ترقيءَ جي نالي ۾ تبديليءَ جي پرچار: قومن کي ذھني طور غلام بنائڻ جي سازش!
اهو خيال ته تبديلي لازمي آهي، دراصل سامراج جو اوزار هو، جنهن سان هنن روايتي سماجن کي اهو يقين ڏياري ڇڏيو ته انهن جون روايتون، قدر ۽ عقيدا ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن۔ حقيقت ۾ مقصد تبديلي نه، قبضو ڪرڻ هو۔
سامراج جو مقصد ترقي نه، پر تبديلين جي نالي تي ورثي کي تباھ ڪرڻ هو۔ هنن جاگيردار ختم نه ڪيا، پر پنهنجا وفادار جاگيردار پيدا ڪيا۔ پنهنجون روايتون بچايون، پر ٻين جون پاڙون ڪٽي ڇڏيون۔
اسان کي پنهنجي تاريخ کان شرمندگي سيکاري وئي، جڏهن ته پاڻ پنهنجي ماضيءَ تي فخر ڪرڻ لڳا۔ جيڪو مغرب جو هو، اهو “ورثو” سڏيو ويو، ۽ جيڪو اسان جو هو، اهو “پسماندگي” بڻجي ويو۔
نور محمد مري ايڊووڪيٽ
لفظ تبديلي کي هميشه ترقي، ڄاڻ ۽ نئين شعور جي علامت طور پيش ڪيو ويو آهي، پر هن خوبصورت لفظ جي پٺيان تاريخ جo سڀ کان وڏو فريب لڪل آهي. انھيءَ خوبصورت لفظ جي آڌار هڪ اهڙي سازش ٿيندي رھي، جيڪا قومن کي محڪوم ڪرڻ خاطر انهن جي ذهنن کي بدلائڻ لاءِ تيار ڪئي وئي۔ اهو خيال ته تبديلي لازمي آهي، دراصل سامراج جو اوزار هو، جنهن سان هنن روايتي سماجن کي اهو يقين ڏياري ڇڏيو ته انهن جون روايتون، قدر ۽ عقيدا ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن۔ حقيقت ۾ مقصد تبديلي نه، قبضو ڪرڻ هو۔
جڏهن برطانوي لوڪ هند ۾ آيا يا فرينچ آفريڪا ۾ داخل ٿيا، تڏهن هنن پنهنجي تسلط کي “اصلاح” ۽ “تهذيب آڻڻ” جي نالي سان پيش ڪيو۔ هندستان جو قديم ديھي نظام، جيڪو انسانيت، فطرت ۽ معيشت جي توازن تي ٻڌل هو، ان کي ٽيڪس، بندوبست ۽ زميندارن جي پاليسين سان ٽوڙي ڇڏيو ويو۔ تعليم کي اهڙيءَ طرح پيش ڪيو ويو جو اها اھڙا ذهن پيدا ڪري جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ جا نہ پر تاجِ برطانيا جا وفادار هجن۔ آفريڪا ۾ به قبيلن، خاندانن ۽ مقامي حڪومتي نظام کي يورپي قانون ۽ مصنوعي سرحدن سان مٽايو ويو، جنهن جو نتيجو مستقل انتشار ۽ ڦيٽاڙ هو۔ هر هنڌ تبديليءَ کي اخلاقي فرض ۽ ترقيءَ جو نالو ڏنو ويو، پر حقيقت ۾ اهو غلاميءَ جو نئون روپ هو۔
اهو تضاد تڏهن وڌيڪ واضح ٿيو جڏهن اسان پاڻ انھن سامراجي قومن کي ڏٺو جيڪي ٻين کي روايتون ڇڏڻ سيکاريندا هئا، پاڻ هزارين سالن پراڻين رسمن تي فخر ڪندا رهيا۔ برطانيا، جيڪو آزاديءَ ۽ جمهوريت جو علمبردار بڻيو، اڄ به بادشاهت جهڙي قديم نظام تي قائم آهي۔ هائوس آف لارڊز، يعني جاگيردار طبقي جي علامت، اڄ به ان جي سياسي ڍانچي جو حصو آهي۔ جڏهن ايشيا ۽ آفريڪا جي قومن کي پنهنجي بزرگن، سردارن ۽ جاگيردارن خلاف اڀاريو ويو، تڏھن برطانيا پنهنجي جاگيردار نظام کي “روايت” جو نالو ڏئي محفوظ رکيو۔

ان مان صاف ظاهر آهي ته سامراج جو مقصد ترقي نه، پر تبديلين جي نالي تي ورثي کي تباھ ڪرڻ هو۔ هنن جاگيردار ختم نه ڪيا، پر پنهنجا وفادار جاگيردار پيدا ڪيا۔ پنهنجون روايتون بچايون، پر ٻين جون پاڙون ڪٽي ڇڏيون۔ اسان کي پنهنجي تاريخ کان شرمندگي سيکاري وئي، جڏهن ته پاڻ پنهنجي ماضيءَ تي فخر ڪرڻ لڳا۔ جيڪو مغرب جو هو، اهو “ورثو” سڏيو ويو، ۽ جيڪو اسان جو هو، اهو “پسماندگي” بڻجي ويو۔
نتيجي ۾ اسان جي اندر کوکلائپ پيدا ٿي۔ خانداني نظام برباد ٿي ويو، اجتماعي معيشت انفرادي حرص ۾ تبديل ٿي وئي، فطرت ۽ انسان جو توازن ٽٽي پيو۔ هاڻي ساڳيو فريب ٻيهر “گلوبلائيزيشن” ۽ “ڊجيٽل تبديلي” جي نالي ۾ ٿي رهيو آهي۔ اسان کي وري چيو پيو وڃي ته پنهنجو ماضي وساري ڇڏيو ته جيئن ٻين جي ٺهيل دنيا ۾ فٽ ٿي سگهو۔
اهو ئي نظام اڄ عدالتن، پوليس ۽ راڄوڻي نظام ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو۔ جنهن وٽ پئسو آهي، انصاف به ان جي حق ۾ آهي۔ عدالتن جا دروازا غريب لاءِ بند، پر طاقتور لاءِ هميشه کليل آهن۔ پوليس عوام جي حفاظت لاءِ نه، پر حڪمرانن جي خدمت لاءِ ڪم ڪري ٿي۔ مالياتي ۽ ريوينيو ادارا عام ماڻهوءَ کان ٽيڪس وٺي نظام کي هلائن ٿا، اهي رقمون ساڳيو بااثر طبقو استعمال ڪري پنهنجا فيصلا خريد ڪري ٿو۔ جنهن وٽ پئسو آهي، قانون به ان جو آهي۔ اهو ئي سامراجي ورثو آهي، جنهن ادارن کي انصاف بدران مفاد جو اوزار بڻائي ڇڏيو۔
حقيقي تبديلي اها آهي جيڪا اندر مان جنم وٺي، جيڪا روايت کي مٽائي نه پر نئين معنائن سان زنده ڪري۔ پر جڏهن تبديلي ٻاهر کان مڙهي وڃي، تڏھن اها ترقي نه پر تباهي بڻجي ٿي۔ تاريخ شاهد آهي ته جيڪي قومون پنهنجن بنيادن کي مٽائين ٿيون، اهي سڃاڻپ وڃائي بي روح ٿي وڃن ٿيون۔ سامراج جي سڀ کان وڏي فتح زمينن تي نه، ذهنن تي حاصل ٿي جڏهن قومن کي اهو يقين ڏياري ڇڏيو ويو ته تبديلي هميشه سٺي ۽ ماضي هميشه خراب آهي۔
جڏهن ڪو سماج اهو ڌوڪو قبول ڪري ٿو، ته پوءِ هو پاڻ پنهنجي ورثي جو قاتل ٿي وڃي ٿو۔ اهڙيءَ ريت تبديلي هڪ نفسياتي جنگ بڻجي وئي، جنهن تھذيبن کي بندوق سان نه، پر خيال سان غلام بڻائي ڇڏيو۔
________________

ايڊووڪيٽ نور محمد مري فريلانس ليکڪ آھي ۽ اسلام آباد ۾ رھي ٿو



