Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ھِينا ھِير لاءِ سنڌي شاعريءَ جي ڪتاب ”آسماني پَري“ تي ساھتي اڪيڊميءَ جو ايوارڊ   

”آسماني پَري“ ڪتاب ٻارن لاءِ شاعريءَ تي مشتمل آھي. ساھتيہ اڪيڊمي نئين دھلي ھر سال ٻارن جي عالمي ڏينھن تي ٻاراڻي ادب جي حوالي سان انڊيا جي آئين ۾ مڃتا مليل 24 ٻولين جي اديبن کي ايوارڊ ڏيندي آھي

احمد اباد، گُجرات

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعرا ۽ براڊڪاسٽر ھِينا ھِير اڳناڻيءَ کي انڊيا جي ساھتيہ اڪيڊمي نئين دھليءَ سندس شاعريءَ جي ڪتاب ”آسماني پَري“ تي ايوارڊ ڏنو آھي.

”آسماني پَري“ ڪتاب ٻارن لاءِ شاعريءَ تي مشتمل آھي. ساھتيہ اڪيڊمي نئين دھلي ھر سال ٻارن جي عالمي ڏينھن تي ٻاراڻي ادب جي حوالي سان انڊيا جي آئين ۾ مڃتا مليل 24 ٻولين جي اديبن کي ايوارڊ ڏيندي آھي، جن ۾ سنڌي بولي بہ شامل آھي.

”ٻال ساھتيہ پُرسڪار 2025“ ايوارڊ ھن سال 14 نومبر تي ٻارن جي عالمي ڏينھن تي نئين دھليءَ جي تِرويني آڊيٽوريم ۾ ڪوٺايل ھڪ تقريب ۾ ڏنو ويو. انھيءَ ايوارڊ سان گڏ پنجاھ ھزار روڪ انعام بہ ڏنو ويندو آھي.

پروگرام ۾ 24 ئي ٻولين جا اديب ۽ شاعر موجود ھئا. ھن ڀيري ھن ڀيري احمد آباد گجرات جي ٽن شاعرائن کي اھو ايوارڊ مليو جن ۾ ھِينا ھِير سان گڏ گجراتي ۽ ھندي ٻوليءَ جون ٻہ شاعرائون بہ شامل آھن. ٽنھي شاعرائن کي ايوارڊ ملڻ جي خبر احمد آباد جي گجراتي اخبار ۾ نمايان طور شائع ٿي آھي.

ھِينا ھِير جي سنڌي ڪھاڻين جو ھڪ ڪتاب ”ڪاري چيخ“ تڏھن ئي (2019)  گجرات جي سنڌي اڪئڊميءَ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو ھو. ھِينا، جنھن جو ساھتي شھر ڀريا جي اڳناڻي گھراڻي ۾ شاديءَ کان اڳ وارو خانداني نالو ريکا ھوتچنداڻي آھي، 12 سيپٽمبر 1972 تي جنم ورتو، ۽ پنھنجي والد ڀڳوان نردوش جي ادبي سرگرمين کان متاثر ٿي پاڻ به ادب جي دنيا ۾ لھي پئي. پاڻ سائنس گريجوئيٽ ھجڻ باوجود بمبئي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪيائين ۽ سال 2005 کان آل انڊيا ريڊيو ۽ آڪاشواڻي احمدآباد تي سنڌي ٽرانسليٽر ۽ نيوز ريڊر طور ڪم ڪرڻ سان گڏ سنڌي ٽي وي چينل تي به پروگرام ڪري رھي آھي جن ۾ عورتن ۽ ٻين شخصيتن جا انٽرويو پيش ڪيا ويندا آھن. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ به سندس ليک ڇپجندا رھن ٿا. ھيل تائين اڌ ڊزن کن ڪتاب ڇپجي چُڪا آھن جن ۾ ھڪ اسٽيج ناٽڪ، ڪھاڻين جو مجموعو ”جگا جاسوس“، شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”ڇم ڇم“ ۽ ”شبنم موتي“ شامل آھن. عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ھِينا ھير ماضيءِ ۾ ڪجھه سنڌي فلمن ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ به ڪم ڪري چُڪي آھي.  

______

_____________     

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button