ڪيڪيبو (Kakeibo): پئسا بچائڻ، ذھني سُڪون ۽ سادگيءَ جي جپاني فن جو فلسفو
جپاني سماج ۾ نه صرف ٽيڪنالاجي يا صنعت ۾ مھارت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر روزمره جي زندگيءَ ۾ به هڪ اهڙو فڪر موجود آهي جيڪو سڪون، شعور، ۽ سادگيءَ سان زندگي گذارڻ سيکاري ٿو.
ڪيڪيبو اسان کي اهو سيکاري ٿو ته خوشحاليءَ جو راز وڌيڪ خرچ ڪرڻ ۾ نه پر سمجهداريءَ سان خرچ ڪرڻ ۾ آهي.
ڪيڪيبو لفظي معنيٰ ۾ گهر جو حساب ڪتاب رکڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو، پر حقيقت ۾ اهو پئسا بچائڻ کان به وڌيڪ هڪ ذهني فلسفو آهي.
عبدالله عثمان مورائي
جاپان جي سوسائٽي دنيا ۾ انهن قومن مان آهي جتي نظم، ضبط، ۽ سادگي زندگيءَ جو حصو آهن. اتي نه صرف ٽيڪنالاجي يا صنعت ۾ مھارت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر روزمره جي زندگيءَ ۾ به هڪ اهڙو فڪر موجود آهي جيڪو سڪون، شعور، ۽ سادگيءَ سان زندگي گذارڻ سيکاري ٿو. انهن ئي فڪرن مان هڪ آهي “ڪيڪيبو” (Kakeibo) ــ جيڪو لفظي معنيٰ ۾ “گهر جو حساب ڪتاب” يا “هائوس هولڊ اڪائونٽ بُڪ” لاءِ استعمال ٿئي ٿو، پر حقيقت ۾ اهو پئسا بچائڻ کان به وڌيڪ هڪ ذهني فلسفو آهي.
ڪيڪيبو ڇا آهي؟

ڪيڪيبو جو تصور پهريون ڀيرو سن 1904ع ۾ هڪ جاپاني عورت موتوڪو هاني (Motoko Hani) متعارف ڪرايو، جيڪا جاپان جي پهرين عورتن جي رسالي “The Women’s Friend” جي ايڊيٽر هئي. هن جو مقصد عورتن کي مالي آزادي، گهر جي مالي ذميواري، ۽ شعوري خرچ ڪرڻ جي عادت سيکارڻ هو.
ڪيڪيبو ڪو جديد ڊجيٽل بجيٽ سافٽ ويئر نه آهي، بلڪه هڪ سادي نوٽ بڪ ۽ قلم سان ڪيل عادت آهي، جنهن ۾ ماڻهو هر مهيني پنهنجا خرچ لکندا آهن، تجزيو ڪندا آهن ۽ پاڻ کان پڇندا آهن ته مون هي خرچ ڇو ڪيو؟ ڇا اهو خرچ واقعي ضروري هو؟ ڇا مان ان کي ٻيهر ڪريان يا نه؟ هي خودسڃاڻپ جو عمل آهي، جيڪو صرف بچت لاءِ نه پر زندگيءَ ۾ سڪون ۽ شعور آڻڻ لاءِ به ڪارائتو آهي.
ڪيڪيبو جو بنيادي ڍانچو
ڪيڪيبو ۾ هر مهيني جي شروعات ۾ ماڻهو پنهنجو مالي نقشو ٺاهي ٿو. اهو نقشو چئن بنيادي سوالن تي ٻڌل آهي, جهڙوڪ هن مهيني مون وٽ ڪيترا پئسا آهن؟ مون کي ڪيترو خرچ ڪرڻو آهي؟ مون کي ڪيترو بچائڻو آهي؟مان پنهنجي خرچ کي ڪيئن بهتر ڪري سگهان ٿو؟
ان کان پوءِ خرچن کي چئن قسمن ۾ ورهايو ويندو آهي، جيئن پهرين ضروري شيون جهڙوڪ کاڌو، بل، ٽرانسپورٽ يا اچ وڃ وغيره. ٻيو وري اختياري شيون جيئن ڪپڙا، تفريح، ٻاهر کاڌو کائڻ وغيره. ان ۾ ٽئين نمبر تي اچي ٿو ثقافتي ۽ سماجي خرچ جيئن ڪتاب، فلمون، تحفا وغيره. آخر ۾ غير متوقع خرچ اچي وڃن ٿا جيئن بيماري بڙي، مرمت، يا ايمرجنسي حالتون.
هر سڀ مٿيان خرچ لکڻ سان ماڻهو پنهنجي عادتن، خواهشن ۽ ترجيحن کي سمجهڻ لڳندو آهي.
ڪيڪيبو جو فلسفو، شعوري زندگي
ڪيڪيبو جو اصل مقصد پئسا بچائڻ نه پر خود شعوري زندگي گذارڻ آهي. جاپاني ثقافت ۾ “مائنڊفلنيس” جو تصور تمام گهڻو اهم آهي، جنهن جو مطلب آهي موجوده لمحي ۾ رهڻ، هر ڪم کي سمجهي ۽ سنجيدگيءَ سان ڪرڻ.
ڪيڪيبو به ساڳي سوچ تي ٻڌل آهي، جڏهن ماڻهو هر خرچ کي لکي ٿو، ته هو پاڻ سان ايمانداريءَ سان سوال ڪري ٿو ته “ڇا مون کي هيءَ شي واقعي گهربل هئي؟”
اهڙي عادت سان نه رڳو غير ضروري خرچ گهٽجن ٿا، پر انسان جو لاشعور به بدلجي ٿو. هي فن اهو سيکاري ٿو ته بچت، قرباني نه پر آزادي آهي.
ڪيڪيبو جا عملي فائدا
مالي ذميواريءَ جو احساس ٿيڻ جنهن سان ماڻهو پنهنجي آمدني ۽ خرچن جي باري ۾ باخبر ٿي وڃي ٿو ۽ غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي آڻي سگهي ٿو.
جڏهن هر شي لکبي آهي ته انسان پاڻ محسوس ڪندو آهي ته ڪهڙا خرچ بيڪار هئا ۽ ڪهڙا ضروري هئا. مالي استحڪام سان پريشاني گهٽجي ٿي ۽ زندگي وڌيڪ منظم ٿئي ٿي. جنهن سان ذهني سڪون پڻ ملي ٿو.
ان سان گڏوگڏ منصوبابنديءَ ۽ ايندڙ مهينن لاءِ بهتر بجيٽ ٺاهڻ جي صلاحيت پڻ وڌي ٿي. ان کان وڌيڪ ته سيڙپڪاريءَ جي خواهش پيدا ٿئي ٿي، مثال طور جڏهن بچت وڌي ٿي ته ماڻهو مستقبل لاءِ سيڙپ ڪرڻ جي سوچ پڻ رکي ٿو.
ڪيڪيبو ۽ جديد دنيا
اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ جتي پئسا هڪ ڪلڪ سان خرچ ٿين ٿا، ڪيڪيبو جهڙا طريقا انسان کي سست رفتار سوچڻ سيکارين ٿا. جاپاني ماڻهو چون ٿا ته ”جيڪڏهن تون لکين ٿو ته تون سوچين ۽ سمجهين ٿو.“ ڪيڪيبو هڪ اهڙو طريقو آهي جيڪو انسان کي غور، ويچار، تجزيو ۽ قدرداني سيکاري ٿو.
پئسن جي قيمت کي سمجهڻ جو مطلب آهي پنهنجي وقت، محنت، ۽ زندگيءَ جي قيمت کي سمجهڻ.

ڪيڪيبو جاچ طور روزاني جي زندگي ۾
جيڪڏهن ڪو ماڻهو هر ڏينهن شام جو رڳو پنج منٽ ڪڍي پنهنجو خرچ لکي ته ڪجهه مهينن ۾ هو پنهنجين مالي عادتن ۾ تبديلي محسوس ڪندو. مثال طور ڪافي لاءِ ٻاهر وڃڻ جي عادت گهٽجي سگهي ٿي يا غير ضروري آن لائن خريداريءَ تي ڪنٽرول اچي سگهي ٿو ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته انسان کي پنهنجين ترجيحن جو شعور پيدا ٿئي ٿو.
سادگيءَ ۾ سڪون
حاصل مقصد ته ڪيڪيبو اسان کي اهو سيکاري ٿو ته خوشحاليءَ جو راز وڌيڪ خرچ ڪرڻ ۾ نه پر سمجهداريءَ سان خرچ ڪرڻ ۾ آهي. ڪيڪيبو پاڻ کي بهتر نموني سڃاڻڻ ۽ زندگيءَ ۾ مالي نظم و ضبط آڻڻ جو هڪ شاندار فلسفو آهي، جيڪو سيکاري ٿو ته پئسا رڳو وسيلو آهن، مقصد نه. جيڪڏهن اسان پنهنجي خرچن تي شعور آڻيون ته زندگيءَ جو توازن پاڻ بحال ٿي وڃي ٿو. ڪيڪيبو جاپان جي ماڻهن لاءِ صرف بجيٽ ٺاهڻ جو طريقو نه، پر زندگيءَ جي سادگيءَ، نظم ۽ سڪون جو پاڇو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو جاپاني سماج دنيا ۾ مالي طور سڀ کان وڌيڪ منظم ۽ پرامن معاشرن مان هڪ آهي.
_______________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ ۽ انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندو آھي.



