خاموش ريفرنڊم: نوجوانن جي پرڏيھ روانگي ملڪي نظام تي عدم اعتماد جو ووٽ آھي
نوجوان پنهنجي وطن سان محبت جي گهٽتائيءَ سبب نه پر حڪمرانن تي اعتماد جي گهٽتائي سبب ملڪ ڇڏي رهيا آهن. انهن جي پرڏيھ روانگيءَ جا سبب اهو وائکو ڪن ٿا ته ملڪي نظام سلامتي، قابل اعتماد ادارن، معاشي استحڪام يا ترقيءَ جو هڪ قابل اعتبار وعدو فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي
نوجوانن پاران اهو پيغام واضح آهي ته جڏهن رسمي ووٽ بي معني ٿي ويندا آهن ته ماڻهو ووٽ ڏيڻ جا نوان طريقا ايجاد ڪندا آهن ۽ اڄ، ملڪ جا نوجوان پنهنجن پيرن سان ووٽ ڏئي رهيا آهن. هي اها چونڊ آهي جنهن ۾ ڌانڌلي نٿي ٿي سگهي ۽ نتيجا اڳ ۾ ئي ظاهر آهن
عبدالله عثمان مورائي
ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان جي گهرن، چوواٽن، بند ڪمرن، چانهه يا کاڌي جي هوٽلن، هر گهٽيء ۾ هڪ عوامي بحث گهڻو ڪري هن خيال تي مرڪوز رهيو آهي ته چونڊ عمل ڪمزور آهي. ڌانڌلي، مداخلت ۽ اڳواٽ طئہ ٿيل نتيجن جي الزامن عوام جي هڪ وڏي حصي کي اهو نتيجو ڪڍڻ تي مجبور ڪيو آهي ته سندن ووٽ جو ٿورو بہ ڪو وزن آهي يا انهن جي ووٽ سان ڪو فرق نه پوندو. هن وڏي پيماني تي مڃيل راءِ موجب، طاقتور ماڻهو فيصلو ڪندا آهن ته ڪير حڪومت ڪندو ۽ رسمي چونڊ عمل عوام جي مرضي جي عڪاسي ڪرڻ بدران هڪ رسم طور ڪم ڪري ٿو. ان جي نتيجي ۾ نظام جمود جو شڪار رهي ٿو ۽ اهڙي طرح ارتقا نٿو ڪري سگهي جو اعتماد بحال ٿئي يا قومي رخ جو واضح احساس پيدا ٿئي.

مايوسيءَ جي هن منظرنامي جي وچ ۾ هڪ ٻيو متوازي ۽ گهڻو وڌيڪ اهم رجحان پيدا ٿي رهيو آهي، جيڪو جواز يا مسئلي جي گهري هجڻ ۽ بحران ڏانهن اشارو ڪري ٿو. نوجوان شهرين جو هڪ وڌندڙ تعداد بهتر معاشي موقعن، ذاتي سلامتي ۽ گهر ۾ دستياب نه هجڻ وارن موقعن جي ڳولا ۾ ملڪ ڇڏي رهيو آهي. ڪيترائي نوجوان ايئن ئي رڳو پنهنجين زندگين کي بهتر بڻائڻ لاءِ نٿا ڪن پر پنهنجي پويان ڇڏيل خاندانن جي مدد لاءِ به ڪن ٿا. هي باصلاحيت ۽ پرجوش نوجوانن جي لڏپلاڻ ملڪ جي حڪمراني ۽ ادارن تي اميد جي گهٽتائي کي سڌو سنئون وائکو ۽ ظاهر ڪري ٿي.
ويجهڙائيء ۾ ڪجهه پريشان ڪندڙ رپورٽون سامهون آيون آهن جن ۾ نوجوانن کي هوائي اڏن تي روڪيو پيو وڃي ۽ بغير ڪنهن واضح جواز جي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ۽ انهن کي ملڪ مان نڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي. اهي حرڪتون رياست جي ان پريشاني بابت سنگين سوال اٿارين ٿيون جنهن کي هو قابو نٿي ڪري سگهي ۽ اهڙي پيغام کي خاموش پڻ نٿي ڪري سگهي.
هن ڳالهه مان جيڪو وڌيڪ واضح ٿي رهيو آهي اهو ھيءُ آهي ته ملڪ جي نوجوانن جي روانگي رڳو هڪ سماجي-اقتصادي رجحان ناهي پر اهو ممڪن طور تي اڄ قوم ۾ سڀ کان طاقتور هڪ گهرو سياسي بيان بڻجي رهيو آهي.

بيلٽ پيپر کان مٿي هڪ ووٽ
جڏهن شهري اهو سمجهن ٿا ته سندن ووٽن سان ڌانڌلي ڪئي ويندي يا انهن کي رد ڪيو ويندو ته اتي جمهوري شموليت ڪمزور ٿي ويندي آهي. وقت گذرڻ سان گڏ اها مايوسي غير دلچسپي ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ غير دلچسپي ۾ ماڻهو پنهنجا هٿ مٿي ڪري ڇڏي ٿو. پر ملڪ ۾ اهي هٿ مٿي ڪرڻ وارو طريقو هڪ نئين ۽ حيران ڪندڙ صورت اختيار ڪري چڪو آهي جيڪو هاڻي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ يا سياسي پارٽين تي اعتماد وڃائڻ تائين محدود ناهي رهيو، پر ان جي بدران، اهو ملڪ ڇڏڻ جي فيصلي ذريعي ظاهر ڪيو وڃي ٿو.
هر نوجوان جيڪو پرڏيهه ۾ نئين سر زندگي شروع ڪرڻ جي ارادي سان جهاز تي چڙهي ٿو، اهو حقيقت ۾ نظام تي عدم اعتماد جو هڪ ووٽ ڏئي رهيو آهي. هي ووٽ بيلٽ باڪسن، ڳڻپ جي عملن يا چونڊ منتظمين تي منحصر ناهي. ان کي سياسي ريلين يا پارٽي منشورن جي ضرورت ناهي. اهو خاموشي سان هڪ پاسپورٽ، هڪ ويزا جي درخواست ۽ سامان سان ڀريل هڪ سوٽ ڪيس يا بيگ ذريعي پهچايو وڃي ٿو جيڪو ڪنهن ٻئي هنڌ مستقبل جي ڳولا ۾ آهي.
پاڻ هميشه کان اهو ٻڌندا اچون ته سياسي ووٽن کي متاثر، دير يا انهن ۾ هيرا ڦيري ڪري تبديل ڪري سگهجي ٿو، پر هن نئين قسم جي ووٽ ۾ تبديلي يا هيرا ڦيري نٿي ڪري سگهجي. اهو ووٽ ناقابل واپسي آهي. اهو ووٽ ڏئي شام جو گهر واپس نٿو اچي. ان ووٽ جي ٻيهر ڳڻپ نٿي ٿئي. ان سان ڌانڌلي نٿي ڪري سگهجي. اهو ووٽ هر لحاظ کان نظام جي خلاف هڪ کليل ووٽ (Open Ballot) آهي.
اهي ئي خاصيتون آهن ان ووٽ جون جيڪي ان کي طاقتور بڻائين ٿيون ۽ اهو ئي انهن طاقتورن لاءِ خوفناڪ آهي جيڪي سياسي نتيجن کي شڪل ڏيڻ جا عادي آهن.
هڪ اهڙو نظام جيڪو پنهنجي ئي عوام کان ڊڄي ٿو
نوجوان شهرين کي ملڪ ڇڏڻ کان روڪڻ جي تازين ڪوششن هڪ اهم سوال اٿاريو آهي ته اهڙين پابندين جو محرڪ ڇا آهي؟ گرفتار ڪيل ماڻهن مان ڪو به سياسي فسادي، ڏوهاري يا قومي سلامتي لاءِ خطرو ناهي. گهڻي قدر شاگرد، ماهر مزدور يا نوجوان پيشيور آهن. انهن جو ارادو به سادو آهي ته هڪ اهڙي زندگي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ جيڪا سندن ملڪ لاڳيتو فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
هوائي اڏن تي اهي حراستون ۽ تڪليفون ڏيڻ اهو ظاهر ڪن ٿيون ته اختيارين کي هن تمام گهڻي ٻاهرئين لڏپلاڻ جي علامتي وزن جو احساس آهي. اهي سمجهن ٿا ته اهي روانگيون هڪ اجتماعي فيصلي جي نمائندگي ڪن ٿيون جنهن کي نظرانداز يا ختم نٿو ڪري سگهجي. روايتي چونڊن کي طاقت ذريعي ته پنهنجي مرضيء مطابق شڪل ڏئي سگهجي ٿي، پر هن خاموش ريفرنڊم کي نٿو روڪي سگهجي. جيئن ته ان کي قابو نٿو ڪري سگهجي ان ڪري ان مان طاقتورن کي خوف اچڻ لڳي ٿو.
نوجوانن جي ٻاهر وڃڻ جي مخالفت ڪرڻ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي. جڏهن ووٽر حڪمران اشرافيه جي خلاف ووٽ ڏين ٿا ته ڪجهه انهن تي بيلٽ ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳائين ٿا. ان سان گڏوگڏ جڏهن نوجوان شهري پنهنجن پيرن سان ووٽ ڏين ٿا يعني ملڪ کي مڪمل طور تي ڇڏي ڏين ٿا ته انهن کي هوائي اڏن تي روڪي انهن جي ان ووٽ جي به مخالفت ڪئي وڃي ٿي. نوجوانن کي ملڪ مان نڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رياست سياسي اظهار جي هڪ اهڙي صورت کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن کي هو ٻي صورت ۾ سنڀالي نٿي سگهي. ملڪ ڇڏي ٻاهر وڃڻ وارو اهو ووٽ هڪ جمهوري اظهار آهي جيڪو بيلٽ پيپرز کان گهڻو وڌيڪ حقيقي ۽ طاقتور آهي جنهن تي به تڪرار قائم ڪري ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
اڻ ٻڌل نوجوانن جو الميو
ملڪ جا نوجوان پنهنجي وطن سان محبت جي گهٽتائي سبب نه پر ان جي حڪمراني تي اعتماد جي گهٽتائي سبب ملڪ ڇڏي رهيا آهن. انهن جي ٻاهرين ملڪن ڏانهن روانگي جا سبب اهو وائکو ڪن ٿا ته ملڪي نظام سلامتي، قابل اعتماد ادارن، معاشي استحڪام يا ترقي جو هڪ قابل اعتبار وعدو فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. ميرٽ جي غير موجودگي نوجوانن جي خواهشن کي مايوس ڪري ٿي. موقعن جي گهٽتائي پڻ نوجوانن ۾ نا اميدي کي وڌائي ٿي. نوجوانن ۾ اهو احساس ته فيصلا عوامي جذبات جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه خاص چونڊيل ماڻهن جي ڪنٽرول ۽ هٿ وس آهن، اهو پڻ نوجوانن ۾ هڪ گهري گهٽ جو احساس پيدا ڪري ٿو.
ڪيترن ئي خاندانن لاءِ، هڪ نوجوان فرد جي روانگي هڪ جذباتي عمل ۽ وقت هوندو آهي. اها شايد هڪ ڪاميابي ناهي پر ان جي ابتڙ هڪ ضرورت آهي. والدين پنهنجن ٻارن کان فخر سبب نه پر خوف سبب جدا ٿين ٿا، اهو خوف ته جيڪڏهن اهي اڃا هتي وڌيڪ رهيا ته سندن صلاحيت ضايع ٿي ويندي، سندن مشڪلاتون وڌي وينديون ۽ سندن مستقبل هميشه لاء غير يقيني واري صورتحال ۾ رهندو. هڪ اهڙو معاشرو جنهن ۾ ٻاهرين ملڪ روانگي بنيادي خواهش بڻجي وڃي، اهو هڪ گهري پريشانيءَ ۾ مبتلا معاشري جي عڪاسي ڪري ٿو.
هر لڏپلاڻ جي اڏام ان شيء جي ياد ڏياريندي آهي جيڪا ملڪ جي سرحدن اندر حاصل نه ٿي سگهي.

هڪ ريفرنڊم جيڪو رياست کٽي نٿي سگهي
وڏي تعداد ۾ نوجوانن جي لڏپلاڻ انهن سچائين کي وائکو ڪري ٿي جن کي سرڪاري بيان لڪائي نٿا سگهن. اهو حڪمراني جي ڪمزورين، عوامي اعتماد جي خاتمي ۽ ترقياتي واعدن جي ناڪامي کي اجاگر ڪري ٿو. اهو ظاهر ڪري ٿو ته سڀ کان اهم ملڪ جي آبادي يعني نوجوان، مستقبل جي ليبر يا مزدور قوت، جدت آڻيندڙ، ڪاروباري ۽ پيشيور ماڻهو ملڪ جي سسٽم مان تنگ آهن ۽ اهي سندن ملڪ ۾ ڪو به مستقبل نٿا پيا ڏسن ۽ سندن جو ڪو به حصو يا مهارت سندن ملڪ جي ترقي ۾ حصيدار ناهي.
هن لحاظ کان نوجوانن جي لڏپلاڻ قوم جي حڪمران ڍانچن تي هڪ خاموش پر واضح ريفرنڊم ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ روايتي چونڊن جي برعڪس، هي ريفرنڊم روزاني جي بنياد تي جاري و ساري آهي. اهو هر پنجن سالن کان پوءِ هڪ ڀيرو نٿو ٿئي پر اهو هر روز هوائي اڏن، قونصل خانن ۽ اميگريشن ڪائونٽرن تي ٿئي ٿو.
انهن سڀني ڳالهين کي ڏسجي ته خبر پوي ٿي ته هر روانگي هڪ ووٽ آهي. هر خالي ڪلاس روم جي سيٽ ڳڻپ ۾ هڪ ووٽ آهي. دنيا جي مخلتف کنڊن ۽ ملڪن ۾ ورهايل هر خاندان هن خاموش چونڊ ۾ رڪارڊ ٿيل هڪ ووٽ آهي. هي هڪ اهڙو مقابلو يا اليڪشن آهي جنهن ۾ رياست ڌانڌلي نٿي ڪري سگهي، دير نٿي ڪري سگهي ۽ ووٽ رد نٿي ڪري سگهي.
هڪ ووٽ جيڪو دٻاءُ نه پر سوچڻ جو مطالبو ڪري ٿو
آخر ۾ چوڻ جو حاصل مقصد ته نوجوان شهرين جي روانگي کي روڪڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. اهو رڳو بحران جي گهرائي کي ظاهر ڪندو ۽ ان تاثر کي وڌائيندو ته اختيارين کي پنهنجي ئي عوام جي فيصلي کان ڊپ آهي. هن نوجوانن جي اوچتي لڏپلاڻ واري وهڪري جي مزاحمت ڪرڻ بدران، ملڪ جي قيادت کي ان جي پويان سببن کي منهن ڏئي مسئلن کي حل ڪرڻ گهرجي. انهن کي اهو مڃڻ گهرجي ته نوجوان صرف ڇڏي نٿا وڃن پر اهي قوم جي موجودهه رخ بابت هڪ طاقتور اجتماعي فيصلو ظاهر ڪري رهيا آهن.
نوجوانن طرفان اڄڪلهه جو اهو خاموش ريفرنڊم بغاوت جو نه پر استعيفي جو آهي. اها تبديلي، موقعي ۽ وقار لاءِ هڪ درخواست آهي. جيڪڏهن ملڪ جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو ته نوجوانن جي روانگي جو ووٽ جاري رهندو ۽ مستقبل ۾ ملڪ پاڻ کي انهن ئي فردن کان خالي محسوس ڪندو جن کي ان کي ٻيهر تعمير ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ضرورت پوندي.
نوجوانن پاران اهو پيغام واضح آهي ته جڏهن رسمي ووٽ بي معني ٿي ويندا آهن ته ماڻهو ووٽ ڏيڻ جا نوان طريقا ايجاد ڪندا آهن ۽ اڄ، ملڪ جا نوجوان پنهنجن پيرن سان ووٽ ڏئي رهيا آهن. هي اها چونڊ آهي جنهن ۾ ڌانڌلي نٿي ٿي سگهي ۽ نتيجا اڳ ۾ ئي ظاهر آهن.
_______________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.



