Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

سنڌي ثقافتي ڏھاڙو: ڌرتي، تاريخ ۽ تھذيب سان وفا جي تجديد جو ڏڻ

ھر سال جيان ھن سال بہ ملھايل انھيءَ ڏڻ تي محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو ويو آھي. ھن ڌرتيءَ تان ھڪ ڀيرو وري اعلان ڪيو ويو آھي تہ ”ثقافت اھڙي طاقت آھي جيڪا قومن کي زندھ رکندي آھي.“

عابد قديق

ليکڪ عابد صديق، سينئر صحفي ۽ ايڊيٽر روزاني اخبار ”ڌرتي“، راولاڪوٽ، آزاد ڪشمير

سنڌي ثقافتي ڏھاڙو صرف رنگارنگ ڏڻ ڪونھي پر پنھنجي ڌرتي، پنھنجي قوم، پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت سان وفا جي عھد جي تجديد آھي. ھر سال ڊسمبر جي پھرين آچر تي ملھائجندڙ ھيءُ ڏڻ سنڌ جي ھزارين ورھيہ قديم تھذيبي ورثي، علمي روايتن ۽ سماجي ھم آھنگيءَ جو ھڪ عالمي پيغام بڻجي چُڪو آھي.

ھن سال اھو ڏڻ ستين ڊسمبر تي ملھايو ويو ۽ ھميشہ جيان نہ رُڳو سنڌ پر پاڪستان جي ٻين شھرن ۾ آباد سنڌين ساڳئي جوش خروش سان ثقفتي ميلا مچائي ثابت ڪيو تہ ثقافتون قومن جي سُڃاڻپ ۽ سندن روح ھونديون آھن.

قديم سنڌ جون تھذيبي پاڙون

سنڌ جو تھذيبي سفر پنج ھزار سالن کان بہ وڌيڪ عرصي تي پکڙيل آھي. موئن جو دڙو ۽ ھڙپا جي تھذيب صرف قديم آثار ناھن پر علم، فن، شھري نظام، واپار، موسيقي، لباس ۽ تھذيب جي اھڙن ٻين پھلوئن جي شاھدي ڏين ٿا جيڪي انساني تاريخ ۾ سنگِ ميل جي حيثيت رکن ٿا.

سنڌ ڌرتي سدائين علمي تحريڪن جو مرڪز رھي آھي. ھن ڌرتيءَ نہ رُڳو سنسڪرت ۽ سنڌي ٻولين جنم ورتو، پر فارسي، عربي ۽ اُردو ٻولين کي آغوش ۾ ورتو، انھن کي ترقي وٺرائي ۽ دنيا کي مُتاثر ڪيو.  

صُوفي بُزرگن جو اثر

سنڌ جي ثقافتي سُڃاڻپ ۾ صُوفي روايت مرڪزي حيثيت رکي ٿي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شاھ عنايت ۽ ٻين صُوفي بزرگن محبت، امن، رواداري ۽ انسان دوستيءَ جو اھڙو فلسفو پيش ڪيو جن معاشرتي روين کي ھميشہ لاءِ بدلائي ڇڏيو. سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو انھيءَ صُوفي ورثي کي فروغ ڏيڻ جو ڏينھن آھي. ھيءُ اھڙو ڏينھن آھي جڏھن ماڻھو پنھنجي ڌرتيءَ سان وابستگي، عاجزي، نياز نئڙت، وفا ۽ ڀائيچاري جو اظھار ڪندا آھن.

اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي

اجرڪ جو رنگ صرف ھڪ آرٽ ڪونھي. اھو صدين جو سفر ڪري پھتل ھڪ ثقافتي سنديسو آھي. انھيءَ جو ڳاڙھو، ڪارو ۽ نيرو رنگ سنڌ جي جذبن، ڌرتي ۽ پاڻيءَ جي علامت ۽ اُھڃاڻ آھن. سنڌي ٽوپيءَ جي ڊزائن سنڌ جي شھري ورثي ۽ فنڪاراڻي ذوق جي نشاني آھي.

سنڌي ثقافتي ڏھاڙي تي جڏھن لکين ماڻھو اھو روايتي لباس پائي نڪرندا آھن تہ اھو اجتمائيت جو ھڪ اُھڃاڻ ۽ ھڪ اعلان بڻجي ويندو آھي تہ ثقافت زندھ آھي، شاندار آھي ۽ اتحاد جو ذريعو آھي.

سنڌي ثقافتي ڏھاڙي جي اھميت

اڄ جڏھن دنيا معاشرتي انتشار، عدم برداشت ۽ ثقافتي ٽڪراءَ جو شڪار آھي، سنڌي ثقافت انسان دوستي ۽ رواداريءَ جو اصل پيغام ڏئي رھي آھي. انھيءَ ڏينھن جي پروگرامن ۾ سنگيت، لوڪ گيت، ھٿ جي ھنر جو نماءُ، ادبي محفلون ۽ ثقافتي ريليون شامل ھونديون آھن. اھي سمورا عنصر سنڌ جي مُثبت تشخص کي دنيا آڏو نروار ڪن ٿا.

سنڌي ثقافتي ڏھاڙو نوجوان نسل جي لاءِ بہ غيرمعمولي اھميت رکي ٿو. اھو ڏھاڙو ياد ڏياري ٿو تہ عالمي ترقي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ واري ھن دور ۾ بہ پنھنجي پاڙُن سان لاڳايل رھڻ ترقيءَ جو بنيادي اُصول آھي. ثقافتي سُڃاڻپ انسان منجھ اعتماد پيدا ڪري ٿي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ھڪ رُخ ڏئي ٿي ۽ ڌرتيءَ سان وابستگيءَ جو احساس ڏئي ٿي.

مُلڪي ٻَڌي ۽ ثقافتي سفارت

سنڌي ثقافتي ڏھاڙو ھاڻ صوبائي ڏڻ نہ رھيو آھي، بلڪ قومي سطح تي ملھائجندڙ ھڪ ثقافتي اظھار آھي. پنجاب، خيبر پختونخواھ، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت ھر خطي ۾ جزوي طور ئي سھي پر جوش خروش سان اھو ڏڻ ملھايو وڃي ٿو. اھو ڏھاڙو پاڪستان جي ثقافتي وحدت ۽ تھذيب جي علامت بڻجي چُڪو آھي.

سموري دنيا ۾ موجود پاڪستاني ڪميونٽيز بہ اھو ڏھاڙو ملھائين ٿيون. اھو ڏڻ ھاڻ سفارتي روپ اختيار ڪري چُو آھي. ثقافتي ڏڻ مقامي معيشت تي بہ مثبت اثر وجھي ٿو. اجرڪ، ٽوپي، ھٿ جو ھنر، ٺڪر جا ٿانوَ، لوڪ سنگيت جا ساز، پورھيت طبقي جي معاشي ڀلائيءَ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا.

سنڌي ثقافتي ڏھاڙي جي موقعي تي ھزارين ھنرمندن جي ھٿ سان ٺاھيل شيون وڪرو ٿين ٿيون جنھن سان مقامي صنت کي ھٿي ملي ٿي ۽ ثقافتي ڪاروبار وڌي ٿو.

ھيءُ ڏڻ اسان کي ٻُڌائي ٿو تہ ثقافتون اسان ۾ ڦوٽ نٿيون وجھن بلڪ ڳنڍين ٿيون. سنڌ جي صُوفي بُزرگن جي پيغام ۾ اھو ئي بنيادي پيغام آھي تہ ”محبت سڀني سان، نفرت ڪنھن سان بہ نہ.“ اھو ئي پيغام سنڌي ثقافتي ڏھاڙي جو اصل روح آھي.

ھر سال جيان ھن سال بہ ملھايل انھيءَ ڏڻ تي محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو ويو آھي. ھن ڌرتيءَ تان ھڪ ڀيرو وري اعلان ڪيو ويو آھي تہ ”ثقافت اھڙي طاقت آھي جيڪا قومن کي زندھ رکندي آھي.“

_________________       

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button