پيپلز پارٽي حڪومت ۽ سنڌ ۾ زوال پذير جمھوريت جو اگھاڙو تماشو
عورت مارچ جي اڳواڻ خواتين کي ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ ڪا معمولي ڳالھ ڪانھي. اھو رياستي ڏاڍ ۽ سياسي ڏهڪاءُ جو بدترين مثال آهي
(چوٿين ڊسمبر 2025 تي ڪراچيءَ ۾ پوليس شيما ڪرمانيءَ سميت عورت مارچ جي اڳواڻ خواتين کي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڪلب جي چوڌاري رستا بلاڪ ڪري ڇڏيا. شيما ڪرماني ۽ ڪجھ ٻيون خواتين ڪنھن نموني ڪلب جي ٻاھران پھتيون جتي کين روڪيو ويو. اھي خواتين ٻن بلوچ نياڻين جي اغوا ۽ زوريءَ گُم ڪرڻ خلاف پريس ڪانفرنس لاءِ آيون ھيون.)
سوشل ميڊيا مانيٽرنگ سلسلو
ڊاڪٽر مظھر لاکو _ آمريڪا (فيس بُڪ وال تان)
سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ، خاص طور زرداري خاندان جي قبضي وارن ڌڙن جمھوريت کي جنھن نموني پيرن ھيٺان لتاڙيو آھي، ھاڻي انھيءَ کي لڪائڻ ممڪن ئي ڪونھي. جيڪا پارٽي ڪنھن زماني ۾ عوامي حقن، راءِ جي اظھار توڙي ٻين بنيادي آزادين جي علمبردار ھئي، اڄ انھيءَ ساڳي پارٽيءَ سنڌ ۾ اھڙو گھٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آھي جو آمريت واري دور جي ياد تازي ٿي وئي آهي.

عورت مارچ جي اڳواڻ خواتين کي ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ ڪا معمولي ڳالھ ڪانھي. اھو رياستي ڏاڍ ۽ سياسي ڏهڪاءُ جو بدترين مثال آهي. انھن عورتن آخر ڪھڙو ڏوھ ڪيو ھو. ڇا اھي دھشتگرد ھيون. ڇا اھي رياست جي خلاف ڪا ھٿياربند ڪارروائي ڪرڻ واريون ھيون. بلڪل نه. سندن ڏوھ صرف اھو ھو ته ھو سچ ڳالھائڻ واريون ھيون، جيڪو سنڌ تي مڙھيل حڪمرانن کان برداشت نه ٿئي ھا.
اھا روش انھيءَ پيپلز پارٽيءَ جي آھي جيڪا پاڻ کي لبرل ۽ پروگريسو سڏائي ٿي. انھيءَ پارٽيءَ اڄ راءِ جي آزاديءَ کي بند ڪمرن ۾ قيد ڪري سنڌ کي اھڙي حالت تائين پھچائي ڇڏيو آهي جتي سوال ڪرڻ ڏوھ آھي، راءِ جو اختلاف غداري ۽ عورتن جي حقن جي گھر ڪرڻ کي حڪومت دشمني سمجھيو وڃي ٿو.
ھي آھي زرداري پيپلزپارٽيءَ جو نئون مھانڊو:
عورتن جي آواز کي دٻائڻ، شھري آزادين تي پابنديون، گھٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول، ميڊيا تي دٻاءُ ۽ سنڌ جي نوجوانن کي ماٺ رھڻ تي مجبور ڪرڻ.
ھن پيپلز پارٽيءَ جمھوريت کي صرف ھڪ نعرو بنائي ڇڏيو آھي جڏھن ته عملي طرح ان جي حڪمراني آمريت، ڪرپشن، پنھنجن کي ورهائڻ ۽ خوف ڏهڪاءُ جي بنيادن تي بيٺي آھي.

سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي دور ۾ جمھوري قدر ايتري حد تائين پست ٿي چڪا آهن جو ھاڻي عورت مارچ جھڙي پُرامن ۽ ترقي پسند تحريڪون به ھنن لاءِ خطرو بڻجي ويون آهن. اھا ذھنيت ٻڌائي ٿي ته پيپلز پارٽيءَ جي اصل دلچسپي عوامي حقن ۾ نه پر پنھنجي پڪڙ کي قائم رکڻ ۾ آھي.
اڄ سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو ھي آھي ته حڪمران عوام جي آواز کان ڊڄن ٿا. ھو ترقي پسنديءَ جي دعوا ته ڪن ٿا پر منجھن تنقيد برداشت ڪرڻ جو حوصلو ڪونھي. اھو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ ۾جمھوريت نالي جي شئي صرف ڪاڳرن ۾ رھجي وئي آھي.
اھا روش رڳو بد انتظامي ڪانھي پر سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ فڪري زندگيءَ لاءِ زھريلو خطرو آهي.
جيڪڏھن ھڪ جمھوريت جي دعويدار حڪومت خواتين جي پريس ڪانفرنس کان ڊنل آهي ته پوءِ سندس جمھوريت کوکلي، بيمار ۽ مڪمل طور ناڪام آھي.
سنڌ جي عوام کي ھاڻي مڃڻو پوندو ته پيپلزپارٽي زرداري گروھ تبديلي نٿو چاھي. اھو گروھ صرف پنھنجي حڪمراني چاھي ٿو جنھن لاءِ ڀلي ان کي آزادين کي دٻائڻو پوي يا سڄي سنڌ کي خاموشيءَ جي اونداھين ۾ اڇلائڻو پوي. پر سنڌ انھن کان بھتر حالتن جي مستحق آهي.
____________________



