جڏھن جَيجُو ٻيٽ تي آمريڪا ۽ سندس ڪوريائي ڇاڙتن جي ظلمن خلاف بغاوت ٿِي
جيجُو ٻيٽ جي رھواسين جون آمريڪي فوجين ۽ سندن پِٺو ڪوريائي ھٿياربند ٽولن سان چڪريون پھرين مارچ 1947 کان شروع ٿي ويون ھيون
ٻرندڙ جبلن واري ھن ٻيٽ جا ماڻھو ڦاٽ کائي نڪري پيا ھئا ۽ 3 اپريل 1948 تي ھنن ھڪ ڏينھن اندر 24 ٿاڻن منجھان 12 تي حملا ڪري ڏنا جنھن ۾ 14 پوليس وارن کي ماريو ويو ـ ھٿياربند مزاحمتي گروپ ظلم ۽ زيادتيءَ خلاف جدوجھد جو اعلان ڪري ڇڏيو
جيجو ٻيٽ جي رھواسين خلاف بي رحماڻو آپريشن 3 اپريل 1948 کان شروع ٿيو جيڪو 21 سيپٽمبر 1954 تائين جاري رھيو جنھن ۾ اٽڪل ٽيھه ھزار ماڻھن جون جانيون قربان ٿي ويون
نصير اعجاز
اَٺ سال کن اڳ ڏکڻ ڪوريا جو چڪر ھڻي واپس سنڌ پھچڻ شرط ھميشه جيان دل ڏکوئيندڙ واقعا پڙھڻ لاءِ مليا ھئا ـ اَٺ سال پوءِ يعني اڄڪلھ جي واقعن تي نظر وجھان ٿو تہ ڪو بہ فرق محسوس نٿو ٿئي. پوليس ھٿان بيگناھن جو قتل، عورتن ۽ ٻارن تي پوليس جو تشدد، مائرن آڏو سندن ٻچڙن کي گوليون ھڻي مارڻ، نوجوانن جو کنڀجي گُم ٿيڻ، سنڌ جي وسيلن تي قبضا ۽ اھڙا ٻيا انيڪ ظلم سڀ جيئن جو تيئن جاري آھن. انھن واقعن تي ٽي وي، اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي ته گھڻو ڪجھه لکيو ۽ ننديو وڃي ٿو ـ پر ناانصافين خلاف اُڀار ۽ اُٿل ھيل تائين گانڌيءَ جي اھنسا واري اصول جي دائري اندر ئي جاري آھي ڇو ته سنڌين جي صبر جو پئمانو اٺھتر ورھيه گذرڻ کانپوءِ به ڀرجي نه سگھيو آھي ـ

ھتي مان ڏکڻ ڪوريا جي نائين صوبي جيجُو Jeju آئلينڊ (ٻَيٽُ) جي واقعن تفصيل ونڊيدس جتان جا رھواسي اٺھتر ورھيه اڳ اھڙن ئي ظلمن خلاف اُٿي کڙا ٿيا ھئا ۽ اُن اُڀار دوران آمريڪي اختيارين توڙي سندن ڪوريائي ساٿارين مٿن ايئن گولين جو مينھن وسايو ۽ ڳوٺن کي باھيون ڏئي ٻارن ٻچن سميت ماڻھن کي ماريو ھو جيئن انگريزن حُر ھلچل کي چيڀاٽڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪيو ھو ـ مان جڏھن جيجو ٻيٽ تي ويس تہ انھن ڏينھن ۾ اُتان جا رھواسي سندن ھلچل ۽ قتلام جي 70 ھين ورسي ملھائي رھيا ھئا ـ مان نٿو چوان ته سنڌ ۾ ھن وقت اھڙي ڪنھن رتوڇاڻ واري ھلچل لاءِ سڏ ڏنو وڃي، پر ايتري ته ڀرپور ھلچل ھلائجي جو وفاق جي اصل اقتداري ڌُرين، ظالم پوليس ۽ اھڙين ٻين ايجنسين، انڌي، گُونگي ۽ ٻوڙي سنڌ حڪومت توڙي سنڌ اندر تعصب پرست حلقن کي ھڪ واضح پيغام ملي وڃي ته سنڌي قوم سُتل ناھي ۽ اُھا ظلم ۽ ناانصافيءَ کي وڌيڪ برداشت نه ڪندي ـ
ڪُميليا نالي ڳاڙھن گُلن وارا وڻ ھن ٻيٽ جي سُڃاڻپ آھن ـ ايراضيءَ ۾ ھانگ ڪانگ جيترو، ساوَڪ ، ڳاڙھن گُلن جي وڻن سان جنجھيل، سُھڻن سامونڊي ڪنارن ۽ لاوا اوڳاڇيندڙ جبلن وارو ھيءُ ٻيٽ ڪراچيءَ وانگر ڪوريا جي ڏاکڻي بندرگاھه واري شھر بُوسان Busan کان مُني ڪلاڪ جي ھوائي سفر واري فاصلي تي سمنڊ ۾ پنھنجي سونھن ۽ سُندرتا سان موجود آھي ـ ڪنھن زماني ۾ ته اھو ننڍن ڳوٺن تي مشتمل ٻيٽ ھو، جتي پيئڻ جي پاڻيءَ جو به مسئلو ھوندو ھو ـ چوَن ٿا ته ھن ٻيٽ تي به سنڌين وانگر گھر لاءِ پاڻي ڀرڻ جي ذميواري عورتن مٿان ھوندي ھئي ـ پاڻيءَ جو ڪو مستقل ذريعو ڪونه ھوندو ھو ـ ڦاٽندڙ جبلن جي اثر ھيٺ ڪي ننڍا تلاءَ ٺھي پوندا ھئا، جن ۾ مشڪل سان ڪنھن ھڪ ڳوٺ جي ضرورت موجب پاڻي ھوندو ھو ـ روزانو صبح جو عورتون پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ڏول کڻي نڪرنديون ھيون ـ ڪڏھن ڪڏھن ته پاڻيءَ تان ڳوٺن جي ماڻھن جو جھيڙو به ٿي پوندو ھو ـ جيڪڏھن ڪنھن گھر جي عورت فوت ٿي ويندي ھئي ۽ ٻي ڪا عورت گھر ۾ نه ھوندي ھئي ته مردن کي زنانو ويس ڪري پاڻي ڀرڻ وڃڻو پوندو ھو ـ ھاڻي ته جيجُو ٻيٽ ۾ نه اھي ڳوٺ رھيا ۽ نه پاڻيءَ جو مسئلو ـ وشال سمنڊ جي وچ ۾ ھاڻ اھو ٻيٽ ترقي يافته علائقي جو ڏيک ڏئي ٿو جنھن سان ڪراچيءَ جي ڀيٽ به نٿي ڪري سگھجي ـ ”جيجُو ٻيٽ تي تمام تيز ھوائون ۽ طوفان لڳندا ھئا جيڪي گھرن جي ڇتين کي به اُڏائي ويندا ھئا ـ ماڻھو صبح جو ننڊ مان اُٿندا ھئا ته گھرن جون ڇتيون غائب ھونديون ھيون جنھنڪري ھنن گھرن جون ڇتيون تمام ھيٺ ٺاھڻ شروع ڪيون ھيون،“ ھڪ اين جي او جِي ڇوڪريءَ ٻڌايو ـ پر ھاڻ ته گھڻ ماڙ عمارتون ھر پاسي پکڙيل ھيون ـ جيجُو ٻيٽ تي يونيورسٽيون به قائم آھن ـ مونکي ڪراچيءَ ۾ ڪوريائي قانصلخاني ٻاھران ويزا لاءِ آيلن ۾ ھڪ سنڌي نوجوان مليو ھو، جيڪو سکر واري آءِ بي اَي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر ھو ۽ کيس جيجُو ٻيٽ جي ھڪ يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊيءَ جي اسڪالرشپ ملي ھئي ـ

جيجُو ٻيٽ تي رھندڙ ٻُڌمت وارن امن پسند ماڻھن سان وڏا ڪِيس ٿيندا رھيا آھن ـ پھريائين ته جپاني بادشاھت ٻيٽ سميت سموري ڪوريا ملڪ تي قبضو ڪيو جيڪو پنجٽيھه ورھيه جاري رھيو ـ جپانين ان حد تائين ظلم ڪيو جو ڪوريائي باشندن کان بيگر وٺڻ سان گڏ کين زوريءَ جپاني نالا رکڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو ھو ـ ٻي مھاڀاري ويڙھه جي نتيجي ۾ شڪست کاڌل جپان ھٿيار ڦِٽا ڪيا ۽ ڪوريا کي 15 آگسٽ 1945 تي جپاني قبضي کان آزادي ملي پر اِھا آزادي به صرف نالي ماتر ھئي ـ ڏکيا ڏينھن اڃان سندن نصيب ۾ ھئا ۽ سندن خوشي عارضي ھئي ـ
آمريڪا ۽ سندس اتحادين کي ڪوريا جي عوام سان ڪابه ھمدردي ڪانه ھئي ۽ نه ئي ھنن ڪوريا جي آزاديءَ لاءِ جپان سان جنگ ڪئي ھئي ـ آمريڪا ۽ سندس اتحادي صرف پنھنجي مفاد لاءِ وڙھيا ھئا ۽ اھو مفاد ھو جاگرافيائي اھميت رکندڙ ڪوريائي اُپٻيٽ جي ڪري ايشيا پئسفڪ علائقي ۾ پنھنجو تسلط قائم ڪرڻ ـ ٻي مھاڀاري لڙائي ختم ٿيڻ ۽ جپان جي ھٿيار ڦٽا ڪرڻ شرط ڪوريائي اُپٻيٽ جي اُترئين حصي (اُتر ڪوريا) تي اڳوڻي سوويت يونين قبضو ڄمائي ورتو جڏھن ته ڏاکڻي حصي تي آمريڪا قبضو ڪري ورتو، باوجود انھيءَ حقيقت جي ته ڪوريا، جرمنيءَ جيان شڪست کاڌل ملڪ ڪونه ھو جنھن کي ٻنھي وڏين طاقتن اولھه ۽ اوڀر جرمنيءَ ۾ ورھائي ڇڏيو ھو ـ آمريڪي آرمي جنرل ڊگلس مئڪ آرٿر ڪوريا پھچڻ شرط فرمان جاري ڪري ڇڏيو ته ”ھاڻي ڏکڻ ڪوريا سندس اختيار ھيٺ ھلندوـ“ ايئن 1948 تائين سانده ٽي سال ڏکڻ ڪوريا ۾ آمريڪي فوجي راڄ قائم رھيو ۽ پوءِ نيٺ ڏکڻ ڪوريا کي ريپبلڪ آف ڪوريا جو درجو ڏئي حڪومت ٺاھي وئي ـ

ڪوريائي عوام جپان کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ گھڻي ويڙھه ڪئي ھئي، پر ڪامياب نه ٿي سگھيا ھئا ـ جيجُو ٻيٽ جي ئي رھواسين پھرين مارچ 1919 تي به آزاديءَ لاءِ ھلچل ھلائي ھئي ـ ٻي مھاڀاري ويڙھه جي نتيجي ۾ جپان کان ته سندن جِندُ ڇُٽي پر وري مٿن ٻن وڏين قوتن جون مصيبتون نازل ٿي ويون ـ ھڪ مسئلو اھو به ھو ته جيڪي ويڪائو ڪوريائي ماڻھو، جپان جو ساٿ ڏيندا رھيا ھئا، تن وري پنھنجي مفادن خاطر آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ شروع ڪيو ـ آمريڪا ۽ سوويت يونين جي ڪري ھيءَ قوم ساڄي ڌُر ۽ کاٻي ڌُر جي مسئلي ۾ به ڦاسجي وئي ـ انھيءَ مرحلي تي جيجُو ٻيٽ جي رھواسين مُڙسي ڏيکاري ـ اھي ڪوريائي اُپٻيٽ کي اُتر ۽ ڏکڻ حصن ۾ ورھائڻ جا مخالف ھئا جنھنڪري ھنن ڏکڻ ڪوريائي ريپبلڪ قائم ڪرڻ واري 1948 جي پھرين اليڪشن خلاف سخت احتجاج ڪيو ھو ـ آمريڪي فوجي راڄ ھنن لاءِ ايترو ته ظالم ثابت ٿيو ھو جو جپان جي تسلط دوران جيجُو ٻيٽ جا جيڪي سٺ ھزار ماڻھو روزگار سانگي جپان ھليا ويا ھئا، تن جڏھن واپس ورڻ جي ڪئي ته کين ايتري اجازت به ڪانه ھئي ته جپان ۾ ڪمايل ناڻو پاڻ سان گڏ آڻي سگھن ـ اھڙن ماڻھن لاءِ جيجُو ۾ به روزگار جو ڪو وسيلو ڪونه ھو ـ جپان مان کاڌخوراڪ ۽ ٻين شين جي امپورٽ تي به بندش وڌي وئي ـ انھيءَ جي نتيجي ۾ جيجُو ٻيٽ تي بيروزگاري وڌي وئي ۽ مٿان وري بدعنوان پوليس ھنن لاءِ رڻ ٻاري ڏنو ـ
جيجُو ٻيٽ جي رھواسين جون آمريڪي فوجين ۽ سندن پِٺو ڪوريائي ھٿياربند ٽولن سان چڪريون ته پھرين مارچ 1947 کان شروع ٿي ويون ھيون، پر سندن خلاف بي رحماڻو آپريشن 3 اپريل 1948 کان شروع ٿيو جيڪو 21 سيپٽمبر 1954 تائين جاري رھيو جنھن ۾ اٽڪل ٽيھه ھزار ماڻھن (ٻيٽ جي ڪُل آباديءَ جو ڏھه سيڪڙو) جون جانيون قربان ٿي ويون ـ

پھرين مارچ 1947 تي جيجُو ٻيٽ وارن جپان خلاف پھرين مارچ 1919 واري ھلايل آزاديءَ جي ھلچل جي ياد ۾ ھڪ اسڪول ۾ تقريب ڪوٺائي ھئي ـ ڪوريا جي ٻين علائقن ۾ ته کاٻي ڌُر توڙي ساڄي ڌُر وارن انھيءَ ھلچل جي ياد ۾ ڌار ڌار پروگرام رِٿيا ھئا، پر جيجُو ٻيٽ تي ٻئي ڌُريون گڏ ۽ متحد ھيون جنھنڪري ھتي وڏي تعداد ۾ ماڻھو جمع ٿي ويا ھئا جن آمريڪي اختيارين کان حقيقي آزادي، بھتر معاشري ۽ جمھوريت جي گھُر ڪئي ـ کين پنھنجي ڌرتيءَ جو ورھاڱو قبول ڪونه ھو تنھنڪري ھنن اعلان ڪيو ته ھنن کي ھڪ آزاد ۽ متحد ڪوريا گھرجي ـ اھو مقصد ماڻڻ لاءِ ھنن وٽ ھڪ ڀيرو ٻيھر جپاني بيٺڪيت خلاف ھلايل ھلچل وارو ساڳيو جذبو جاڳائڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ڪانه ھئي ـ آمريڪي فوجي اختيارين به يادگاري جلسي کان اڳ ئي ٻيٽ تي ھڪ سئو کن واڌارُو پوليس آفيسر گھرائي ورتا ھئا ـ
انھيءَ ڏينھن (پھرين مارچ 1947) تي جيجُو ٻيٽ جي ايليمينٽري اسڪول ۾ منجھند جو ٻين وڳي جلسو ختم ٿيو ۽ پوءِ ٽيھه ھزار ماڻھن جو ھجوم جلوس جي شڪل ۾ روانو ٿيو ـ بلڪل انھيءَ وقت ھڪ گھوڙيسوار پوليس آفيسر تيزيءَ سان اُتان لنگھيو جنھن جي گھوڙي جو ٽڪر ھڪ نوجوان کي لڳو ۽ ھو زخمي ٿي ڪِري پيو ـ ماڻھو مڇرجي ويا ۽ ھنن پوليس آفيسر جو پيڇو ڪيو ۽ مٿس پٿراءُ شروع ڪري ڏنو ـ پوليس آفيسر ٿاڻي ڏانھن ڀاڄ کاڌي ته مڇريل ماڻُھو به سندس پويان لڳا پر ٿاڻي جي مٿان ٺھيل حفاظتي چوڪيءَ تان پوليس وارن ھجوم مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني جنھن ۾ ڇھه ماڻھو مارجي ويا جن ۾ ھڪ ٻار کي کڻي ايندڙ عورت به شامل ھئي ـ فائرنگ ۾ اٺ ٻيا ماڻھو زخمي ٿيا ـ ڪنھن به نٿي ڄاتو ته اھو واقعو اڳتي ھلي ھڪ وڏي ھلچل پيدا ڪندو ـ
پوليس انھن ماڻھن جون گرفتاريون شروع ڪري ڏنيون، جن يادگاري جلسو ڪرايو ھو ـ انھيءَ جي ردِعمل ۾ سخت مزاحمتي تحريڪ جنم ورتو ۽ 10 کان 22 مارچ 1947 تائين عام ھڙتال ڪئي وئي جنھن دوران شاگردن اسڪول وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، دُڪاندارن سڀ مارڪيٽ بند ڪري ڇڏيا ۽ سرڪاري ملازمن آفيسن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو ـ عوام کي ان ھڙتال سان ڏکيائي ته گھڻي ٿي پر بيگناھه ماڻھن جي رتوڇاڻ تي سخت احتجاج ڪرڻ کي ھنن پنھنجي ڏکيائين تي ترجيح ڏني ـ
آمريڪي فوجي اختيارين عوام جي احتجاج سبب جيجُوءَ کي سُرخن جو ٻيٽ (Island of Reds) سڏڻ شروع ڪيو جيئن پاڪستان ۾ ڪميونسٽن کي سڏيو ويندو ھو ـ آمريڪي فوجين جو خيال ھو ته ان ھلچل ۾ سوويت يونين جو ھٿ ھو ـ حقيقت ھيءَ ھئي ته جيجُو ٻيٽ جي آباديءَ جو نوي سيڪڙو کاٻي ڌُر سان تعلق رکندڙ ھو ـ پوليس وڏي تعداد ۾ گرفتاريون شروع ڪري ڏنيون ۽ نتيجي ۾ ھڪ سال اندر اڍائي ھزارن کان وڌيڪ آزاديءَ جا متوالا باندي بڻجي چُڪا ھئا ـ نيٺ ٻرندڙ جبلن واري ھن ٻيٽ جا ماڻھو به ڦاٽ کائي نڪري پيا ۽ 3 اپريل 1948 تي ھنن ھڪ ڏينھن اندر 24 ٿاڻن منجھان 12 تي حملا ڪري ڏنا جنھن ۾ 14 پوليس وارن کي ماريو ويو ـ ھٿياربند مزاحمتي گروپ ظلم ۽ زيادتيءَ خلاف جدوجھد جو اعلان ڪري ڇڏيو ـ

آمريڪي فوجي اختيارين جو الزام ھو ته بغاوت ۾ اُتر ڪوريا جي ڪميونسٽن جو ھٿ آھي پر خود سندن ئي مقرر ڪيل پبلڪ پراسيڪيوٽر جنرل ان الزام کي رد ڪندي چئي ڇڏيو ته ان صورتحال جي جا ذميوار آمريڪي فوجي حڪومت جا مڪار آفيسر آھن ـ ڪوريائي ڪانسٽبلري (آرمي) به ان لاءِ پوليس کي ذميوار سڏيو پر آمريڪي فوجي اختيارين جي حڪم ۽ نگرانيءَ ھيٺ ڪوريائي ڪانسٽبلريءَ آپريشن شروع ڪري ڏنو جيڪو لاڳيتو جاري رھيو ۽ نيٺ 17 نومبر تي جيجُو ٻيٽ تي مارشل لا مڙھي وئي ـ مارشل لا دوران ھزارين بيگناھه ماڻھن جو قتل عام ڪيو ويو ـ ھالا جبل جي دامن ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن کي باھيون ڏئي ساڙيو ويو جنھن ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت ڳوٺاڻن کي ٻاھر نڪري جان بچائڻ جو به موقعو ڪونه مليو ـ آمريڪي فوجي اختيارين کي ڪانسٽبلري ۽ پوليس پنج سئو باغي ماڻھن جي نشاندھي ڪئي ھئي پر انھن کي ختم ڪرڻ لاءِ ھنن ٽيھه ھزار ماڻھو ماري ڇڏيا ـ ڪوريا جي ورھاڱي جي مخالف نوجوانن ۽ ٻين ماڻھن کي جبلن ۾ وڃي پناھه وٺڻي پئي يا وري سمنڊ رستي جپان ڀڄڻو پيو ۽ جيڪي پوئتي جيجُو ۾ رھجي ويا تن کي آزاديءَ خاطر جان ڏيڻي پئي ـ
انھيءَ وچ ۾ 1950 کان ٻنھي ڪوريائن جي وري جنگ شروع ٿي وئي جيڪا 1954 تائين جاري رھي جنھن دوران پڻ جيجُو ٻيٽ تي ظلم ٿيندا رھيا ـ ان قتلام تي ھتان جي ماڻھن کي وڏي عرصي تائين ڳالھائڻ جي اجازت به ڪانه ھئي ـ سال 1989 ۾ 3 اپريل تي پھريون ڀيرو بغاوت جي شھيدن جي ياد ۾ کين جلسو ڪرڻ جي اجازت ملي ۽ قتلام جي باقاعده جاچ شروع ٿي جنھن کانپوءِ 2003 ۾ ڪوريا جي تڏھوڪي صدر مسٽر روھه مُو ھُن جيجُو ٻيٽ جي عوام کان ماضيءَ جي اختيارين ھٿان ٿيل قتلام ۽ ظلمن جي معافي ورتي ۽ 2014 ۾ خاتون صدر پارڪ گُن ھاءِ 3 اپريل کي قومي يادگاري ڏينھن جو درجو ڏئي ڇڏيو (خاتون صدر کي اڳتي ھلي ڪرپشن جي الزام ۾ ھٽائي جيل موڪليو ويو) ـ
پر جيجُو ٻيٽ جا ماڻھو سمجھن ٿا ته اڄ به ڄڻ ته سندن قتلام جاري آھي ڇو ته ھيل تائين ڪنھن به ظالم کي اڃا تائين سزا نه ملي آھي ـ ھُو ساڻن ٿيل بربريت کي وسارڻ لاءِ تيار نه آھن ـ ھنن ڪروڙين ڊالرن جي خرچ سان وڏا يادگار ٺھرائي ڇڏيا آھن جتي پندرھن ھزار شھيدن جا نالا سنگِ مرمر جي بلاڪن تي اُڪريل آھن ـ باقي پندرھن ھزار شھيد اُھي آھن جن کي ٻارين ٻچي ماريو ويو ۽ سندن نالا به نه ملي سگھيا ـ ھنن تعمير ڪيل يادگارن وٽ ميوزم به قائم ڪيا آھن جن ۾ اھڙا غار به ٺاھيا ويا آھن جتي ماڻھن جا لاش لڌا ھئا ـ اسان کي انھن ڳوٺن وارا ھنڌ به گھمايا ويا جتي ٻارن، عورتن ۽ مردن جون قبرون ھيون ۽ ڀرسان ئي يادگار ۽ آڊيٽوريم تعمير ڪيل ھئا ـ
مان جيجُو ٻيٽ جي ماڻھن سان ٿيل ظلمن ۽ سندن جدوجھد جي تاريخ کي ياد ڪندو، پنھنجي سنڌ ۽ پنھنجن ماڻھن بابت سوچيندو رھندو آھيان جن کي پڻ ظلم سھندي، ڪونڌر ڪُھائيندي صديون گذري چُڪيون آھن ـ
_______________
نصير اعجاز ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر صحافي ۽ يارھن ڪتابن جو ليکڪ آھي



