Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

موئن جي دڙي تي ڌاڙو: بئنرجيءَ کان سنڌو تھذيب جا آثار ڳولي لھڻ واري ڪارنامي جي ڦُر

2017 ۾ انڊيا ۾ پي ڪي مِشرا نالي ھڪ ليکڪ جو بئنرجيءَ جي حياتيءَ تي ڪتاب ڇپيو جنھن ۾ ھن سر جان مارشل جي ان عمل کي ”چوري“ سڏيو.

بئنرجيءَ انھيءَ وقت جي ھڪ مشھور ليکڪ سُنيتي ڪمار چئٽرجيءَ کي لکيو:”اھي (برطانوي حڪومت) مونکي موئن جي بابت ڪجھه ڇاپڻ نه ڏيندا پر تون ڪجھه لکي سگھندين. مان تصويرن سميت سمورو مواد تنھنجي حوالي ڪريان ٿو. تون ان تي ڪجھ لک ۽ منھنجون تشريحون ڇپراءِ. اھو ايندڙ نسلن لاءِ ھڪ وڏو رڪارڊ ھوندو.“

بنگالي آرڪيالاجسٽ رکلداس بئنرجيءَ سڀ کان اڳ موئن جي دڙي جا آثار ڳولي، کوٽائي شروع ڪري سر جان مارشل کي رپورٽ ڏني پر ھن سندس محنت تي ڌاڙو ھڻي اھو ڪارنامو پنھنجي نالي ڪري ڇڏيو  

نصير اعجاز

ڪجھ ڏينھن اڳ ڪلڪتي ۾ رھندڙ ليکڪا محترما ديباسري چڪرورتيءَ سان موئن جي دڙي ۽ خاص طور بنگالي آرڪيالاجسٽ رکلداس بئنرجيءَ بابت ڪچھري ٿي تہ ھُن افسوس ڏيکاريو تہ جنھن شخص موئن جي دڙي جا آثار ڳوليا، اُن کي سر جان مارشل اھڙو تہ ذھني ٽارچر ڪيو جو ھُُو پنجيتاليھ ورھين جي عمر ۾ دل جو دورو پوڻ سبب گذاري ويو. ”موئن جي دڙي جا آثار ڳولڻ جو ڪارنامو پنھنجي نالي ڪرڻ جي چڪر ۾ سر جان مارشل نہ رُڳو رکلداس کي بدلي ڪري ڇڏيو پر مٿس ڪجھ نوادرات جي چوريءَ جا الزام ھڻي سندس خلاف انڪوائريون ڪرايون. الزام تہ سڀ ڪُُوڙا ثابت ٿيا پر رکلداس تمام گھڻو دل برداشتا ٿي ويو ھو ۽ ذھني دٻاءُ برداشت نہ ڪري سگھيو.“ ھُن ٻُڌايو تہ بئنرجيءَ جا آرڪيالاجيءَ تي کوٽ ڪتاب بہ لکيل آھن جن ۾ موئن جو دڙو ۽ سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب تي ڪتاب بہ شامل آھن.

مون محترما ديباسريءَ کي ٻُڌايو تہ ڇھ سال اڳ مون بہ رکلداس بئنرجيءَ سان ٿيل زيادتيءَ بابت ھڪ تفصيلي مضمون لکيو ھو. اھو ٻُڌڻ کانپوءِ ديباسريءَ مون سان ڪافي تفصيل ونڊيا، ج جي آڌار ھڪ نئون مضمون لکڻ جو ارادو آھي، پر مان پڙھندڙن لاءِ پنھنجو ڇھ سال اڳ جو لکيل مضمون پيش ڪريان ٿو.    

موئن جي دڙي تي ڌاڙو

قديم آثارن جي پاڪستاني ماھرن توڙي دنيا جي ٻين ماھرن جي اڪثريت به سدائين اھو ئي لکيو آھي ته انگريز آرڪيالاجسٽ سر جان مارشل موئن جي دڙي جا آثار ڳولي لڌا ۽ کوٽائي ڪرائي، پر ھنن ڪڏھن ڀُلجي به بنگالي آرڪيالاجسٽ رکلداس بنديوپڌيا بئنرجي جو ذڪر ڪونه ڪيو، جنھن اصل ۾ آثار ڳولي لڌا ۽ کوٽائي به شروع ڪرائي ۽ انھيءَ جون تفصيلي رپورٽون پنھنجي آفيسر سر جان مارشل کي پيش ڪيون ھيون، جنھن نه رُڳو بئنرجيءَ کي سنڌ مان بدلي ڪرائي ڇڏيو پر سڀ رپورٽون دٻائي پاڻ وٽ رکي ڇڏيون ۽ ڪجھه سالن کانپوءِ انھن ۾ ڪجھه تبديليون ڪري پنھنجي نالي ۾ پڌريون ڪري کوٽائيءَ جو وڌيڪ ڪم شروع ڪرايو ھو.

تاريخي حقيقتون ٻڌائن ٿيون ته رکلداس بئنرجيءَ، جيڪو آر ڊي بئنرجيءَ طور ڄاتو ويندو ھو، موئن جي دڙي جا آثار ڳولي لھڻ بابت پھنجي پھرين رپورٽ 1920 ۾ سر جان مارشل کي پيش ڪئي ھئي. ھندستان ۽ يورپ وارن مان ڪجھ ليکڪن بئنرجيءَ جي ڪارنامي تي لکيو آھي ۽ 2017 ۾ ته انڊيا ۾ پي ڪي مِشرا نالي ھڪ ليکڪ جو بئنرجيءَ جي حياتيءَ تي ڪتاب به ڇپيو جنھن ۾ ھن سر جان مارشل جي ان عمل کي ”چوري“ سڏيو. ”سنڌو ماٿري تھذيب جا آثار ڳولي لھڻ جو ڪارنامو پنھنجي حوالي سان پڌرو ڪرڻ سڌي سنئين چوري ھئي،“ ھن پنھنجي ڪتاب ”رکلداس بئنرجي _ ھڪ وساريل آرڪيالاجسٽ“ ۾ لکيو ھو. ڪتاب جي مھورت واري تقريب جي موقعي تي ھن انڊين ميوزيم ۾ نه رُڳو ان موضوع تي ليڪچر ڏنو پر اخبار ٽائمز آف انڊيا سان ڳالھائيندي چيو ھو،”اھو الزام سر جان مارشل تي آھي جنھن جو انڊين آرڪيالاجيءَ ۾ وڏو ڪم ٿيل ھو ۽ جيڪو 1902 کان 1928 تائين آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل ٿي رھيو.“

پي ڪي مِشرا جو چوڻ ھو ته آر ڊي بئنرجيءَ موئن جي دڙي وارا آثار ڳولي لھڻ جي پھرين رپورٽ 1920 ۾ سر جان مارشل کي پيش ڪئي ۽ پوءِ ٻيون به رپورٽون موڪليندو رھيو ۽ قطعي رپورٽ کيس 1922 ۾ پيش ڪيائين، جنھن کي سر جان مارشل ايڊٽ ڪري ”موئن جو دڙو ۽ سنڌو تھذيب“ جي عنوان سان ڇپرايل دستاويز جو بنياد بنايو. ٽائمز آف انڊيا مِشرا جون چيل ڳالھيون 12 جُون 2017 تي بئنرجيءَ جي تصوير سان ڇاپيون جنھن تي سُرخي ڏنل ھئي:”بئنرجيءَ کان سنڌو تھذيب جا آثار ڳولي لھڻ واري ڪارنامي جي ڦُر“ ۽ تصوير تي Unsung Hero لکيو ويو.

انڊين بنگالي آرڪيالاجسٽ رکلداس بئنرجيءَ جي محنت کي سندس ئي آفيسر جنھن نموني پنھنجي کاتي ۾ وڌو، ان کي مِشرا انٽيليڪچوئل پراپرٽي رائيٽس جي سڌي سنئين چوري سڏي ٿو. ”تاريخي دستاويز ٻڌائن ٿا ته رکلداس بئنرجي 1918 کان 1922 تائين موئن جي دڙي تي ڪم ڪندو رھيو، پر دنيا رُڳو اھو ئي ڄاڻي ٿي ته سنڌو تھذيب جا آثار سر جان مارشل ڳولي لڌا ۽ اھا ئي ڳالھه تعليمي ادارن ۾ به پڙھائي وڃي ٿي. بئنرجيءَ جي حيثيت ته بس ھڪ فُٽ نوٽ واري ئي رھجي وئي،“ ھُو چوي ٿو.

بئنرجيءَ بابت ڪيل تحقيق جي آڌار، پي ڪي مِشرا دعوى ڪري ٿو ته 1924 تائين ته سر جان مارشل کي موئن جي دڙي بابت ڪا گھڻي ڄاڻ ئي ڪانه ھئي. ”ھُو پھريون ڀيرو 1925 ۾ موئن جي دڙي وارا آثار گھمڻ آيو ھو ۽ پوءِ 1925-26 کان موئن جي دڙي جي سڌيءَ ريت چارج سنڀاليائين. ان وقت تائين بئنرجيءَ اھو سمورو ڪم ڪري ورتو ھو جيڪو ھڪ آرڪيالاجسٽ کي ڪرڻو ھوندو آھي،“ ھُو چوي ٿو.

پي ڪي مِشرا پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته بئنرجيءَ انھيءَ وقت جي ھڪ مشھور ليکڪ سُنيتي ڪمار چئٽرجيءَ کي لکيو:”ڏِس، اھي (برطانوي حڪومت) مونکي موئن جي بابت ڪجھه ڇاپڻ نه ڏيندا پر تون ڪجھه لکي سگھندين. مان تصويرن سميت سمورو مواد تنھنجي حوالي ڪريان ٿو. تون ان تي ڪجھ لک ۽ منھنجون تشريحون ڇپراءِ. اھو ايندڙ نسلن لاءِ ھڪ وڏو رڪارڊ ھوندو.“

”بئنرجي ھڪ باصلاحيت انسان ھو جنھن جي مڃتا انگريز آفيسرن به ڪئي ھئي جڏھن ھن 19 سالن جي عمر ۾ 1917 ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا کاتي ۾ نوڪري شروع ڪئي ھئي. سر جان مارشل ته کيس ڏاڍو پسند به ڪندو ھو جنھن ڪري کيس پروموشن ڏيڻ لاءِ سفارشي خط به لکيائين جنھن جي نتيجي ۾ 1922 ۾ کيس پُونا ڊويزن جي آرڪيالاجي سپرنٽينڊنٽ جو عھدو ڏنو ويو، پر جڏھن بئنرجيءَ سنڌو تھذيب جي آثارن بابت آخري رپورٽ پيش ڪئي ته سر جان مارشل اکيون ڦيرائي ڇڏيون ۽ بئنرجيءَ کي بدلي ڪرائي انڊين ميوزيم ۾ پوسٽنگ ڪرائي ڇڏيائين،“ مِشرا لکي ٿو.

مِشرا جو اھو چوڻ ته بئنرجيءَ جي حيثيت صرف ھڪ ”فُٽ نوٽ“ واري ئي بچي، انھيءَ جو ثبوت خود سر جان مارشل جا اھي لفظ آھن، جيڪي ھن 1931 ۾ لنڊن ۾ ڇپيل ”موئن جو دڙو ۽ سنڌو تھذيب“ نالي ٽِن جِلدن واري دستاويز جي پيش لفظن جي آخر ۾ لکيا ته ”جن ٻين اسڪالرن جي نالن تي مان خاموش نٿو رھي سگھان، اھي آھن مرحوم آر ڊي بئنرجي، جنھن موئن جي دڙي جا آثار ڳوليا، ۽ ان کانپوءِ سندس جاءِ تي آثارن جي کوٽائيءَ واري ڪم تي ايندڙ ايم ايس وئٽس ۽ ڪي اين ڊڪشٽ.“

سر جان مارشل جي نظر ۾ رکلداس بئنرجيءَ جي اھميت صرف ايتري ھئي جو ھن سندس ذڪر ڪتاب جي مُھاڳ جي آخري حصي ۾ صرف چند لفظن ۾ ڪري ڇڏيو، پر بئنرجيءَ جو نالو انڊيا توڙي بنگال ۾ مشھور ھو ۽ ماڻھو کيس موئن جي دڙي کي دريافت ڪندڙ ۽ اُتان توڙي ھڙپا مان ٻُڌمت جي زماني کان اڳ واريون ھٿ ڪندڙ جي حوالي سان سُڄاڻندا رھيا آھن. سندس انھن ئي ڪارنامن جو نتيجو ھو جو ھڙپا ۽ موئن جي دڙي تي وڌيڪ کوٽايون ٿيون ۽ سنڌو تھذيب جي وجود کان دنيا آگاھه ٿي. سنڌو تھذيب بابت بئنرجيءَ جون تشريحون سندس وفات کانپوءِ ڪتاب ۽ مضمونن جي شڪل ۾ ڇپيون جن ۾ بنگالي ٻوليءَ ۾ ”پنج ھزار سال اڳ جو ھڪ ھندستاني شھر“، ”تاريخ کان اڳ جي قديم ۽ ھندو انڊيا“ ۽ ”موئن جو دڙو _ ھڪ وساريل رپورٽ“ شامل آھن.

ھڪ ٻئي ھندستاني ليکڪ اشوڪ ڀٽاچاريه جو ڪتاب ”رکلداس بندوپاڌيا“ 1999 ۾ ساھتي اڪئڊميءَ پاران ڇپرايو ويو ھو جنھن ۾ ھُو لکي ٿو ته موئن جي دڙي جا اثار ڳولي لھڻ جي حوالي سان بئنرجيءَ جو نالو ھاڻي گھر گھر ۾ ڄاتو وڃي ٿو. ”ويسٽرن سرڪل جي سپرنٽينڊنگ آرڪيالاجسٽ جي حيثيت ۾ بئنرجي سنڌ واري علائقي ۾ ويو ھو جتي کيس ھڙپا وارن آثارن جھڙيون شيون نظر آيون. جڏھن کيس تاريخ کان اڳ جون ثابتيون مليون ته ھن 1922 ۾ اُتي کوٽائي شروع ڪري ڏني. سنڌو تھذيب بابت سندس تشريحون ڪيترن ئي مضمونن ۽ ڪتابن ۾ ڇپيل آھن،“ اشوڪ ڀٽاچاريه لکي ٿو.

آمريڪا ۾ يونيورسٽي آف مِسوري، ڪنساس سٽي جي تاريخ واري شعبي جو ائسوسيئيٽ پروفيسر ۽ لِنڊا ھال لائبريريءَ لاءِ سائنس جي تاريخ بابت صلاحڪار ڊاڪٽر وليم بي ائشورٿ به رکلداس بئنرجيءَ بابت تحقيق ڪري چُڪو آھي ته ھن ڪيئن موئن جي دڙي جا آثار ڳولي لڌا. ھُو لکي ٿو،”سنڌو ماٿريءَ ۾ سنڌو نديءَ جي ھيٺئين علائقي ۾ سروي ڪندي جڏھن ھن ڪجھه آثارن تي ٻُڌمت وارن جي اسٽوپا بابت ٻُڌو ته ھو اُتي وڃي پھتو. ھن سمجھيو ٿي ته جيڪڏھن اھي آثار ٻُڌمت واري زماني جا آھن ته پوءِ اُتي ھزارين ورھين جي تاريخ جا امين ھوندا. بئنرجيءَ سموري علائقي جو جائزو ورتو ۽ تجرباتي طور ڪجھه کوٽايون ڪيون ته کيس ٺپا ۽ ٻيون شيون ھٿ آيون ۽ پوءِ ته کيس يقين ٿي ويو ته ان دڙي ھيٺان اڃان وڌيڪ قديم وستي پوريل آھي. بعد جي تحقيق ثابت ڪيو ته ھُو صحيح ھو. بئنرجيءَ موئن جو دڙو ڳولي لڌو جيڪا ھڙپا ثقافت يا سنڌوماٿريءَ واري تھذيب جي قديم پر بھترين نموني جي محفوظ وستي ھئي.“

”اڍائي ھزار سال قبلِ مسيح جي زماني وارو اھو شھر جيڪو اڃان تائين پورو نه کوٽيو ويو آھي، نھايت ئي متاثر ڪندڙ آھي جتي پڪين سِرن سان اڏاوت ٿيل آھي ۽ شھر جي وچ ۾ ھڪ وڏو حوض آھي. پر اسٽوپا جي موجودگيءَ بئنرجيءَ جي دلچسپي وڌائي ڇڏي ھئي. جڏھن بئنرجيءَ اُتي کوٽائي شروع ڪئي ته اسٽوپا جي آسپاس ھر شئي اڃان زمين اندر پوريل ھئي،“ ڊاڪٽر وليم پنھنجي مقالي ۾ لکيو.

”بئنرجيءَ جيڪو ڪجھه اُتان لڌو، ان سميت پنھنجي رپورٽ انگريز آفيسر سر جان مارشل کي پيش ڪئي ته ھن نه رُڳو کوٽائيءَ وارو ڪم پنھنجي چارج ۾ وٺي ڇڏيو پر بئنرجيءَ کي به انڊيا جي ٻئي علائقي بنگال ۽ آسام ڏانھن ڌِڪي ڪڍي ڇڏيو. ھُو موئن جي دڙي جي دستاويزن مان ئي گُم ٿيو ڇو ته بئنرجيءَ جي زندگيءَ جا آخري سال بس اُتر پرديش جي بنارس ھندو يونيورسٽيءَ ۾ انڊيا جي قديم تاريخ جي پروفيسر طور گذريا جتي 45 سالن ۾ عمر ۾ 1930 ۾ ھُو گذاري ويو. انڊيا جي موجوده دور جا اسڪالر محسوس ڪن ٿا ته بئنرجيءَ کي سندس نه رُڳو موئن جي دڙي جا آثار ڳولي لھڻ واري مڃتا نه ملي پر اھڙي شخص طور به حيثيت نه ڏني وئي جنھن سڀ کان پھرين محسوس ڪيو ھو ته قديم سنڌو تھذيب کي سمجھڻ جي چاٻي به اُتي ئي دفن ٿيل آھي،“ ڊاڪٽر وليم لکيو ۽ افسوس ڏيکاريو ته 1980 ۾ جڏھن موئن جي دڙي کي بين الاقوامي اثاثي جي حيثيت ڏني وئي ته ان وقت به ڊگھي پڌرنامي ۾ ڪٿي رکلداس بئنرجيءَ جي نالي جو به ذڪر ڪونه ڪيو ويو.

برٽش ميوزيم ۾ قديم انڊيا واري شعبي جي ھڪ دستاويز ۾ به رکلداس بئنرجيءَ جو ذڪر ملي ٿو. ان ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ”1910-11 ڌاري آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جا ڪي آرڪيالاجسٽ ڏوڪريءَ ويجھو آثار گھمڻ ويا جتي ھنن اسٽوپا جو جائزو ورتو جيڪو عيسوي سن کان ٻه صديون اڳ جو لڳو ٿي ۽ اھو پڪين سِرن ۽ مٽيءَ جي دڙي جي مٿان بيٺل ھو. کين ڀرپاسي جي وسيع علائقي ۾ ٻيا به دڙا نظر آيا. ڪيترائي سال پوءِ رکلداس بئنرجيءَ نالي آرڪيالاجسٽ ان ھنڌ ويو ۽ کيس يقين ٿي ويو ته انھن دڙن ھيٺان ھڪ قديم شھر دفن آھي. ڪجھه سالن اندر بئنرجي کوڙ ڀيرا ويو ۽ پوءِ کيس وڌيڪ پڪ ٿي وئي ته اھو ھڪ قديم شھر ئي آھي. سال 1920 تائين بئنرجيءَ وٽ ايتريون ثابتيون گڏ ٿي ويون جو ھن اُتي 1921-22 ڌاري کوٽائي شروع ڪري ڏني. پھرين کوٽائيءَ ۾ ئي بئنرجيءَ جي ٽيم کي پڪين سِرن جي اڏاوت وارو ھڪ وڏو قديم شھر لڀي ويو. بھرحال کين اھا خبر ڪانه ھئي ته اھو شھر ڪڏھن ۽ ڪنھن ٻڌو ھو. بئنرجيءَ جي ٽيم کي کوٽائيءَ دوران جيڪي شيون مليون انھن ۾ ماپ تور جا اوزار، مڻيا، بھترين نقش نگار وارا ٺڪر جا ٿانوَ ملڻ سان گڏ اھڙا ٺپا به مليا جھڙا ھڙپا وارن آثارن مان مليا ھئا.“

موئن جي دڙي جي آثارن کي ڳولي سنڌ ۽ سنڌو تھذيب کي دنيا ۾ متعارف ڪرائيندڙ بنگالي آرڪيالاجسٽ رکلداس بئنرجيءَ کي سر جان مارشل ته ڄڻ مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو پر پاڪستان توڙي سنڌ جي قديم اثارن جي ھٿ ٺوڪين ماھرن به ڪڏھن ڀُلجي سندس ذڪر ڪونه ڪيو. اسان جي سانڀر ۾ موئن جي دڙي تي ڪيتريون ئي قومي توڙي بين الاقوامي ڪانفرنسون ٿيون پر انھن موقعن تي به ڪڏھن بئنرجيءَ جو نالو نه کنيو ويو. بئنرجي نه رُڳو سنڌو تھذيب جا آثار ڳولڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏئي ويو پر ھُو ھڪ وڏو اسڪالر ھو جنھن پنھنجي مختصر زندگيءَ (1885 کان 1930) ۾ تاريخ جي مختلف موضوعن تي ڪيترائي تحقيقي ڪتاب لکڻ سان گڏ اڌ ڊزن کن ناول به لکيا. منھنجي تجويز آھي ته سنڌ جي قديم آثارن وارو کاتو رکلداس بئنرجيءَ جو نالو جيئارڻ لاءِ اُپاءَ وٺي ۽ نه رُڳو موئن جي دڙي تي سندس نالي ۽ زندگيءَ جي تفصيلن وارو ڪو وڏو بورڊ ٺھرائي لڳرائي پر انڊيا ۽ ٻين ملڪن مان بئنرجيءَ جو پنھنجو لکيل مواد توڙي سندس باري ۾ ڇپيل تحقيقي ڪتاب ھٿ ڪري موئن جي دڙي تي ميوزيم يا لائبريريءَ ۾ محفوظ ڪري ته جيئن محققن کي تحقيق ۾ مدد ملي. انھيءَ سان گڏوگڏ درسي ڪتان ۾ به سندس حوالي سان سبق شامل ڪيا وڃن ۽ موئن جي دڙي ڏانھن ويندڙ رستو به سندس نالي سان منسوب ڪيو وڃي. بھتر ته ايئب ٿيندو ته رکلداس بئنرجيءَ جي حوالي سان ڪانفرنس به ڪوٺائي وڃي جنھن ۾ سندس تحقيق جي حوالي سان مقالا تيار ڪرائي پيش ڪيا وڃن. ان عمل سان موئن جي دڙي ۽ سنڌ تھذيب بابت ڪيتريون ئي نيون ڳالھيون ۽ اھڙا پاسا اُجاگر ٿي سگھن ٿا جيڪي ھن  مھل تائين ”لڪير جي فقيرن“ جيان ڪم ڪندڙ ماھرن جي سوچ، علم ۽ تحقيق کان به لڪل رھيا آھن.

__________

نصير اعجاز ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر صحافي، محقق ۽ يارھن ڪتابن جو ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button