اچو ۽ نچو: بڙودا ۾ سنڌين جو ثقافتي پروگرام ”شام سنڌي سنگيت جي“
سُجاڳ سنڌي سميتيءَ جو ساليانو ثقافتي پروگرام رات جو اٺين وڳي پنڊت دين ديال آڊيٽوريم ۾ ٿيندو، جنھن ۾ سموري سنڌي برادريءَ کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آھي
ودودرا، گجرات
انڊيا جي گجرات رياست جي تاريخي شھر بڙودا (ودودرا) ۾ اڄ سومر تي رات جو”شام سنڌي سنگيت جي“ نالي سان سنڌين جو ساليانو ثقافتي پروگرام ٿي رھيو آھي جنھن جو نعرو آھي ”اچو ۽ نچو“.

ثقافتي پروگرام رات جو اٺين وڳي پنڊت دين ديال آڊيٽوريم ۾ ٿيندو، جنھن ۾ سموري سنڌي برادريءَ کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آھي. گذريل ڪافي ڏينھن کان دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري ھو. پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مفت ٽڪيٽون ڏنيون ويون آھن.
پروگرام جي سنگيت محفل سنڌي ڪوئل ڀڳونتي ناڻواڻيءَ کي ارپنا ڪئي وئي آھي. ھن پروگرام ۾ ناليوارا ڪلاڪار لتا ڀڳتاڻي ۽ راجو لالواڻي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندا.
سُجاڳ سنڌي سميتي، سنڌين جي تنظيم، سمورن بڙودا واسي سنڌين کي ڪوٺ ڏيندي چيو آھي تہ ”اچو ۽ نچو“ ۽ ٻين کوڙ پروگرامن جو مزو وٺو. ڊانس جي لاءِ منيش لڇواڻي ۽ پونم لالواڻي اھڙا گيت پيش ڪندا جو نچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا.
انھيءَ کانسواءِ سجاڳ سنڌي سميتيءَ جون زائفان ميمبر سنڌي ڇيڄ پيش ڪنديون ۽ ديپڪ جئسنگھاڻي اسٽينڊ اَپ ڪاميڊين ھوندو.
______________



