قصو انڊيا جي ھڪ ڳوٺ، اڪيلي سنڌيءَ ۽ سندس ننڍڙي دُڪان جو
شِري ٿانورداس لڇواڻي اصل سنڌ جي شھر دولتپور جو ھو، جنھن ڀوپال جي ھڪ ڳوٺ رنايل گائون ۾ ننڍڙو دُڪان کوليو ۽ 1953 کان 2005 تائين حياتيءَ جا 52 ورھيہ اُتي گذاريا جتي شروع ۾ نہ ڪنھن کي سنڌي سمجھ ۾ ايندي ھئي ۽ نہ کيس ڳوٺاڻن جي ٻولي
اُتان جي ڳوٺاڻن جي دلين ۾ شِري ٿانورداس لاءِ ايترو پيار ۽ عزت ھُئي جو جڏھن ھُن اھو ڳوٺ ڇڏي باقي حياتي بيراڳڙھ ۾ پنھنجي ڪُٽنب سان گذارن جو فيصلو ڪيو تہ ھُو ڏاند گاڏين جي جلوس ۾ کيس الوداع ڪرڻ آيا
نصير اعجاز
ھيءَ ڪھاڻي شِري ٿانورداس ڇتلداس لڇواڻيءَ جي حياتيءَ جي آھي. ھُو انڊيا جي رياست مڌيہ پرديش جي ضلعي شجاپُور، تعلقي ڪالا پيپل جي ڳوٺ رَنايل گائون جو اڪيلوسنڌي ھو، جتي ھُن ننڍي کنڊ جي ورھاڱي جي نتيجي ۾ سنڌ مان بي گھر ٿي ٻين انڊيا جي ھنڌن تي پناھگير ڪئمپن ۾ ڪجھ ورھيہ گذاريندي، پنھنجي گذرسفر لاءِ ھڪ ننڍڙو دُڪان کولڻ جو فيصلو ڪيو ھو.
اِھو ڳوٺ اُجين ڊويزن جو حصو آھي، ضلعي ھيڊڪوارٽر شجاپُور کان 87 ڪلوميٽر اوڀر ۾، ڪالا پيپل کان 24 ڪلوميٽر پري، ۽ مڌيہ پرديش رياست جي گادي ڀوپال کان 69 ڪلوميٽر پري آھي.

”رنايل گائون مُکيہ شاھراھ کان ست اٺ ڪلوميٽر اندر آھي ۽ منھنجو پِتا اھو ڊگھو پنڌ ڪري ڳوٺ واري دُڪان تي ويندو ھو. برساتن ۾ سمورو رستو گپ ٿي ويندو ھو، پر ھُو پنھنجا چپل لاھي ھڪ ھٿ ۾ کڻندو ھو ۽ دُڪان لاءِ سامان سڙو ۽ ٻيون شيون ڪُلھي تي کڻي ڳوٺ پھچندو ھو،“ بيرا ڳڙھ ۾ رھندڙ ناليواري شاعر ۽ ڪلاڪار ناري لڇواڻيءَ پنھنجي پِتا جي ڪھاڻي ٻُڌائيندي چيو.
”اسان جو پِتا ڳوٺ وارن جي ٻولي بہ ڪونہ سمجھندو ھو، پر ھُن پڪو پھ ڪري ورتو ھو تہ انھيءَ ڳوٺ ۾ ئي پنھنجي گذر سفر جو وسيلو ٺاھيندو،“ بيراڳڙھ مان فون تي ناري لڇواڻيءَ ٻُڌايو.
ڪجھ ورھين کانپوءِ ٿانورداس جو ڀاءُ ڦُڳڻ مل، سھرو کيمچند ۽ مامو ڇٻلداس بہ انھيءَ دُڪان تي وڃي سندس مدد ڪندا ھئا پر جلد ئي مامو ۽ سھرو گذاري ويا. ”پِتا ھر مھيني يا ٻئي مھيني ھڪ ٻن ڏينھن لاءِ گھر ايندا ھئا ۽ اھو سلسلو 2005 تائين ايئن ئي جاري رھيو.“
”اَڌ صديءَ کان وڌيڪ جي انھيءَ عرصي ۾ پِتا ڳوٺاڻن جي دلين ۾ پنھنجي لاءِ جاءِ ٺاھي ورتي ھئي ڇو تہ ھُو پاڻ نرم مزاج، ايماندار ۽ عزت ڏيندڙ ماڻھو ھو.“
ناري لڇواڻيءَ ٻُڌايو تہ سندس پِتا ٿانورداس ڳوٺاڻن جي مدد سان ڳوٺ اندر شِو مندر تعمير ڪيو ھو. ”ڳوٺاڻا منھنجي پِتا سان ايترو پيار ڪندا ھئا جو جڏھن ھُن اھو ڳوٺ ڇڏي باقي حياتي ڪُٽنب سان بيراڳڙھ ۾ گذارڻ جو فيصلو ڪيو تہ ڳوٺاڻن ھُن لاءِ خاص پُوڄائون ڪيون ۽ کيس ۽ سندس ڀاءُ کي ڏاند گاڏين جي جلوس ۾ وٺي مين روڊ تي الوداع ڪرڻ آيا.“

”ڳوٺاڻن منھنجي پِتا جو فوٽو فريم ڪرائي مندر جي ديوار تي ھڻي ڇڏيو جتي ھُو روزانو اچي آرتي، اگربتيون ۽ ڏيئو ٻارڻ جھڙيون رسمون ڪري ڀڳوان سان گڏ پُوڄا ڪندا ھئا.“
”ان ڳوٺ ۾ اسان جو پِتا واحد سنڌي ھو. ھاڻي اُتي ٻيو ڪو سنڌي ڪونھي. پِتا 2016 ۾ لاڏاڻو ڪيو ۽ ماتا 2020 ۾ گذاري وئي. ھُو جسماني طور اسان سان گڏ ناھن پر، مندر ۾ سندن فوٽو لڳل آھن ۽ اسان ھر سال شِوراتڙيءَ تي پُوڄا جي لاءِ اُتي ويندا آھيون،“ ناري لڇواڻيءَ ٻڌايو.
ورھاڱي، لڏپلاڻ ۽ پناھگير ڪئمپن ۾ حياتيءَ جا ڏينھن گذارڻ جي حوالي سان ناري لڇواڻيءَ ٻُڌايو تہ سندس ماءُ پيءُ ۽ ٻيا وڏڙا موري تعلقي جي شھر دولتپور جا رھندڙ ھئا جڏھن تہ سندس ناناڻن مان ڪي مائٽ نوشھري فيروز ضلعي جي شھر ڀريا ۾ رھندا ھئا.
”ورھاڱي سبب 1947 ۾ منھنجي مائٽن پنھنجا اباڻا پَٽ ڇڏي لڌڻ جو فيصلو ڪيو. انڊيا ويندي پھريائين کين سنڌ جي شھر ميرپورخاص جي ھڪ باغ ۾ کُليل آسمان ھيٺ پناھگير طور رھڻو پيو جتي ڪاڪوس جي بہ سھولت ڪانہ ھئي ۽ انھيءَ لاءِ کين کڏا کوٽڻا پوندا ھئا. ڪنھن زائفان کي ويم جا سُور پوندا ھئا تہ عورتون سندس چوڌاري چادرون جھلي بيھنديون ھيون،“ ناري لڇواڻيءَ ڏکوئيندڙ ڳاليون ٻُڌائيندي چيو تہ سندس وڏڙن اسان کي اھي ڳالھيون ٻُڌايون. ”ورھاڱي جي ذميوارن کي سنڌي پِٽون پاراتا ڏيندا ھئا.“
”ميرپورخاص مان ھزارين پناگير سنڌين کي ٽرين ذريعي انڊيا موڪليو ويندو ھو تنھنڪري منھنجي مائٽن ۽ وڏڙن کي پنھنجي واري اچڻ جو انتظار ڪرڻو پيو. انتظار ٿوري وقت جو ھو پر اُھو عرصو سندن زندگي جھنم بڻيل ھُئي ڇو تہ ماڻھو اچي کانئن ڦُر ڪري ويندا ھئا. ڦورو ڪا بہ شئي ڪونہ ڇڏيندا ھئا. سونا زيور ۽ ٻيون قيمتي شيون تہ ڦُريندا ھئا پر عورتن جا ڪپڙا بہ ڪونہ ڇڏيندا ھئا. اھڙا واقعا ريلوي اسٽيشن ۽ ٽرين ۾ گھڻا ٿيا. انھيءَ وقت منھنجي ماءُ جي عمر چوڏھن پندرھن ورھيہ کن ھئي.“

ناري لڇواڻيءَ ٻُڌايو تہ سندس مائٽ ۽ ٻيا وڏڙا ڪنھن نموني اجمير ۽ نصيرآباد (انڊين شھر) کان ٿيندا دِيولي پناھگير ڪئمپ پھتا جتي 3 آگسٽ 1949 تي سندس (ناري لڇواڻيءَ جو) جنم ٿيو. ناري پنھنجي ماءُ پيءُ جو پھريون ٻار ھو. ”منھنجي جنم جي ٻن مھينن کانپوءِ منھنجي مائٽن ۽ ڪئمپ ۾ رھندڙ ٻين سنڌي پناھگيرن کي سرڪار ڇھ سئو ڪلوميٽر پري مڌيہ پرديش رياست جي گادي ڀوپال ويجھو بيراڳڙھ واري پناھگير ڪئمپ ڏانھن منتقل ڪيو. اھا اصل ۾ فوجين جي خالي ڪيل ڇانوڻي ھئي. اسان اُتي بيرڪن ۾ رھندا ھئاسين جتي گذاري جو ڪو بہ وسيلو ڪونہ ھو. “
منھنجي پِتا شِري ٿانورداس پنھنجي بزرگن سان گڏجي ڪپڙو وڪڻڻ شروع ڪيو. پھريائين ھنن ھڪ اسٽال ھنيو ۽ پوءِ ننڍڙو دُڪان کوليو تہ جيئن ڪٽنب جون ضرورتون پوريون ڪري سگھن پر ناڪام ٿي ويا. ”اھو ئي وقت ھو جڏھن منھنجي پِتا گھر ڇڏي ڪو اھڙو ڳوٺ ڳولڻ شروع ڪيو جتي ھُو ٿورڙي مُوڙيءَ سان ڪو ڪاروبار ڪري سگھي.“
ناري لڇواڻيءَ ڳالھ جاري رکندي چيو، ”پِتا جي ماروٽن مان ھڪ گيانچند آسُودومل تلوڪچنداڻيءَ ڀوپال ۽ اندور جي وچ ۾ ھڪ ڳوٺ آملا ۾ وڃي ڪپڙي جو ننڍڙو دُڪان کوليو ھو. سندس ئي صلاح تي منھنجي پِتا آملا گائون کان ست اَٺ ڪلوميٽر پري رَنايل گائون ۾ 1953 ۾ وڃي ننڍڙو دُڪان کوليو. “
”جلد ئي ڏاڏا جو ديھانت ٿيو تہ ڪٽنب جي سموري ذميواري منھنجي ڏاڏِي شريمتي پَري ڇتلداس لڇواڻيءَ جي مٿان اچي پئي. ھُوءَ وڏي حوصلي واري عورت ھُئي جنھن پنھنجي ڪُٽنب جون گھرجون پُوريون ڪرڻ لاءِ وسان ڪونہ گھٽايو. گھر ۾ نَو ڀاتي ھوندا ھئا. سندس نُھون، پوٽا ۽ پوٽيون. سمورين سختين جي ھوندي بہ ھُوءَ سڀني جو خيال رکندي ھئي.“
”اسان جي ڏاڏي 1970 ۾ پنجونجاھ ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي تہ سموريون ذميواريون منھنجي ماءُ تي اچي پيون.“
”اسان جا وڏڙا اسان جي لاءِ ڀڳوان برابر ھئا. انھن کانسواءِ اسان پاڻ کي يتيم محسوس ڪريون ٿا،“ ھُن چيو.
ناري لڇواڻي، سندس پنج ڀائرن ۽ ٽين ڀينرن سرڪاري اسڪول ۾ تعليم ورتي جتي کين سنڌي بہ پڙھائي ويندي ھئي. ”اھو ئي سبب آھي جو اڄ اسان عربي فارسي لِپيءَ واري سنڌي لکي ۽ پڙھي سگھون ٿا،“ ناري لڇواڻيءَ چيو جيڪو ھڪ سرڪاري نوڪري ڪرڻ سان گڏ بيراڳڙھ ۾ ريڊيو تي پنجويھ ورھين تائين انائونسر بہ رھيو. بيراڳڙھ ۾ سنڌ جي ساھتي پرڳڻي جا ھڪ لک کن سنڌي آباد آھن.
____________________
نصير اعجاز سنڌ جو سينئي صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو



