سئيڊن جون پينشنرز ايسوسيئيشنون: سنگت، سھپ ۽ زندگيءَ کي نئين سر جيئڻ جو فن
سئيڊن ۾ سرگرم عمر گذارڻ جو تصور گهڻو مقبول آهي. هتي اهو يقين ڪيو ٿو وڃي ته انسان عمر رسيدہ ٿيڻ کان پوءِ به سماج کان الڳ نٿو ٿئي پر ان جي ابتڙ هو نون تجربن، نون لاڳاپن ۽ نون شوقن ڏانهن وڌي ٿو.
پينشنرز ايسوسيئيشنون هن فلسفي کي عملي شڪل ڏين ٿيون. هي تنظيمون رڳو ميلن، چانهين يا تفريحي گڏجاڻين تائين محدود نه آهن، پر اهي وڏي عمر وارن ماڻهن لاءِ هڪ مڪمل نظامِ زندگي بڻجي وڃن ٿيون
جيڪڏهن ٿورو تصور ڪجي ته سنڌ ۾ به اهڙيون ايسوسيئيشنز قائم ڪيون وڃن ته ڪهڙي نہ زبردست تبديلي اچي سگهي ٿي
عبدالله عثمان مورائي
ڪيترن ئي معاشرن ۾ رٽائرمينٽ کي اڪثر آرام جو دور سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ڪو انسان سرگرم زندگي مان پٺتي هٽي ڪري هڪ خاموش زندگي اختيار ڪري ٿو ته اهو هڪ سٺو ۽ آرامدهه ماحول ٿي سگهي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن سماجي اڪيلائي، مقصد جي گهٽتائي ۽ ان انسان لاء مجموعي ڀلائيءَ ۾ گهٽتائي جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. پر ھتي سئيڊن جي سماج ۾ هڪ نهايت خوبصورت ۽ باوقار روايت آهي جيڪا وڏي عمر وارن ماڻهن جي زندگيءَ ۾ روشني، سهپ ۽ خوشي آڻي ٿي. سئيڊن ۾ هڪ فلسفو ترقي ڪري رهيو آهي جيڪو پينشنر ايسوسيئيشنز (Pensionärsföreningar) جي مضبوط نيٽ ورڪ ذريعي سرگرم عمر ۽ سماجي شموليت جي حمايت ڪري ٿو. اهي تنظيمون رڳو سماجي ڪلبون ناهن. اهي سرگرمين، سکيا ۽ گڏيل مدد جا جاندار مرڪز آهن جيڪي رٽائرمينٽ جي تجربي کي بنيادي طور تي تبديل ڪن ٿا. هي تنظيمون رڳو ميلن، چانهين يا تفريحي گڏجاڻين تائين محدود نه آهن، پر اهي وڏي عمر وارن ماڻهن لاءِ هڪ مڪمل نظامِ زندگي بڻجي وڃن ٿيون.

سويڊش ماڊل هن بنياد تي ٺهيل آهي ته عمر شموليت، ذاتي ترقي يا مهم جوئي لاءِ رڪاوٽ نه هجڻ گهرجي. ان جي بدران اها زندگي جي تجربي، حڪمت ۽ نئين مليل اڪيلي وقت کي ذاتي اطمينان ۽ اجتماعي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ جو هڪ موقعو آهي. سئيڊن ۾ پينشنر ايسوسيئيشنز پنهنجن ميمبرن کي سرگرم رهڻ لاءِ جسماني، ذهني ۽ سماجي طور تي سندن ڪم ڪار واري زندگي ختم ٿيڻ کان گهڻو پوءِ به بااختيار بڻائين ٿيون. اهو هڪ اهڙو نظام آهي جتي سنگت آهي، گڏجي کلڻ آهي، يادون ورهائڻ آهن ۽ پنهنجي عمر جي هر سال کي عزت سان قبول ڪرڻ آهي.
رڳو هڪ سماجي گڏجاڻي کان وڌيڪ: سرگرمين جو مرڪز
سئيڊن ۾ سرگرم عمر گذارڻ جو تصور گهڻو مقبول آهي. هتي اهو يقين ڪيو ٿو وڃي ته انسان عمر رسيدہ ٿيڻ کان پوءِ به سماج کان الڳ نٿو ٿئي پر ان جي ابتڙ هو نون تجربن، نون لاڳاپن ۽ نون شوقن ڏانهن وڌي ٿو. پينشنرز ايسوسيئيشنون هن فلسفي کي عملي شڪل ڏين ٿيون. ڇاڪاڻ ته اهي ايسوسيئيشنز پنهنجين مختلف سرگرمين ۽ جاندار ماحول جي ڪري وڌيڪ مشهور آهن. اهي خاموش ڪارڊ گيمز يا ڪڏهن ڪڏهن چانهه پارٽين جي روايتي تصور کان گهڻو اڳتي آهن.
هڪ سويڊش پينشنر ايسوسيئيشن ۾ هڪ عام هفتي جو تصور ڪجهه هيئن هجي ٿو ته جسماني سرگرمين لاء ميمبر باقاعدگي سان پنڌ هلڻ وارن جا گروپس، سائيڪلن تي سير ۽ سفر، ترڻ جا سيشن، نچڻ جا ڪلاس ۽ ڪڏهن ڪڏهن سينئر شهرين لاءِ مناسب جم ۾ ورزش ڪرڻ جو انتظام ڪندا آهن، جيڪي رڳو ورزش بابت ناهن هوندا پر اهي ساٿي پڻي ۽ ٻاهرئين سرگرمين لاءِ گڏيل محبت کي واڌارو ڏين ٿا جيڪا سويڊش ثقافت ۾ گهري ۽ ان جي بنيادن سان جڙيل آهي.
ان سان گڏوگڏ عجائب گهر ۽ آرٽ گيلريز جي دورن کان وٺي ٿيٽر ۾ وڃڻ ، موسيقي جا ڪنسرٽ ۽ تاريخي ماڳن جي سياحت تائين، اهي ايسوسيئيشنز پنهنجن ميمبرن کي ثقافتي طور تي مالا مال ۽ پنهنجي ورثي ۽ موجوده فنون سان ڳنڍيل رکن ٿيون.
چوندا آهن ته علم جي اڃ عمر سان گهٽ نٿي ٿئي. ان لاء سئيڊن ۾ ڪيتريون ئي ايسوسيئيشنز ليڪچرز، ٻولي جا ڪورس، ڪتاب پڙهڻ جون ڪلبون، ڪمپيوٽر لٽريسي ورڪشاپس ۽ مهارت جي حصيداري جا سيشن منعقد ڪن ٿيون جتي ميمبر هڪ ٻئي کي دستڪاري، پچائڻ يا عملي زندگي جون صلاحيتون سيکارين ٿا. زندگيءَ جي سموري عرصي لاءِ سکيا جو هي عزم سئيڊش طريقي جو هڪ بنيادي ماڊل آهي.

انهن ايسوسيئيشنز جو هڪ اهم پاسو ملڪي ۽ بين الاقوامي دورن جو انتظام ڪرڻ پڻ آهي. اهي ويجهن قدرتي پارڪن يا تاريخي شهرن ڏانهن هڪ ڏينهن جي سياحت يا گهمڻ کان وٺي گڏيل مانجهاندن ۽ سانجهاندن تائين ڀرپور هجن ٿا. نه رڳو اهو پر سئيڊن جي مختلف علائقن يا پاڙيسري يورپي ملڪن جي ڊگهن ڪيترن ئي ڏينهن جي دورن تائين اهڙي قسم جا پروگرام ٿي سگهن ٿا. زور هميشه اجتماعي تجربي تي هوندو آهي. جڏهن بزرگ عورتون ۽ مرد گڏجي بس يا ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪن ٿا ته سندن مهانڊا بلڪل نوجوان لڳن ٿا. انهن گڏجاڻين جي ڪري اهي هڪ ٻئي سان ويجهڙائپ وڌائين ٿا.
ڪيترن ئي بزرگ جو چوڻ آهي ته انهن لاءِ هي سير ۽ سياحت جون سرگرميون مهيني جا سڀ کان خوشگوار ڏينهن هوندا آهن. سياري جي ڊگهن راتين ۽ ٿڌ سبب جڏهن ماڻهو گهڻو ڪري گهرن ۾ قيد ٿي وڃن ٿا تڏهن اهي ايسوسيئيشنون چوديواري اندر گرم ماحول وارو ماحول پيدا ڪن ٿيون جتي پڻ مختلف انڊور گيمز يا رانديون يا ٻيون مختلف سرگرميون ڪيون وڃن ٿيون. اهڙيون سرگرميون سرد موسم ۽ وڏين راتين ۾ اڪيلائپ جي احساس کي گهٽ ڪن ٿيون.
انهن ايسوسيئيشنن جي هڪ ٻي به سڀ کان خوبصورت ڳالهه اها آهي ته اهي گڏ ٿيل ماڻهو هڪ ٻئي جو خفيه يا لڪل سهارو بڻجن ٿا، مثال طور تي جيڪڏهن ڪو ميمبر گڏجاڻي ۾ نه اچي ته ٻيا پڇا ڳاڇا ڪن ٿا يا بيمارين ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا. اڪيلائي، اڄڪلهه جي جديد ڊجيٽل سسٽمن يا صحت جي مسئلن بابت هڪٻئي کي رهنمائي ڏين ٿا. سالگرهون گڏ ملهائن ٿا ۽ ڏکين وقتن ۾ هڪ ٻئي جي حوصلا افزائي ڪن ٿا.

ذاتي خوشحالي کانسواء ڪيتريون ئي ايسوسيئيشنز سرگرم طور تي سماجي خدمت ۾ حصو پڻ وٺن ٿيون، مثال طور اهي نرسنگ هومز جو دورو ڪري سگهن ٿيون، مقامي خيراتي ادارن جي مدد ڪري سگهن ٿيون يا بزرگن جي حقن جي وڪالت ۾ مشغول ٿي سگهن ٿيون. انهن سرگرمين جو مقصد اهو آهي ته زندگيءَ جو ذائقو تازو رکڻ، ذهن کي مصروف رکڻ ۽ دل کي خوش رکڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو اهو به مقصد هوندو آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته سينئرشهرين جي آواز کي پاليسي سازن تائين پهچايو وڃي.
ماڊل جي پويان فلسفو ، محبت ۽ سهڪار جو جڙيل نيٽورڪ
انهن ايسوسيئيشنز جي ڪاميابي ڪيترن ئي بنيادي فلسفياتي اصولن تي جڙيل آهي مثال طور اهي ايسوسيئيشنز گهڻو ڪري پاڻ ميمبرن جي هلائڻ واريون هونديون آهن. ميمبر پاڻ سرگرمين جي تجويز پيش ڪندا آهن، رٿابندي ڪندا آهن ۽ انھن تي عمل ڪندا آهن، جيڪو مالڪي ۽ خود مختياري جو هڪ مضبوط احساس پيدا ڪري ٿو. هي خود اراديت زندگي جي پوئين حصي ۾ وقار ۽ مقصد برقرار رکڻ لاءِ اهم آهي.
ان سان گڏوگڏ جيئن ته سماجي اڪيلائي سڄي دنيا ۾ سينئر يا بزرگ شهرين لاءِ هڪ اهم صحت جو خطرو آهي. اهي ايسوسيئيشنز هڪ تيار ٿيل سماجي نيٽ ورڪ فراهم ڪن ٿيون ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائينديون آهن ته رٽائرڊ ماڻهن کي باقاعده رابطي، دوستي ۽ تعلق جا موقعا ملن. دورن ۽ سير سفر دوران گڏجي ماني کائڻ خاص طور تي انهن رشتن کي وڌائڻ لاءِ اهم آهن.
مزي واري ڳالهه ته جسماني، ذهني، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين کي گڏ ڪري هي ماڊل گڏيل ۽ مجموعي ڀلائي کي پيش ڪري ٿو ۽ اهو تسليم ڪري ٿو ته صحت رڳو بيماري جي غير موجودگي ناهي پر جسماني، ذهني ۽ سماجي خوشحالي جي هڪ حالت آهي.
سئيڊش فلاحي رياست انهن قدمن جي تمام گهڻي حمايت ڪري ٿي ۽ اڪثر ڪري ملاقات جون جايون، گرانٽ ۽ انتظامي مدد فراهم ڪري ٿي. هي رياستي سڃاڻپ ان شيء کي اجاگر ڪري ٿي ته هي رياست سندن معاشري ۾ پنهنجن بزرگ شهرين کي سرگرم رکڻ لاء کين سندن حصو پوري ايمانداريء سان ڏئي ٿو.

ٻين ثقافتن لاءِ سبق
سئيڊن جو هي ماڊل هن دور لاءِ اهم مثال آهي جنهن ۾ دنيا جا ڪيترائي ملڪ وڏي عمر وارن ماڻهن لاءِ مناسب سهولتون نٿا فراهم ڪري سگهن. هي ماڊل ڏيکاري ٿو ته ڪميونٽي ڪنهن به عمر ۾ ٺهي سگهي ٿي، عزت ۽ خوشي ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ ختم نٿي ٿئي، انسان آخر تائين سکي سگهي ٿو، چاهي سگهي ٿو ۽ سماجي طور سرگرم رهي سگهي ٿو ۽ اصل خوبصورتي ان سوچ ۾ آهي ته زندگي 65 يا 70 تي ختم نٿي ٿئي پر اهو هڪ نئون باب آهي جيڪو شروع ٿئي ٿو.
سنڌ جهڙي علائقي لاءِ جنهن وٽ هڪ مالا مال ثقافتي ورثو، مضبوط سماجي رشتا ۽ تيزي سان وڌندڙ بزرگ آبادي آهي، سئيڊش ماڊل تمام گهري بصيرت فراهم ڪري ٿو. هن وقت سنڌ ۾ رٽائرمينٽ کان پوء ،خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن ۾ اڪثر ڪري معاشرو بزرگن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيندو آهي ۽ انهن وٽ خانداني گڏجاڻين کان علاوه سماجي، ذهني يا جسماني شموليت لاءِ منظم موقعا گهٽ هوندا آهن.
جيڪڏهن ٿورو تصور ڪجي ته سنڌ ۾ به اهڙيون ايسوسيئيشنز قائم ڪيون وڃن ته ڪهڙي نہ زبردست تبديلي اچي سگهي ٿي، مثال طور، سنڌ ۾ ڪيترائي بزرگ، گڏيل خانداني نظام ۾ رهڻ باوجود سماجي تبديلين ۽ نوجوان نسل جي مصروف زندگين سبب اڪيلائي محسوس ڪن ٿا. انهن لاء منظم دورا، مانجهاندن ۽ سانجهاندن تي گڏجاڻيون ۽ ثقافتي تقريبون تمام ضروري سماجي موقعا فراهم ڪري سگهن ٿيون جيڪي سندن اڪيلائي سان مقابلو ڪرڻ ۾ مددگار ٿابت ٿي سگهن ٿيون.
سنڌ وٽ روايتي علم، دستڪاري ۽ زباني تاريخ جو هڪ وڏو خزانو آهي. پينشنر ايسوسيئيشنز بزرگن لاءِ اهڙا پليٽ فارم بڻجي سگهن ٿيون جتان هو پنهنجي حڪمت کي ننڍي نسل سان شيئر ۽ ونڊ ڪري سگهن ٿا ۽ نسلن جي وچ ۾ ان وٿي کي علم جي منتقلي جي ذريعي ختم ڪري سگهن ٿا.

سرگرم طرز زندگي دريائي ڪنارن يا پارڪن سان گڏ هلڻ وارن گروپن، يوگا يا وري روايتي راندين جي حوصلا افزائي بزرگن جي جسماني صحت کي وڏي پئماني تي بهتر بڻائي سگهي ٿي ۽ وڏي عمر سان لاڳاپيل بيمارين جو بار ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهي ٿي.
ان سان گڏوگڏ بزرگ مقامي اسڪولن ۾ رضاڪار طور تي خدمتون سرانجام ڏيئي سگهن ٿا، ماحولياتي صفائي جي مهم ۾ مدد ڪري سگهن ٿا يا بزرگن جي حقن جي وڪالت ۾ مشغول ٿي سگهن ٿا، پنهنجي تجربي کي سماج جي ڀلائي لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهن ٿا.
ثقافتي تحفظ لاء موهن جو دڙو، ٺٽو يا مقامي تاريخي ماڳن جي دورن جي انتظام ڪرڻ يا تعليمي بحثن سان بزرگن ۾ سنڌي ورثي لاءِ وڌيڪ قدر پيدا ڪري سگهجي ٿو ۽ ثقافتي سياحت کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو.
اهڙي ماڊل کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪميونٽي سينٽرن ۾ سيڙپڪاري، منتظمين لاءِ تربيت ۽ وڏي عمر وارن کي قبول ڪرڻ لاءِ ثقافتي تبديلي جي ضرورت پوندي، جنهن سان بهرحال ڊگهي مدي وارا فائدا جن ۾ صحت مند بزرگ، مضبوط ڪميونٽيون ۽ حڪمت جو تحفظ شامل هوندا.
آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته سويڊش پينشنر ايسوسيئيشنز رڳو تفريح جو ذريعو نه آهن پر اهي هڪ صحتمند سماج جي علامت آهن جيڪي بزرگ شهرين جي عزت, گڏيل انسانيت ۽ زندگيءَ جي خوشيءَ کي ڊگهو ڪرڻ جي علامت پڻ آهن.
اهي ايسوسيئيشنز هڪ اهڙي سماج جي هڪ مضبوط گواهي طور ڪم ڪن ٿيون جيڪو پنهنجن بزرگن کي بار نه پر هڪ انمول وسيلو سمجهي ٿو۽ اهو ظاهر ڪري ٿو ته زندگي جا آخري سال بي مثال جيئڻ، سکيا ۽ تعلق جو وقت ٿي سگهن ٿا ۽ ريٽائرمنٽ زندگيءَ جي پڄاڻي نه پر آزادي، سنگت ۽ خوشيءَ جي نئين شروعات آهي، جنهن کي هر سماج، بشمول سنڌ، قبول ڪرڻ جي خواهش ڪري سگهي ٿو.
__________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.



