Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ جو قومي شاعر ابراھيم منشي: جيڪو ماڻھو ڪونه وڪاڻو، سوئي ماڻھو موتيءَ داڻو

ون يونٽ جو قھري ڳٽُ ھجي يا ايوبي مارشل لا ھجي، ابراھيم منشي پنھنجي شاعريءَ سان سُتل سنڌي قوم کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو.

جڏھن سنڌ جا سودا ٿيندي ڏسندو ھو ته رھي نه سگھندو ھو ۽ چئي ڏيندو ھو ته سنڌ سستي ٿي وڪامي، نت نئين نيلام ۾.

سنڌ جي حقن لاءِ وڙھڻ خاطر ھن مبھم ۽ اڻ چِٽن لفظن ۾ نه پر بلڪل کليل لفظن ۾ سڏ ڏنو ۽ انھن ڪانئرن کي به شرم ڏياريو جيڪي قومي جنگ ۾ پاسيرا ٿيو ويھي رھيا ھئا

ليکڪ نصير اعجاز

ابراھيم منشيءَ سان 1975 ۾ ڪينجھر ڪناري سرڪاري ريسٽ ھائوس ۾ ھڪ ڀيرو ملڻ کانسواءِ نه ان کان اڳ ۽ نه پوءِ ڪڏھن ملاقات ٿي. پھرين ملاقات کان اڳ کيس سدائين  سنڌ قومپرست تنظيمن جي جلسن ۾ اسٽيج تي شاعري پڙھندي ٻڌندو ھئس ۽ اھو زمانو به منھنجي شاگرديءَ وارو ھو جڏھن مان حيدرآباد ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ سڀني کان پٺيان بيھي تقريرون ۽ شاعري ٻڌي کسڪي ويندو ھئس. ستر واري ڏھاڪي جي پھرين اڌ ۾ جيتوڻيڪ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ھئي ۽ ون يونٽ ۽ ايوبي مارشل لا واري گھُٽ ۽ ٻُوسٽ جي ڊگھي دور کانپوءِ سنڌين کي ڪجھه ساھه پٽڻ جو موقعو مليو ھو پر تڏھن به سنڌ ۽ سنڌين کي سندن قومي حق پورا ڪونه مليا ھئا جو پنجاب سامراج ۽ سندن ساٿارين جو غلبو جاري ھو. پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ٿيندڙ زيادتين خلاف ھلندڙ قومي تحريڪ خاص طور ان وقت زور ورتو ھو جڏھن ون يونٽ مڙھي سنڌ جي جداگانه حيثيت کي ختم ڪيو ويو ھو. ھڪ خيال اھو به ھو ته 1971 ۾ ڀُٽي صاحب کي اقتدار ۾ آڻي، سنڌين جي قومي تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي.  اھڙي سوچ تڏھن جنم ورتو جڏھن قومي تحريڪ جا ڪيترائي اھم ڪردار سياسي فائدن جي چڪر ۾ پ پ پ سرڪار ۾ عھدا وٺي ويھي رھيا. ان کانسواءِ عام سنڌين لاءِ به سرڪاري نوڪرين جا در کلي ويا ھئا ۽ سمجھيو ٿي ويو ته ڪوبه سنڌي پنھنجي ئي وزيرِاعظم جي حڪومت ۾ ڪنھن تحريڪ ۾ حصو نه وٺندو. اھڙي صورتحال ۾ جيئي سنڌ تحريڪ سائين جي ايم سيد جي سرواڻيءَ ۾ سنڌين کي سجاڳ ڪرڻ ۽ ايندڙ وقت جي خطرن کان ھوشيار ڪرڻ لاءِ پنھنجون سرگرميون جاري رکيون ھيون.

جيئي سنڌ تحريڪ جي جلسن ۽ ثقافتي پروگرامن جو مقصد سنڌين کي متحد ۽ متحرڪ ڪرڻ ھو ۽ انھن پروگرامن ۾ ابراھيم منشي، محمد خان مجيدي ۽ اھڙن ٻين شاعرن جو نمايان ڪردار ھوندو ھو. سندن شاعري ٻڌي سچ ته اُتي موجود ھزارين سنڌين جا لڱ ڪانڊارجي ويندا ھئا ۽ سندن اندر ۾ وڏو جوش پيدا ٿيندو ھو. قومي تحريڪن ۾ شاعرن جو اھوئي ڪمال ھوندو آھي جو ھُو پنھنجي قوم اندر پنھنجي لفظن سان جوت جاڳائيندا آھن. سندن سوچون ۽ خيال قومي تحريڪن کي زنده رکندا آھن ۽ سندن آدرشن کي وري آزاديءَ جا ويڙھاڪ عملي رُوپ ڏيندا آھن. سنڌ جي ھنن شاعرن به ھندستان، بنگال ۽ دنيا جي ٻين آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ قومن جي شاعرن وانگر پاڻ ملھايو، اھا ٻي ڳالھه آھي ته سندن خواب ساڀيان نه ٿي سگھيا آھن ۽ غلاميءَ جو ڳٽُ اڃا سنڌين جي ڳچيءَ ۾ پيل آھي. آمريڪا جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ به شاعر ئي ھئا جن پنھنجي شاعريءَ سان عوام ۾ آزاديءَ لاءِ اُتساھه پيدا ڪيو ڇوته شاعري رُڳو لفظن جو نالو ڪونھي پر اھو روح اندر پيھي ويندڙ پيغام ھوندو آھي. شاعري اظھار جي ھڪ وڏي قوت آھي. رابرٽ فراسٽ موجب شاعري تڏھن جنم وٺندي آھي جڏھن جذبن کي ڪنھن سوچ جو رُوپ ملندو آھي ۽ انھن سوچن کي لفظ ملي ويندا آھن.

پر آمريڪي شاعرا ايڊرين رِچ چواڻي شاعر يا سندس شاعري توھان کي اھو نه ٻڌائيندا ته ڪنھن کي ۽ ڪڏھن قتل ڪريو، ڪڏھن ۽ ڪنھن کي جلائي ڇڏيو، بلڪ ھُو توھان کي انھن حالتن کان آگاھه ڪن ٿا جن ۾ توھان پنھنجي حياتي گذاريو ٿا يا جيڪي حالتون ايندڙ وقت ۾ اوھان کي پيش اينديون.

آمريڪي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ھڪ نيگرو شاعرا فِلِس وِيٽلي جو به وڏو ڪردار رھيو، جيڪا پاڻ 1761 ۾ غلام ٿي آئي ھئي پر کيس سندس انقلابي شاعريءَ جي ڪري آزاد ڪيو ويو ھو. 

اھوئي ڪم ابراھيم منشيءَ سڄي حياتي ڪيو ۽ ون يونٽ جو قھري ڳٽُ ھجي يا ايوبي مارشل لا ھجي، ھو پنھنجي شاعريءَ سان سُتل سنڌي قوم کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو. جڏھن سنڌ جا سودا ٿيندي ڏسندو ھو ته رھي نه سگھندو ھو ۽ چئي ڏيندو ھو ته “سنڌ سستي ٿي وڪامي، نت نئين نيلام ۾”. سنڌ جي حقن لاءِ وڙھڻ خاطر ھن مبھم ۽ اڻ چِٽن لفظن ۾ نه پر بلڪل کليل لفظن ۾ سڏ ڏنو ۽ انھن ڪانئرن کي به شرم ڏياريو جيڪي قومي جنگ ۾ پاسيرا ٿيو ويھي رھيا ھئا: “نٿو جو سنڌ لاءِ لڙي، نٿو جو سنڌ لاءِ ڪڙھي، سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.” ابراھيم منشيءَ سنڌ جي آزاديءَ جو نعرو به بلڪل بي ڊپو ٿي ھنيو: “برابري، سراسري، اسان گھرون ٿا ايتري، پُڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايو ھيتري، آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري، جو سچ انھيءَ تان سڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.”

ڪنھن زماني ۾ ھڪ انٽرويوءَ ۾ به ابراھيم منشيءَ سوال پڇندڙ کي صاف لفظن ۾ وراڻيو ھو: “وڙھڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ڪانھي. اسان کي آزاديءَ لاءِ وڙھڻو ئي پوندو.” آزاديءَ جي متوالي ھن شاعر کي سندس انقلابي شاعري قيدخانن جو رستو ڏيکاريندي رھي. پر ھُو مُڙندو ڪونه ھو ۽ وري انقلاب جو سڏ ڏيندو ھو. ايئن ھن مجموعي طور چار سال کن قيد ڪاٽيو. غريب جو ٻار ۽ سادي سُودي زندگي گذاريندڙ ابراھيم منشي نه حڪمرانن آڏو جھڪيو ۽ نه ڪڏھن وڪاڻو. ھو چوي ٿو: ڪنھن جي ٿي ھت ذات وڪامي، ڪنھن جي ٿي ھت ڏات وڪامي؛ ڪنھن جي ٿي ھت بات وڪامي، ڪنھن جي ٿي ھت رات وڪامي؛ ھيڏي وھڪري ۾ جو نه وڪاڻو، تنھن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو؛ جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو، ھرڪو پنھنجي اگھه وڪاڻو؛ جيڪو ماڻھو ڪونه وڪاڻو، سوئي ماڻھو موتيءَ داڻو.  

قوم جي خاموشي ابراھيم منشيءَ کي بيچين ڪري وجھندي ھئي. 1975 ۾ ھن نظم لکيو: سي چارڻ نه چئجن جي چارڻ چپاتا، نه ويھي وڄاين اڳيان ان داتا، جنين ساز سانڍي رکيا رُوپ ڪارڻ، مري بُک نه ڇو تنھن ميراثيءَ جي ماتا؛ سُتا جي سري ٻانھن ڏيئي سنجھيئي، انھن کي ڏنا رات آيل اوراتا.

 ٽنڊي محمد خان ويجھو جنھاڻ سومري ڳوٺ ۾ 15 جنوري 1934تي جنم وٺندڙ ھڪ غريب شخص اسحاق سومري جو غريب پُٽ ڪا وڏي تعليم به ڪونه وٺي سگھيو ھو پر کيس ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي عبور حاصل ھو ۽ انھيءَ ڪري ئي سندس آواز ۾ ڀٽائيءَ جو ڪلام به رڪارڊ ڪيو ويو ھو. ڳوٺاڻي حياتي گھاريندڙ سنڌ جو ھيءُ عوامي شاعر اندر ۾ پنھنجي قوم جا سُور سانڍي به منھن تي مُرڪون کڻي ھلندو ھو. کيس سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ جو به اُونو ھو جنھن تي 1974 ۾ سنڌي قوم کي ھوشيار ڪندي ھٿيار پنھوار سنڀالڻ جو چيائين: ڏاڍو آھي ڏواڙ، رول ڪتا ڪي راڄ ۾ آيا؛ ٻير جا ڍينگر کوڙ کڙھه تي، قابو ڪج ڪھاڙ؛ منشي ماري ڪڍو ڪڙم مان ڪٽي تن جا ڪپار. 

ڀُٽي صاحب جي حڪومت دوران ملڪ ۾ سمورو وقت سياسي بحران جاري رھيا. مان جنھن زماني جو ذڪر ڪري رھيو آھيان ان وقت ھڪ پاسي بلوچستان جو مسئلو ھو ته ٻئي پاسي نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) جو سربراھه ولي خان ۽ ٻيا اڳواڻ گرفتار ھئا جن کي حيدرآباد جيل ۾ رکيو ويو ھو. سنڌ ۾ به بيچيني پکڙيل ھئي ۽ ھتي به سياسي قوتن جي نئين سر صف بندي ٿي رھي ھئي. ڀُٽي صاحب جو ويجھو ساٿي مير رسول بخش ٽالپر به کانئس الڳ ٿي پ پ پ مخالف قوتن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ھو. ڀُٽي صاحب جي زماني جو اھو سياسي مانڌاڻ الڳ موضوع ۽ تفصيل طلب آھي. ھتي ان جو حوالو صرف ان ڪري ڏنو اٿم جو ان دور ۾ سنڌ اندر وڏيون گرفتاريون ٿيون ھيون ۽ اھو عتاب اديبن ۽ شاعرن تي به نازل ٿيو ھو. انھن اديبن ۽ شاعرن ۾ سُھڻي رسالي جو ايڊيٽر طارق اشرف ۽ ابراھيم منشي به شامل ھئا.

اھو 1975 جو سال ھو. مان سچل ڪامرس ڪاليج حيدرآباد ۾ بي ڪام فائنل جو شاگرد ھئس ۽ ادب جي دنيا ۾ نئون ھئس جو ڪجھه سالن کان سُھڻي رسالي ۾ پرڏيھي ادب مان ڪھاڻيون ترجمو ڪري ڏيڻ شروع ڪيون ھئم. جڏھن طارق اشرف جيل ويو ته ارشاد قاضي ۽ فيروز ميمڻ پوئتي سُھڻيءَ جو ڪم ھلايو. طارق اشرف ۽ ابراھيم منشيءَ جي گرفتاريءَ تي اديبن ۽ دانشورن ۾ بيچيني پکڙيل ھئي. کين آزاد ڪرائڻ لاءِ اسان جا سينئر اديب ۽ قومي تحريڪ جا ڪي سرواڻ سرگرم ھئا ۽ حڪومتي سطح تي رابطا به ڪيا ويا ھئا. ھڪ ڏينھن اسان کي اطلاع مليو ته سائين حفيظ قريشي (ايڊووڪيٽ) سينئر جي اڳواڻيءَ ۾ اديبن جو ھڪ وفد سنڌ جي سينئر وزير عبدالوحيد ڪٽپر سان ملندو جيڪو تن ڏينھن ۾ وڏي وزير غلام مصطفى جتوئيءَ جي پرڏيھه وڃڻ سبب وقتي وڏو وزير ھو. گڏجاڻيءَ جو ھنڌ ڪينجھر ڪناري سرڪاري ريسٽ ھائوس مقرر ڪيو ويو ھو. مون کي ھاڻي اھا تاريخ ته ياد ناھي پر اسان ھڪ ڏينھن صبح جو سوير حيدر چوڪ حيدرآباد ۾ گڏ ٿيا ھئاسين جتان گاڏين ۾ سوار ٿي ڪينجھر روانا ٿياسين. وفد ۾ گھڻو ڪري ان وقت جا نوان اديب ۽ شاعر شامل ھئاسين.

ڪينجھر ڪناري سرڪاري ريسٽ ھائوس جي ھڪ ھال ۾ مقرر وقت تي نه رڳو اسان پر مرحوم ڪٽپر به پھچي ويو ھو. وڪيل ماڻھو، پ پ پ جي حڪومت ۽ سينئر وزير ھجڻ سان گڏ وقتي وڏي وزير واري حيثيت جو واڌارو، سو ڪٽپر صاحب کي وڏو بانور ھو. ڳالھه ڳالھه ۾ گار ڪڍڻ ڄڻ ته سندس تڪيو ڪلام ھو. کلندي ڳالھائيندي گار ڪڍڻ لازمي ھئس. جڏھن حال احوال شروع ٿيا ته ڪٽپر صاحب طارق اشرف لاءِ ته صاف چئي ڇڏيو ته سندس ڪيس مختلف آھي جو مٿس ايف آءِ آر داخل آھي ۽ معاملو عدالت ۾ ھلي رھيو آھي. باقي رھيو ابراھيم منشيءَ جو معاملو سو ان تي ڳالھيون ڪري سگھجن ٿيون.

ڪٽپر صاحب جو چوڻ ھو ته ابراھيم منشي وزيرِ اعظم ذوالفقار علي ڀُٽي خلاف شاعري ڪئي آھي. سائين حفيظ قريشيءَ ابراھيم منشيءَ جي وڪالت ڪندي ان الزام کي رد ڪيو، پر ڪٽپر صاحب مڃي ئي ڪونه. چيائين، “مان ابراھيم منشيءَ کي گھرايان ٿو، ھو پاڻ مڃيندو.”

ابراھيم منشي ٺٽي واري جيل ۾ ھو. ڪٽپر ھڪدم ڊپٽي ڪمشنر کي ھدايت ڪئي ته ابراھيم منشيءَ کي وٺي اچو. حڪم جي تعميل ۾ دير ئي ڪانه ٿي ۽  ڊي سي صاحب ابراھيم منشيءَ کي وٺي اچي پھتو. ڪٽپر ابراھيم منشيءَ کان پڇيو،“تو ڀُٽي صاحب خلاف شاعري ڪئي ھئي؟” ابراھيم منشيءَ انڪار ڪندي وراڻيو،“اھا منھنجي شاعري ڪانه ھئي. مان ڪئٽرڪ ھال ڪراچيءَ ۾ ھڪ پروگرام ۾ اسٽيج تان شاعري ٻڌائي رھيو ھئس ته حاضرين مان ڪنھن اھا شاعري پني تي لکي موڪلي جيڪا مون پڙھي ٻڌائي.” وحيد ڪٽپر چيس ته تنھنجي آواز ۾ اسان وٽ رڪارڊ ٿيل شاعري موجود آھي جيڪا تو محمد خان سومري (پ پ پ اڳواڻ) جي گھر ۾ به ٻڌائي ھئي. ان تي ابراھيم منشيءَ وراڻيو،“محمد خان سومري کي مون انڪار ڪيو پر ھو زور ڀريندو رھيو. ھن مونکي مڌُ پياري مونکان اھا شاعري ٻڌي.”

ابراھيم منشيءَ منجھند جي ماني به اسان سان گڏ کاڌي. ان کانپوءِ ڪٽپر صاحب وري بحثا بحثي شروع ڪئي تان جو شام ٿيڻ واري ھئي. نيٺ ڪٽپر صاحب فيصلو ڏنو ته ان رات ابراھيم منشيءَ کي جيل موڪلڻ بدران ڊپٽي ڪمشنر ھائوس ٺٽي ۾ ترسايو ويندو ۽ صبح جو کيس آزاد ڪيو ويندو.

ڊپٽي ڪمشنر ان مھل ئي ابراھيم منشيءَ کي ساڻ ڪري ھليو ويو. ابراھيم منشيءَ سان اھا منھنجي پھرين ۽ آخري ملاقات ھئي.

اُن شام اسان سڀ خوش ٿي ڪينجھر ۾ ٻڏندڙ سج جو منظر ڏسي قدرت جي واکاڻ ڪندا روانا ٿياسين. اسان ان ڳالھه کان بيخبر ھئاسين ته وحيد ڪٽپر سياسي حرفت کان ڪم ورتو ھو. اصل ۾ ٻئي ڏينھن حيدرآباد ۾ مير رسول بخش ٽالپر جي بنگلي تي وڏو سياسي ميڙاڪو رٿيل ھو. حڪومت کي ڏسڻو ھو ته سنڌ جا قومرست ڌڙا ۽ اديب ان ميڙاڪي ۾ شريڪ ٿين ٿا يا نه. ڪٽپر ذريعي اھو پتو استعمال ڪيو ويو ھو ته ابراھيم منشيءَ جي آزاديءَ جي آسري ۾ اديب ۽ دانشور توڙي قومي تحريڪ واري لڏي جا ماڻھو مير صاحب جي ميڙاڪي ۾ شريڪ نه ٿين. پر ٿيو ان جي اُبتڙ ۽ سمورا ناميارا دانشور وڃي ان ميڙاڪي ۾ پھتا. اھڙو اطلاع ملندي ئي سنڌ حڪومت ابراھيم منشيءَ کي ڊي سي ھائوس مان ڪڍي وري جيل موڪلي ڇڏيو ھو.

ٻين ڪيترن ئي دوستن سان ابراھيم منشيءَ جون يادون جُڙيل ھونديون، جن جون ھن سان گھڻيون ئي ڪچھريون ۽ ملاقاتون ھونديون. اھي سمورا دوست جيڪڏھن ابراھيم منشيءَ تي پنھنجون ساروڻيون لکن ته اھو نه رڳو سنڌ جي قومي تحريڪ  جي تاريخ تي ھڪ اھم ڪتاب ھوندو پر سنڌ پرست شاعر لاءِ ڀيٽا به ھوندي.

ابراھيم منشيءَ جي حوالي سان  منھنجي ڳالھه ٻولھه جڏھن دوست ولي محمد روشن سان ٿي ته ھن به ساڻس وابسته ڪجھه يادگيرين جو ذڪر ڪيو.

“جن ڏينھن ۾ (1977) ڀُٽي صاحب جي حڪومت خلاف پي اين اي جي تحريڪ ھلي رھي ھئي تڏھن وڏي پيماني تي گرفتاريون ٿيون ھيون. مان ان وقت خاص عدالت جو پرزائيڊنگ آفيسر ھئس. حڪومت مخالف تحريڪ زور ورتو ته ڀُٽي صاحب پي اين اي اڳواڻن سان ڳالھين جو سلسلو شروع ڪيو. ھڪ رات سنڌ جي ھوم ڊپارٽمينٽ کي حڪم مليو ته سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. ان وقت جي ھوم سيڪريٽري محمد خان جوڻيجي (جيڪو محمد خان جوڻيجو وزيراعظم ٿيو، اُھو ٻيو ھو) اسان کي اھڙو حڪم ٻڌائيندي قيدين جي لسٽ ٺاھڻ جي ھدايت ڪئي. مون سوچيو ته ان حڪم جو فائدو وٺي ابراھيم منشيءَ کي به ڇونه آزاد ڪجي جيڪو ڪراچي جيل ۾ قيد ھو ۽ مٿس ڊفينس آف پاڪستان رُولس (ڊي پي آر) تحت ڪيس داخل ھو. مون جيل سپرنٽينڊنٽ اوڪاش شيخ کي اعتماد ۾ وٺي ابراھيم منشيءَ جو نالو به لسٽ ۾ وجھي ڇڏيو. رات جو ھڪ ٻئي آفيسر ذريعي فون تي ھوم سيڪريٽريءَ کي ٻڌايو ويو ته لسٽ تيار آھي. کيس اھو نه ٻڌايوسين ته ابراھيم منشيءَ جو نالو به ان ۾ شامل آھي. ھن چيو ته بس انھن کي آزاد ڪري ڇڏيو،” ولي محمد روشن ٻڌايو ۽ چيو ته مون ابراھيم منشيءَ کي نياپو ڪيو ته ھُو جيل مان نڪرڻ کانپوءِ في الحال ڪٿي گم ٿي وڃي.

“ابراھيم منشيءَ جي آزاديءَ جي خبر عام ٿيڻ تي چوڌري شجاعت جي پيءُ چوڌري ظھور الاھيءَ حڪومت وٽ اعتراض ڪيو ته سنڌ جي قومپرستن کي پي اين اي وارن قيدين سان ڇو شامل ڪري آزاد ڪيو ويو آھي. ڀُٽو صاحب به ان تي گھڻو ڪاوڙيو ۽ ھوم سيڪريٽري محمد خان جوڻيجي کي دٻ پٽيائين. نتيجي ۾ جوڻيجي وٽ اسان جي پيشي ٿي. اسان ته کيس صاف چئي ڏنو ته لسٽ ٺاھي اوھان کي اطلاع ڪيو ۽ اوھان پاڻ حڪم ڏنو ته سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيو.”

”مٿان جي دٻاءَ سبب ھوم سيڪريٽريءَ ابراھيم منشيءَ کي وري گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. کيس سندس ئي گھر مان پوليس گرفتار ڪري آئي. ھن ڪيڏانھن به لِڪڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي ھئي. ڪيس جڏھن وري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته مون کانئس پڇيو ته ھو روپوش ڇو نه ٿيو. ان تي ابراھيم منشيءَ وراڻيو ھو ته سائين روپوش ٿيان ھا ته پوليس منھنجي گھر وارن کي تنگ ڪري ھا ۽ نيٺ مون کي وري پيش ٿيڻو پوي ھا.“

ولي محمد روشن ٻڌايو ته اھي ڀُٽي صاحب جي اقتدار جا آخري ڏينھن ھئا جو آمر جنرل ضياءَ حڪومت جو تختو اونڌو ڪري مارشل لا مڙھي ڇڏي ۽ سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ”مون وري به ان موقعي جو فائدو وٺندي ابراھيم منشيءَ کي آزاد ڪرائڻ جو سوچيو. ھڪ ڏينھن ڪيس عدالت ۾ آندو ويو ته مون ڪنھن وڪيل کان ضمانت جي درخواست لکرائي عدالت ۾ داخل ڪرائي، شاھنواز جوڻيجي مرحوم کان ھڪ ھزار رُپيا وٺي ضمانت جي رقم طور عدالت ۾ جمع ڪرايا ۽ جھوني شاعر مومن مليرائيءَ کي، جيڪو ان مھل عدالت ۾ پي گھميو، ذاتي ضامن طور پيش ڪري ابراھيم منشيءَ جي ضمانت تي آزادي منظور ڪرائي ورتي.“

”مون ابراھيم منشيءَ کي چيو ته سائين تون ھاڻ ھتان ئي ڳوٺ ھليو وڃ، باقي جيل جا ضابطا پاڻ ئي پورا ڪبا. مون جيل سپرنٽينڊنٽ اوڪاش شيخ کي فون ڪئي ته ابراھيم منشيءَ جي ضمانت تي آزاديءَ جي رسمي ڪارروائي پاڻ ئي ڪري ڇڏ،“ولي محمد روشن ٻڌيو.  

  1977 ۾ جنرل ضياءَ جي مارشل لا لڳندي ئي سنڌ ۽ سنڌي ھن آمر جي نشاني تي ھئا. ان زماني ۾ سنڌين سان جيڪي قھر ٿيا، تن تي به ابراھيم منشي ماٺ ڪري ويھي نه سگھيو ۽ تازو ئي جيل مان نڪرڻ جي باوجود چئي ڏنائين: ڪري قاتل قوم جا، ويا حق ھڙپ …… چورڻ ڪارڻ چپ، ساري قوم جا سبيا؛ ڪيڏي ساري قوم کي، سونگھي ڄڻ ويو سپ، چورڻ ڪارڻ چپ، ساري قوم جا سبيا؛ جن آزادي اک ۾، تن تنين جي تپ، چورڻ ڪارڻ چپ، ساري قوم جا سبيا.  

سنڌي قوم کي جاڳائڻ لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ حقن ۽ آزاديءَ لاءِ وڙھڻ جو سڏ ڏيندڙ ھي شاعر پاڻ ته طبعي طور 31 جولاءِ 2003 تي پنھنجي ڳوٺ ۾ ابدي آرامي ٿي ويو پر سندس شاعري اڄ به سنڌين کي متحد ٿيڻ، جاڳڻ ۽ وڙھڻ جو سڏ ڏئي رھي آھي. سندس شاعريءَ جا ڇھه ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ گُوندر ويا گذري، پيغامِ مظلوم ۽ ڌرتي دين ڌرم شامل آھن. سندس شاعري سنڌي قوم جو ورثو آھي. ڏسڻو اھو آھي ته اسان جي قوم ڪيئن ٿي ھن شاعر جي سڏ کي ورنائي. ابراھيم منشي ته پنھنجو فرض ادا ڪري ويو، پر جدوجھد ڪرڻ ۽ حق حاصل ڪرڻ سنڌي قوم جو ڪم آھي، بقول آمريڪي نيگرو اديب جيمس بالڊِوِن ته شاعر ۽ انقلابي ته قوم کي واٽ ڏسي ويندا آھن، پر جيستائين عوام منجھه احساس پيدا نه ٿيندو تيستائين ڪجھه نه ٿيندو. شايد شاعر کان سواءِ ته ڪجھه ٿي پوي پر عوام کانسواءِ ڪجھه نه ٿيندو. شاعر ۽ عام ماڻھوءَ ۾ فرق اھو آھي ته شاعر ايندڙ وقت جا خطرا جلد محسوس ڪري وٺندو آھي، پر ٻين ماڻھن کي ان جو احساس شاعر جي موت کانپوءِ ٿيندو آھي. چڱو اھو به ٺيڪ آھي، پر اصل ڳالھه آھي ته ڪم جاري رھي ۽ اھو ڪم آھي دنيا کي بدلائڻ.

جيمس بالڊِوِن جو چوڻ سورھن آنا سچ آھي. ابراھيم منشي فوت ٿي ويو، پر سندس مشن ته جاري رھڻ کپي. سنڌين جي پنھنجي دنيا کي بدلائڻ، آزادي ۽ انصاف لاءِ ته ڪم جاري رھڻ گھرجي.

_________________

نصير اعجاز سينئر صحافي، محقق ۽ يارھن ڪتابن جو مصنف آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button