ٽيڪنالاجي ترقيءَ جي باوجود چيني سماج وھم وِسوسن جو شڪار رھي ٿو
شاديءَ جي موقعي تي تارن جي ميلاپ جو خيال رکيو ويندو آهي ڇو ته چين ۾ هر سال هڪ مخصوص جانور سان منسوب هوندو آهي ۽ شاديءَ جي موقعي تي گهوٽ ۽ ڪنوار جي جنم جي سال کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي ته جيئن منجهن هم آهنگي رهي
چيني نئين سال جي آجيان لاءِ گهرن جي صفائي ڪندا آهن. سندن چوڻ آهي ته نئين سال جي شروع ٿيڻ تي گهرن کي صاف رکڻ سان نئون سال خوشين وارو ٿيندو آهي ۽ خير ۽ برڪت ٿيندي آهي. مقبرن جي زيارت بہ ڪن تہ اُتي نقلي نوٽ بہ ساڙن تہ جيئن دولت موٽي ملي
چيني سماج ۾ ڌيءَ جي ڄمڻ تي ماڻهو گهڻو خوش ٿيندا آهن، ڇو ته اتي شاديءَ جو خرچ گهوٽ ڪندو آهي، ڇوڪري رڳو گهر مان موڪلائيندي آهي
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
11 نومبر 2024ع: روزانو شام جو ’هو چولو‘ (هو چولو اسٽريٽ) تي واڪ ڪندي، هاڻ ڄڻ ان سان هڪ عجيب اُنسيت ٿي ويئي اٿم. آءٌ ساڳيون ساڳيون شيون بار بار ڏسندو رهندو آهيان ۽ پوءِ هڪ ڊگهو واڪ ڪري، واپس موٽي اچي ’ذائقه‘ ريسٽورنٽ تي ويھندو آهيان. اڃا ويھندو ئي مس آهيان ته وشال پڇندو آهي ته ”ابو ڇا کائيندين؟“ مون کي ڪجهه کائڻ تي دل ئي نه چوندي آهي، پر پوءِ به ڪجهه نه ڪجهه کائي وٺندو آهيان.
حيدرآباد هوندو هئس ته ڏينھن ئي نه گذرندو هو. هر وقت ڪونه ڪو ٽينشن، ڪو مسئلو، هتي ڏينھن ننڍو ٿو ٿئي ۽ ايترو ته جلد گذري ويندو آهي، جو خبر ئي نه پوندي آهي. ڄڻ ته ٽينشن فري لڳو پيو آهيان. نسيم به خوش ۽ مطمئن آهي. وشال ٻچڙو جيڪا خدمت ٿو ڪري، ان منھنجو ته خوشيءَ ۾ وزن ئي وڌائي ڇڏيو آهي ۽ پيٽ ئي نڪري پيو اٿم.
ڪجهه ڏينھن اڳ نسيم چيو ته هتي ڏاڍي خوش آهيان، دل ته نه ٿي چوي ته پاڪستان هلون. ته چيومانس، ”وشال ته توکي چوي پيو ته رهي پئو.“ ته چيائين، ”منھنجا ٻچڙا، پوٽيون ۽ ڏهٽيون.“
”ٻچڙو ته هتي به اٿئي… ۽ پوٽي به… مريم جھڙي گڏي. “مون چيس.
”وري به هلي مٽي، ڌوڙ ۽ گرمي ۾ پچنداسين، نه بجلي نه گئس. “
”اهو ته آهي. “مون چيو، ”اسان جي حڪمرانن اسان جي سرڳ سمان ڌرتيءَ کي واقعي به دوزخ بنائي ڇڏيو آهي.“
ان مھل مون کي آسي زميني جو شعر ياد آيو.
نه پاڻي، نه بجلي، نه گئس آهي
ورهاست ۾ مليو، اسان کي ڪھڙو ديس آهي.
شري رام جڏهن لنڪا جيتي ته لڪشمڻ چيس، ”هتي پھاڙي فرحتي هوائن ۾ رهي پئون، جو ايوڌيا ۾ ته ڌڌڙيل جهولن جو آزار آهي.“
رام چند وراڻيس، ”جتي ۽ جنم ڀومي سرڳ کان به وڌيڪ آهن.“
پنھنجو وطن وري به پنھنجو وطن آهي.

ڪجهه ڏينھن اڳ هوچو لو (اسٽريٽ) تي واڪ ڪندي ڏٺم ته هڪ همراهه ڪو وڏو پنو ننڍي ٽپائي تي وڇائي ويٺو هو ۽ قسمت جو حال ٻڌائي رهيو هو ۽ وري ٻي ڀيري ڏٺم ته ذائقه هوٽل جي پاسي ۾ هڪ نوجوان ساڳئي نموني پتا رکيو ويٺو هو. پڇيومانس ته ڇا پيو ڪرين ته اشارن ۾ چيائين، ”ويھه ته پتا اڇلي قسمت جو حال ٻڌايانوَ.“ ماڻهو ڪيترو به ترقي ڪري، جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪري، پنھنجي رهڻي ڪھڻي ۽ طور طريقا ئي بدلائي ڇڏي، پر وري به ڪن وهمن جو شڪار رهي ٿو. مثال طور چيني ڊريگن کي خير، برڪت ۽ خوشحاليءَ جي نشاني ۽ شينھن کي قوت ۽ اقتدار جي علامت سمجهندا آهن.
چيني سماج ۾ ڌيءَ جي ڄمڻ تي ماڻهو گهڻو خوش ٿيندا آهن، ڇو ته اتي شاديءَ جو خرچ گهوٽ ڪندو آهي، ڇوڪري رڳو گهر مان موڪلائيندي آهي. شاديءَ جي موقعي تي تارن (Stars) جي ميلاپ جو خيال رکيو ويندو آهي. ڇو ته چين ۾ هر سال هڪ مخصوص جانور سان منسوب هوندو آهي ۽ شاديءَ جي موقعي تي گهوٽ ۽ ڪنوار جي جنم جي سال کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي ته جيئن منجهن هم آهنگي رهي. مثال طور شينھن واري سال ۾ جنم وٺندڙ جي شادي ٻڪري يا سھي جي سال ۾ پيدا ٿيندڙن سان نه ڪئي ويندي آهي، ڇو ته ٻيئي جانور هڪٻئي جو ضد آهن. شينھن هڪ خطرناڪ جانور آهي، جڏهن ته ٻڪري ۽ سَھو نرم مزاج وارا آهن. ڊريگن ۽ نانگ جي سال ۾ جنم وٺندڙن جو پاڻ ۾ ميلاپ مناسب سمجهيو ويندو آهي. چين ۾ چھري جي ريکائن سان ماڻهن کي پرکڻ ۽ انهن جي قسمت کي ڄاڻڻ جو رواج به آهي.
چيني نئين سال جي موقعي تي ان جي آجيان لاءِ گهرن جي صفائي ڪندا آهن. سندن چوڻ آهي ته نئين سال جي شروع ٿيڻ تي گهرن کي صاف رکڻ سان نئون سال خوشين وارو ٿيندو آهي ۽ ان ۾ خير ۽ برڪت ٿيندي آهي. اهي ڦٽاڪا ڦاڙي بلائن کي ڀڄائيندا آهن. پاڻ وٽ عام طور تي عيدن برادن ۽ نائين ۽ ڏهين محرم تي ماڻهو قبرستان ويندا آهن. پنھنجن مٽن مائٽن جي قبرن تي فاتح خواني ڪندا آهن. گلن جون چادرون چاڙهيندا آهن ۽ قبرن تي مٽي وجهندا آهن. چين ۾ به ان قسم جون ريتون ۽ روايتون آهن.

چين ۾ هڪ فيسٽيول Qing ming festival [چنگ منگ فيسٽيول] ٿيندو آهي، جنھن کي Tomb sweeping day [مقبرن جي صفائي وارو ڏينھن] به چيو وڃي ٿو. ان ۾ چيني پنھنجي گذاري ويل مٽن مائٽن جي قبرن جي زيارتن لاءِ ويندا آهن. انهن تي گل رکندا آهن ۽ قبرن جي صفائي ڪندا آهن ۽ پنھنجي عقيدي موجب دعائون گهرندا آهن. ڪي ته وري ان موقعي تي نقلي ڪاغذي نوٽ به ساڙيندا آهن. سندن چوڻ موجب جيترا گهڻا ڪرنسي نوٽ ساڙيا ويندا، ايتري ئي دولت واپس ايندي. زندگيءَ ۾ ڏکن ۽ تڪليفن کي منھن ڏيڻ ۽ انهن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ’ٻڌ مانڪس‘ يا ٻڌن جي ٽيمپلز ۾ موجود راهبن وٽ رهنمائي ۽ سڪون حاصل ڪرڻ جي سماجي ريت به نظر اچي ٿي. ٻڌ ٻاوا دم ڦوڪ ڪري مختلف شيون ماڻهن کي ڏيندا آهن، جيئن پاڻ وٽ ڌاڳا وٽي، پاڻي پڙهي يا تعويذ لکي ڏيندا آهن. نئين سال جي موقعي تي ڪن پگو ڊائن ۾ چيني شھري پنھنجي پنھنجي خواهشن کي هڪ ڳاڙهي رنگ جي ڪاغذي پتي تي لکي ڇڏي ڏيندا آهن ۽ اکيون ٻوٽي انهن جي قبوليت لاءِ دعا گهرندا آهن. نئين سال کي چيني جنھن نموني ملھائيندا ۽ انجواءِ ڪندا آهن، اهو ڏسڻ وٽان آهي. ان سال جي شروعات اصل ۾ بھار جي شروعات هوندي آهي ۽ هر سال کي ڪنھن نه ڪنھن جانور سان منسوب ڪندا آهن. ايندڙ چيني سال جيڪو جنوري 2025ع جي آخر ۾ شروع ٿيندو، اهو نانگ جو سال آهي. هن سال 2024ع ۾ يونيسيڪو چيني سال کي عالمي ثقافتي ڏڻ قرار ڏنو آهي.
چين ۾ ٻن موقعن تي ٿيندڙ قومي موڪلون گهڻيون مشھور آهن. هڪ نئين سال جي موقعي تي، ٻيو آڪٽوبر انقلاب جي موقعي تي. انهن ٻنهي موقعن تي ٿيندڙ موڪلون هڪ هفتو هونديون آهن. ان کان سواءِ به ٻين ڏڻن ۽ موقعن تي موڪلون ٿينديون آهن، جن جا ڏينھن گهٽ هوندا آهن، هونئن به چين ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ ساليانيون موڪلون گهٽ هونديون آهن. شادي ٿيل ملازمن کي سال ۾ ڏهه ۽ غير شادي شده ملازمن کي ويھن موڪلن جو حق حاصل آهي. چيني شھري آڪٽوبر انقلاب ۽ نئين سال جي موڪلن کي خوب انجواءِ ڪن ٿا. هو ملڪ جي اندر ۽ ٻاهرين ملڪن ڏانھن تفريحي هنڌن جو رخ ڪندا آهن. چين ۾ جيڪڏهن ڪي هفتيوار موڪلون مروج موڪلن سان گڏ اينديون آهن ته ڇنڇر يا آچر کي ورڪنگ ڏينھن ۾ بدلايو ويندو آهي ته جيئن موڪلون مقرر ڏينھن کان وڌيڪ نه هجن.
________________
يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي