪڏهن اوهان کي ڪٿي ماڻهو نه ٿو ملي، ته اوهان سَرن جي ٻُوٽي سان به مشورو ڪريو. اڄڪلھ جي جنريشن ۾ جذبات کان سواءِ ٻيو ڪجھ نظر نه ٿو اچي، هو پاڻ کي عقل ڪُل سمجهي اهڙا ته فيصلا ڪن ٿا جو اڳتي هلي سندن پڇتائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ پلئہ نه ٿو پوي. جنهن کي ڏسو اهو سير ٿيڻ جي چڪر ۾ آهي، انهن جو به ڏوھ نظر نه ٿواچي، پوري ملڪ ۾ اها وبا عام ٿي چڪي آهي. ملڪ جا حڪمران هجن يا نوڪر اهي پاڻ ان سوچ ۾ مبتلا نظراچن ٿا.

اچان ٿو مقصد جي ڳالھ ڏانهن ته اسان کي ايندڙ نئون سال ڪيئن گذارڻ گهرجي، ان جو سڀ کان آسان ۽ سمجھ وارو طريقو هيءُ آهي ته اسان کي گذريل سال جي هر مهيني تي نظر ڦيرائڻي پوندي ته اهي ٻارنهن مهينا اسان ڪيئن گذاريا، ڪهڙيون غلطيون ڪيون، ڪهڙيون ڪاميابيون حاصل ڪيون، ڪهڙا ٽارگيٽ پورا ڪيا ڪهڙا ٽارگيٽ رهجي ويا، ڪهڙي مٽ مائٽ ۽ دوست سان سٺا هلياسين ۽ ڪهڙي دوست ۽ مٽ مائٽ سان صحيح نه هلياسين، اولاد ۾ ڪهڙي اولاد صحيح فيصلا ڪيا، ڪهڙي اولاد غلط فيصلا ڪيا، سياسي يا سماجي حوالي سان ڪهڙيون چڱايون ٿيون، پاڻ ان معاملي ۾ ڇا ڪيو، پاڙي اوڙي جي ماڻهن جا رويا ڪيئن رهيا، اهي اڃان ڪيئن بهتر ڪجن ها، پنهنجي والدين سان ڪيئن رويو رکڻ گهرجي ها، پنهنجي ڀائرن ۽ ڀيڻن سان ڪيئن رهياسين، ڪيترا جذباتي رهياسين، ڪيترا سٺا تعلقات قائم ڪياسين، ملڪ ۽ قوم جي بهتريءَ لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيوسين وغيره.
سڀني ڳالهين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري پنهنجو ايندڙ سال جو پلان ترتيب ڏيون، ڪٿي ايئن نه ٿئي جو هر سال جيان هن سال جي به ڪا پلاننگ نه ڪريون ۽ پوئين سال جيان هي سال به ضائع ڪيون، ڪا ڊولپمينٽ نه ڪري سگهون، هر سال جيان هن سال به منزلون ماڻي نه سگهون، جيئن ملڪ جو ڪارونهوار هلي پيو، ائين هلائيندا رهون. جيئن چوندا آهن ته، دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آهي، اسان اتي جو اتي، اگر اهو سلسلو جاري رهيو ته ملڪي تاريخ جيان اسان به صرف تاريخ نه وڃي نه رهون.
ماڻهوءَ جو دنيا ۾ اچڻ ڪو فضول نه آهي. ان جو مقصد تمام وڏو آهي. جن ان ڳالھ کي سمجهو آهي اهو ڪامياب آهي. جيڪي زندگي جي مقصد کي نه سمجهي سگهيا آهن، اهي ايئن بي مقصد زندگي گذاري هليا وڃن ٿا، جيئن جانور کائي پي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري هليو وڃي ٿو، پويان نالو نشان ئي نه ٿو رهيس. هتي اڪثر ماڻهو ايئن ئي ڪري رهيا آهن. جنهن کي جيڪو ملي ٿو، اهو پنهنجي ذات تي خرچ ڪري هليو وڃي ٿو. کيس اها سمجھ بہ نه آهي ته اسان ڪهڙي مقصد لاءِ خلقيا ويا آهيون. کين مليل راھ به وسري وڃي ٿي.
ماڻهو ٻن ڳالهين جو خاص بکيو آهي، سڀ کان پهريان عزت جو ۽ ان کان پوءِ کاڌي جو. انهن کان پوءِ ٻيون شيون اچي وڃن ٿيون، ليڪن افسوس اهي ٻئي ڳالهيون ماڻهو پاڻ ئي پوريون نه ٿو ڪري. جي ٻئي کي عزت ڏيندو ته پاڻ به عزت جو حقدار هوندو، ان کان پوءِ جڏهن ٻين کي کارائيندو ته پاڻ به کائيندو، اهي ٻئي ڪم ماڻهو پسند ته ڪن ٿا ليڪن اهو ڪم پاڻ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.

چند ڏهاڪا اڳ ماڻهن جا اصول هوندا هئا، جن تي هو لازمي طور عمل ڪندا هئا. ٻين کي ڇڏيون ٿا، صرف چورن جي اصولن کي ئي ڏسون ٿا ته اهي به اصولن جا پاسدارهئا، مثال طور: چوريءَ جي حالت ۾ ڀاڳيو يا گهر ڌڻي قرآن کڻي ايندو هو يا هنن کي خبر پوندي هئي ته منهنجو مال هن وٽ آهي ته هڪ دم چوريءَ جو اقرار ڪندا ۽ قرآن مجيد کي مان ڏيندا ۽ ڪوڙ نه ڳالهائيندا. آيل َقرآن مجيد کي مان ڏئي رنگين ڪپڙي جو پڙ يا غلاف ڏئي ٻه روپيه پنج روپيه ان تي رکي واپس ڪندا هئا. هلندي جهيڙي دوران ڪنهن شخص آڻي قرآن مجيد رکيو ته جهيڙو هڪدم ۽ غير مشروط طور تي ختم ڪيو ويندو، ميڙ طور سيد، پير يا نياڻي در تي هلي آيا ته انهن جي عزت به قرآن مجيد جيان ئي ڪبي ۽ ان جو چيو نه موٽائيندا، کيس نذر نياز يا پڳ، پوتي پارائي روانو ڪندا، ان جُوءِ ۾ سيد يا فقير جي شئي کي به هٿ نه لائيندا، ڌاري عورت ڏانهن اک کڻي به نه ڏسندا، ڳالهائڻو پوندن ته ڌيءُ، ماءُ يا ادي ڪري ان کي عزت ڏيندا، پاڙي يا پنهنجي جُوءِ مال چوري نه ڪندا، بلڪه پاڙي وارن جي مدد ۽ حفاظت ڪندا، ڪو چور سنگتي ڪنهن مقدمي ۾ ڦاسي پوندو ته ان جي هڙان وڙان مدد ڪندا، پنهنجي قومي سردار يا لٺ سردار جا فرمانبردار ٿي رهندا، سندس کٽ تي هٿ رکي جا ڳالھ ڪندا، سا ڪوڙ کان خالي هوندي، سردار جيڪو فيصلو ڪندو، اهو بنا چون چراند جي قبول ڪندا، سردار جو ڪنهن سان جهيڙو يا مقابلو ٿي پوندو ته سندس ڪوٺ تي سر تريءَ تي رکي وڃي وٽس پهچندا، پنهنجي پڳ ۽ ڏاڙهيءَ جي عزت ۽ حفاظت پنهنجي سر يا جان کان وڌيڪ ڪندا، ڏاڙهي ڏئي وعدو ڪيائون ته ان کي ضرور پاڙيندا، ڪنهن سندن پڳ يا ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وڌو ته ان جي سر جو خير ناهي، ڪنهن ماڻهوءَ سام گهري ته ان جي حفاظت پنهنجي جان سان ڪندا، هڪ ٻئي جي گهر يا در ڏانهن نه تڪيندا، جيڪڏهن گهوڙي تي چڙهيل هوندو ته گهر کان پري ئي گهوڙي تان لهي پوندو، انتقام ۽ بدلي کي نه وٺڻ سخت ناپسند ۽ نامردي تصور ڪندا، خون جو بدلو خون ضرور هوندو هو، پيءُ انتقام نه وٺي سگهيو ته پٽ، پوٽو، پڙپوٽو به انتقام وٺندو، جنهن سان دشمني هوندي ان جي گهر جي ماني نه کائيندا ته متان نمڪ حرامي سمجهي وڃي، آئي وئي مسافر مڙي يا مهمان کي کليءَ دل سان جيڪو حال هوندو پاڻ نه به کائي ان کي کارائي خوش ڪندا.
هن وقت قصو ئي ٻيو پيو هلي، تڏهن ڀٽائي سرڪار فرمايو آهي ته،
هاڻي، تنهين سندا پونئيان سي ئي لهن نه سار
ڪٽئين ڪٽ لها، هاڻي انهين ڀيڻئين.
ڳالھ پئي ٿي نئين سال جي ته اهو ڪهڙي طرح گذارجي، سو اسان کي وڏن جون ڳالهيون ڳڻ ۾ رکي پوءِ ڪو قدم کڻڻ گهرجي، اگر پنهنجي اڻ تجربي واري زندگي تي هلبو ته ان جا نتيجا به اهڙا ئي نڪرندا، جيئن گذريل سال گذري ويو تيئن هي سال به گذري ويندو. ويل وقت وري ناهي ورڻو. اهو ڪم ڪجي جو اوکيءَ مھل ڪم اچي. هڪ هڪ سيڪنڊ نهايت ئي قيمتي آهي، ان کي ان قيمت جي قدر سان گذارجي ته پنهنجو به ڀلو ته ملڪ ۽ قوم جو به ڀلو.
_______________

مدد علي جھتيال سنڌ جي تعليم کاتي ۾ پروفيسر آھي




,
Start the new journey with planning