Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

اسماعيل قبرستاني: حيدرآباد جي اُميدن ڀرئي قبرستان کي زندگي ارپيندڙ ڪردار  

اسماعيل قبرستانيءَ جي گھر واري فوت ٿي تہ ھُن قبرستان ۾ ست سال گذاري ڇڏيا. مائڙن ٻي شادي ڪرايس، اولادي ٿيو پر وري بہ قبرستان ۾ خدمت جاري رکيائين

الطاف صديقي   

حيدرآباد شھر ۾ ماضيءَ ۾ ڪجھ اھڙا سماجي ڪردار نظر اچن ٿا جن شھر جي فلاح ۽ غريبن جي مدد لاء ڪم ڪيو. انھن مان ھڪ نالو محمد اسماعيل قبرستانيءَ جو آھي.  پنجٽيھ چاليھ سال اڳ عبرت اخبار ۾ پڙھندا ھئاسين تہ شھر ۾ ڪو لاوارث لاش پوليس جي ھٿ لڳو آھي ته ضروري ڪاروائي ڪرڻ کان پوءِ محمد اسماعيل قبرستانيءَ جي حوالي ڪيو ويندو آھي. ھيءُ خدا ترس بندو پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪري ميت جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪندو ھو. ميت کي غسل پاڻ ڏيئي ميت کي پنھنجو عزيز سمجھي ان جي جنازي نماز ۽ ڪانڌين جو بندو بست ڪري، اُميدن ڀرئي قبرستان ۾ تدفين ڪرائيندو ھو.

سندس ان نيڪ عمل سبب شھر ۾ سندس سڃاڻپ ھئي. منھنجي عمر وارن کي شھر جو ھيءُ سماجي ڪردار پڪ سان ياد ھوندو. محمد اسماعيل حيدرآباد جو قديم  شھري ھو. سندس رھائش ڪينٽ صدر واري علائقي ۾ ھئي. ھيءُ سھڻي پُرڪشش شڪل وارو شخص اڇن ڪپڙن ۾  نظر ايندو ھو.  سندس والد مرحوم شيخ محمد ابراھيم فوج ۾ ملازمت ڪندو ھو ۽ انگريزن جي دور ۾ ورھاڱي کان گھڻو اڳ حيدرآباد دکن کان اچي ھتي آباد ٿيو ھو. ھُو بعد ۾ صدر واري مسجد جو ٻانگو پڻ ٿيو ھو. سنڌي ھجڻ تي کين فخر ھو.

محمد اسماعيل  جڏھن ڇھين درجي جو شاگرد ھو ته سندس والد ھڪ غريب يتيم ڇوڪريءَ سان  سندس شادي ڪرائي ڇڏي ھئي. ڪجھ عرصي کان پوء سندس گھر واريءَ

کي ساھ جي تڪليف ٿي ۽ ڪجھ مھينن  اندرگذاري ويئي ته تدفين اميدن ڀرئي قبرستان۾ ڪئي ويئي. پوء تہ محمد اسماعيل اُميدن ڀرئي قبرستان کي پنھنجو مسڪن بنائي ڇڏيو ۽ ست سال ان قبرستان ۾ گذاريا. ھُو گھر واريءَ جي قبر جي خدمت سان گڏ سڄي قبرستان جي سار سنڀال لھڻ لڳو.

قبرستان ويجھو مٿي ٽڪريءَ تي ٽيليگراف جي آفيس ھئي. ھتي ڪنھن خدا جي بندي کيس نوڪري وٺي ڏني. ايئن ھُوٽيليگراف ۾ ملازم ٿيو. ان دوران سندس گھروارن  مٿس تي زور رکيو ته ھُو شادي ڪري پنھنجو گھر وسائي ۽ عام زندگي ڏانھن موٽ کائي. نيٺ سندس مائٽن شادي ڪرائي، جنھن تي ھُن شرط وڌو ته سندس نڪاح ھن قبرستان ۾ ٿيندو. سندس نڪاح انھيءَ قبرستان ۾ دادو ضلعي جي اسيمبلي ميمبر انسان دوست سيد مرحوم علي اڪبر شاهه پڙھايو. باقي لائون وڃي پنھنجي گھر لڌائين. رب پاڪ کيس ٻي شاديءَ مان ست پٽ ۽ ٻه نياڻيون عطا ڪيون.

سندس گھر آباد ٿيو، ھُو پاڻ اولادي ٿيو پر قبرستان سان پنھنجي ياري نه ڇڏيائين. ڪٿي به ھجي، ٽپھريءَ کان سانجھيءَ تائين ھُو اميدن ڀرئي قبرستان تي موجود ھوندو ھو. وٽس قبر کوٽڻ وارا مزدور موجود ھوندا ھئا. صرف کيس اطلاع ڪبو ته ڪم تيار ھوندو ھو. ھُو سڀ ڪم اُجورو وٺڻ  بنا واٽ الله جي ڪندو ھو. قبرستان سان سندس جوڙ جڙيل ھوندي ھئي انھي ڪري سندس نالي سان  قبرستاني لفظ جُڙي ويو.

خبر ناھي اڄ ڇو اھڙا سماجي ڪردار نظر نٿا اچن جيڪي عام عوام  لاءِ اسڪول، اسپتالون، سبيلون وغيره تعمير ڪرائين. ھرڪو سياسي ماڻھن جي پويان ھلندو وتي. سچ ته اھو آھي تہ جيڪو سڪون سماجي خدمت ۾ آھي خدا ڄاڻي ٿو ڪنھن ٻئي ڪم ۾ نه آھي. ھن ننڍڙي معلومات لاءِ مون سائين علي احمد بروهي جي آتم ڪٿا واري ڪتاب  ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا مان معلومات ورتي آھي. بروهي صاحب ، اسماعيل قبرستاني تي مذاحيه انداز ۾ ذڪر ڪيو آھي. تڏھن محمد اسماعيل قبرستاني حال حيات ھو. مان ٿورائتو آھيان رشيد بلوچ جنھن محمد اسماعيل قبرستانيءَ جي تصوير موڪلي.

________________

الطاف صديقي رٽائرڊ بينڪر آھي. ڪوٽڙيءَ جي تاريخ تي سندس ھڪ ڪتاب ڇپيل آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button