Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيانساني حَقَ

سنڌ جون اسپتالون، جتي ”ھر انسان لاءِ صحت جو حق“ روز مري ٿو

جڏهن دنيا يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي نالي تي هر انسان لاءِ برابري، احترام ۽ سهولتن جو نعرو هڻي رهي آهي، تڏهن سنڌ جون سول اسپتالون اسان کي اهو احساس ڏياري رهيون آهن ته اسان هن عالمي خواب کان ڪيترو پري بيٺا آهيون

ليکڪ: عرفان سنڌي

ھر سال ٻارھين ڊسمبر سڄي دنيا ۾ بين الاقوامي يونيورسل هيلٿ ڪوريج ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. اهو ڏينهن ملھائڻ جو مقصد آگاھي ڏيڻ آهي ته هر انسان کي بنا ڪنهن فرق جي معياري، باعزت ۽ قابلِ برداشت صحت جون خدمتون ملڻ گهرجن. دنيا مطالبو ڪري رهي آهي ته صحت ڪنهن طبقي جي عياشي نه، پر انسان جو بنيادي ۽ فطري حق آهي. پر هن عالمي نعري جي روشنيءَ ۾ جڏهن مان پنهنجي سنڌ جي سڀ کان وڏين اسپتالن مان ھڪ، حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ داخل ٿيس، ته مون کي لڳو ڄڻ هيءُ عالمي ڏينهن اسان سان لاڳاپيل ٿي نٿو سگهي.  هڪ پاسي دنيا “Universal Health Coverage” جو نعرو هڻي رهي آهي، ٻئي پاسي اسان جي اسپتالن ۾ انسانيت جي آکيري تي ڌوڙ پئي وسي. اهو سڀ ڪجهه حيدرآباد سول اسپتال ۾ مون پنهنجي اکيين سان ڏٺو.

اتي جيڪو ڪجھ ڏٺم، تنهن منھنجي اندر ڌوڏي ڇڏي. اسپتال جي هر ڪاريڊور ۾، هر در، هر ڪمري ۾ انساني لاچاري ۽ بيوسيءَ جو منظر هو. هر ڪُنڊ ۾ لاچار مريضن جون صدائون ھيون، هر چهري تي اُداسي ۽ بيوسي ڇانيل هئي.

هڪ ڊاڪٽر جي ڪمري ٻاهران سؤ کان به وڌيڪ مريض ويٺل هئا، هر ڪو پنهنجي نمبر جو انتظار ڪري رهيو هو، ڄڻ ته سندن زندگيءَ جو فيصلو ئي انھن جي نمبر تي ٿيڻو هجي. جن وٽ پئسو هو، انهن لاءِ دروازا پاڻمرادو کلي رهيا هئا. بنا پرچيءَ، بنا انتظار، ”صاحب، صاحب“ چوندي اسپتال جو عملو کين سڌو ڊاڪٽر جي ڪمري تائين وٺي وڃي رهيو هو. ۽ جن وٽ پئسو نه هو، اهي لاچار ٿي بيٺل هئا. اتي مون هڪ ماءُ ڏٺي، وچولي طبقي جي عورت، جنھن پنهنجي بيمار ٻار لاءِ دانھون ڪري چيو ٿي، ”مھرباني ڪري منهنجي پٽ کي ڏسو، سندس حالت خراب ٿي وئي آهي.“

پر ڪو ٻُڌڻ وارو نه هو. اهو ٻار منهنجي سامهون الٽيون ڪندو رهيو، سندس مُنھن جو رنگ ھيڊو ٿي ويو، پر عملي جي نظرن ۾ اهو سڀ ڪجهه ڄڻ بي‌معني هجي. جيڪو پئسي وارو هو، سو اڳتي وڌي رهيو هو، ۽ جيڪا ماءُ اميد سان آئي هئي، سا مايوسيءَ سان ڌڪا کائي رهي هئي.

ان ئي وچ ۾ خبر پئي ته اسپتال جو عملو اڄ هڙتال تي آهي. سبب اهو ٻڌايو ويو ته گذريل ڏينهن ڊينگيءَ جي مريض جي موت تي ان مريض جي گھر وارن اسپتال جي ايم ايس  تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي. جيڪي هزارين مريض ڏورانھن علائقن کان ڀاڙا ڀري هتي پهتا آهن، انهن جو ڏک ڪنهن کي محسوس نه ٿو ٿئي؟ ڇا انهن جي زندگي بي‌معني آهي؟ اسپتال، جيڪا زندگيءَ جي اميد جو مرڪز هجڻ گهرجي، اُتي اڄ بي‌حسيءَ جا وساڻل ڏيئا نظر آيا. ڊاڪٽر، نرسون ۽ عملي جا ماڻهو شايد وساري چڪا آهن ته هو قسم کڻي هن شعبي ۾ آيا هئا. شايد ھنن انسانيت جي خدمت لاءِ نه پر پنھنجي مفادن جو قسم کينو ھو. جڏھن هڪ ڊاڪٽر امير جي هٿ کي عزت سان ڇُهي ٿو، ۽ غريب جي بيمار ٻار کي نظرانداز ڪري ٿو، تڏهن اصل ۾ انسانيت جو موت ٿئي ٿو.

اسان جو سماج اڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي ــ هڪ طرف طاقت، اثر رسوخ ۽ دولت، ۽ ٻئي طرف لاچاري ۽ بيوسي. سول اسپتال جي صوتحال  ڏسڻ سان لڳو ڄڻ ته هيءَ ورهاست رڳو ٻاهران نه، پر اسان جي ضميرن ۾ به لکي وئي آهي.

جيڪڏهن ڊاڪٽر کي بيمار جي حالت بدران سندس لباس نظر اچي، ته پوءِ علاج نه، فيصلا ڪجھ ٻئي قسم جا ٿيندا آهن. مون ڏٺو ته ڪيترائي نوجوان پنهنجي ماءُ يا پيءُ لاءِ پاڻيءَ جي کوجنا ۾ اسپتال جا چڪر لڳائي رهيا هئا تہ ٻئي پاسي نرسون چانهه پي رهيون هيون، ڪٿي ڪمرو بند، ڪٿي مريض بي‌هوش، پر ڪير به چوڻ وارو ڪونہ ھو. مون پاڻ کان پڇيو، ڇا هيءَ انھي ملڪ جي “پبلڪ اسپتال” آهي جتي انسانيت جي خدمت ٿيندي آهي؟ يا هي اھا جڳھ آهي جتي ضميرن جي موت جا سرٽيفڪيٽ جاري ٿين ٿا؟ اسان جي رياست وٽ وڏيون بجيٽون، وڏا نعرا، ۽ وڏا دلاسا آھن، پر هڪ غريب مريض جي ويھڻ لاءِ هڪ ڪرسي به نٿي ملي. هي نظام جنھن ۾ بيمار کي دوائون نه ملن، پر نجي اسپتالن کي پرمٽ ملي وڃن، اهو نظام بيمار نه ته ٻيو ڇا آهي؟ اي ڊاڪٽر! ياد ڪر جڏهن توکي پهريون ڀيرو اسپتال جي دروازي تان مريض جو هٿ پڪڙڻ سيکاريو ويو هو، تڏهن چيو ويو هو ته زندگيءَ جي حفاظت توھان جو فرض آھي. پر اڄ توھان جو فرض ڪٿي گم ٿي ويو آهي؟

خدا کي حاضر ناظر ڄاڻو، جنهن ڏينهن توکي انسانيت جي خدمت جو عھد ڪرايو ويو هو، اهو عھد ياد ڪر. توھان کي پنهنجي ڪمري جي ٻاهران بيٺل انهن لاچار مائرن ۽ معصوم ٻارن جي دعائن کان ڊڄڻ گھرجي. اڄ تون طاقتور آهين، پر سڀاڻي تون به ڪنهن اسپتال ۾ بي‌وس ٿي بيٺو هوندين. خدا انصاف ڪندو، ۽ شايد تڏهن توکي احساس ٿيندو ته انساني خدمت پئسي نه، پر رحم مان پيدا ٿيندي آهي اسان کي سوچڻو پوندو ته تعليم يافته هجڻ جو مطلب فقط ڊگريون حاصل ڪرڻ ناهي، پر احساس پيدا ڪرڻ آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽرن ۾ احساس نه رهيو، ته پوءِ علم جو مقصد ئي وسري ويندو. اسپتال جو ڪم بيماري ختم ڪرڻ آهي، نه ھيءُ اميدن جو قتل ڪرڻ. اسان کي پنهنجي نظام، ادارن، ۽ روين کي بدلڻو پوندو. جيستائين هر شهري جي زندگيءَ کي برابر اهميت نه ڏني ويندي، تيستائين “سول” نالي هي جڳهه رڳو ديوارن جو ميڙ رهندي، انسانيت جي خدمت جو گهر نہ. جڏهن دنيا يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي نالي تي هر انسان لاءِ برابري، احترام ۽ سهولتن جو نعرو هڻي رهي آهي، تڏهن سنڌ جون سول اسپتالون اسان کي اهو احساس ڏياري رهيون آهن ته اسان هن عالمي خواب کان ڪيترو پري بيٺا آهيون. دنيا چوي ٿي ته هر شهري کي بنا فرق علاج ملڻ گهرجي، پر اسان وٽ علاج رقم ڏسي ٿو، انسان نه. يونيورسل هيلٿ ڪوريج ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته:

صحت هر انسان جو حق آهي ۽ سنڌ ۾ اهو حق روز مرڻ ٿو لڳي

آخر ۾ مان ايترو چوندس ته مون سول ۾ انسان کي لاچار ڏٺو پر حقيقت ۾ مون پاڻ کي لاچار ڏٺو ڇو ته مان به ان سماج جو حصو آهيان جيڪو بي‌حسيءَ جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهي.

______________

Irfan Sindhi-TheAsiaN

عرفان سنڌي فري لانس ليکڪ آھي ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button