عمر خيام ڀلي ايراني هجي، پر تاجڪ بہ کيس پنھنجو شاعر سمجهندا آھن
چين جي شھر نئننگ جي ريسٽورنٽ ۾ ھڪ تاجڪ ڇوڪر ۽ نوجوان افغان شاعر سان ڪچھري. حامد فضلي قنڌار جو ۽ سندس ٻولي دَرِي (فارسي) ھئي. تاجڪستان ۾ به فارسي ڳالهائي ۽ سمجهي ويندي آهي
ڪتا مارڪيٽ ۾ گوشت، مڇيون، نانگ بلائون، سوئر، بدڪون ۽ ڀاڄيون وڪري لاءِ موجود هونديون آهن.
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
ڇويھين آڪٽوبر 2024: هاڻ روز وشال کان ڪجهه چيني ٻولي جا لفظ سکان ٿو ۽ نوٽ بوڪ تي انهن جا اُچار لکي ٿو ڇڏيان. ڪڏهن ڪڏهن آواز غلط سمجهندو آهيان، ڪالهه هيٺيان جملا لکيم، ياد ڪيم ۽ پوءِ اهي انڌا منڊا ڳالهائڻ جي ڪوشش به ڪندو آهيان. وشال ڳالهائيندو آهي ته ڌيان سان ٻڌندو آهيان، پر مسئلو اهو آهي ته هر هر وسريو وڃن.
اهي جملا هن ريت آهن:
– ني جائو شما منگز؟ [تنھنجو نالو ڇا آهي؟]
– وو جائو يوسف [منھنجو نالو يوسف آهي]
– ني ڇو نالي؟ [ڪيڏانھن پيو/ پئي وڃين؟]
– وئي مِن [ٻاهر پئي وڃان]
– شمان لا؟ [تو ماني کاڌي آهي؟]
– وو الا؟ [بک لڳي اٿئي؟]
– و پائو لا [ڍءُ اٿم]
– وو آئي ني [مون کي توسان پيار آهي]
ڪجهه لفظ ۽ انهن جون معنائون:
– وو- منھنجو My
– ني- تون/ توهان You
– لو- شاهراهه/ اسٽريٽ
– شُوشُو- چاچا
– لاچي- ڪچرو
– ڦنگيو- دوست
– مَيو- ڪونهي
– ڦان ڦان- ڊپ ٿو ٿئي
– که آئي- معصوم (Cute)
– چي هون ڪُنگ شي- شادي جون مبارڪون هجئي/ شادي مبارڪ
ان کان سواءِ هڪ کان وٺي ڏهن تائين ڳڻپ به ياد ڪيم.
– اِي هڪ One
– اَ ٻه Two
– سن ٽي Three
– يسه چار Four
– اُو پنج Five
– ليو ڇھه Six
– ڇي ست Seven
– پا اٺ Eight
– چُو نوَ Nine
– شِه ڏهه Ten

*
ويٺو هئس، جو وشال آيو. ”ابو، ڪتا مارڪيٽ سامان وٺڻ ٿو وڃان. هلين ته هل.“ چيائين. مون ته گهمڻ جو ڪوبه موقعو گسائڻ نه پي گهريو، چيم ”دير ڇاجي؟“
ٻيئي بائيڪ تي چڙهي ڪتا مارڪيٽ روانا ٿياسين. اها ئي ڪتا مارڪيٽ جتي گوشت، مڇيون، نانگ بلائون، سوئر، بدڪون ۽ ڀاڄيون وڪري لاءِ موجود هونديون آهن. بائيڪ تي پويان ويٺي آءٌ وشال سان ڪچھري به ڪندو رهيس. ڪتا مارڪيٽ جي ويجهو پھچي وشال هڪ شاپ جي اڳيان بائيڪ بيھاري، ”ابو، سياري لاءِ جئڪٽ يا ڪوٽ وٺون، هن دڪان جي ڪوالٽي به سٺي آهي ته اگهه به مناسب آهن.“
”پر سيارو ته اڃا پري آهي. پاڪستان ۾ ته هاڻ سيارو ڄڻ موڪلائي ويو آهي“ چيومانس.
”بيجنگ هلنداسين… اُتي سخت سردي هوندي. اتي به ڪم اچي ويندو…“ وشال چيو. سمجهي ويس ته يار نه ڇڏيندو. بس رڳو موقعو مليس، ”ابو هي وٺ، ابو هو وٺ….“ ڪجهه ڏينھن اڳ به هو چولو (هو چو اسٽريٽ) جي آخر ۾ هڪ دڪان تي چڙهياسين. کيس هڪ شرٽ پسند اچي ويئي ۽ هڪ ٻي شرٽ کڻي مون کي ڏنائين. ”ابو پائي ڏس.“ چيومانس، ”يار مون کي ضرورت ڪونهي.“
”ٿورو پائي ته ڏس…“چيائين. نيٺ مون پاتي، مون کي فٽ آئي ته لھرائي ڪائونٽر واري ڇوڪريءَ کي پيڪ ڪرڻ لاءِ چيائين ۽ منھن ٻئي پاسي ڪري کلي پيو. آءٌ به مُرڪڻ لڳس.
دڪان ۾ گهڙياسين ته ڪوٽ ۽ جيڪٽ ته منھنجي ماپ ۽ پسند جي نه ملي، پر سڄيون ساريون ٽي پينٽون پسند ڪيائين ۽ مون کي اندر وڃي پائڻ لاءِ چيائين، مون گهڻي ئي نه نه ڪئي ته بابا آءٌ پاڪستان ۾ ڪونه پايان، پر اصل نه ٻڌائين ”ايندڙ سال مارچ ڌاري چين ايندين ته ڪم اينديون.“
زور اڳيان زاري، سو چُپ ٿي ويس.
ٻاهر نڪرندي چيائين، ”ابو پئسا آهن ته پوءِ ماڻهو پاڻ کي ڇو سِڪائي.“
”پر فضول خرچي به مناسب ڪونهي، تو هنن ٽن پينٽن جا جيترا پئسا ڏنا آهن، انهن مان ته منھنجا پاڪستان ۾ ٽي زبردست جوڙا ٺھي وڃن.“ وراڻيم.
”اهي به وٺنداسين. “وراڻيائين.
مون به اهو چئي کلندي کڻي چپ ڪئي ته ”ميان پشو پاشا توسان پُڄڻ منھنجي وس ۾ ڪونهي“ ته اچي کليو.
مائٽ ته سدائين اولاد تان ٻلھار ٻلھار پيا ويندا آهن، پر جڏهن اولاد ماءُ ۽ پيءُ جو خيال رکي ته ماءُ ۽ پيءُ ڪيڏو نه خوش ٿو ٿئي، ان جو احساس آءٌ بيان ئي نه ٿو ڪري سگهان. ماڻهنس کي به دل کولي، جيڪو چوندي آهي، اهو وٺي ڏيندو آهي.
ڪُتا مارڪيٽ مان سامان وٺي واپس پھتاسين ته هوٽل ۾ ٽي افغاني نوجوان ويٺا هئا، انهن مان هڪ سان ڪجهه ڏينھن اڳ سرسري ملاقات ٿي هئي. انهن جي ڀرسان تاجڪستان جا شاگرد ويٺا هئا. ڪالهه منھنجي دوست ڊاڪٽر خالق ميمڻ سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ته فرمائش ڪيائين ته منھنجي لاءِ مختلف ملڪن جي ڪرنسي/ سڪا هٿ ڪري اچجئين، همراهن کي ڏٺم ته اها يادگيري اچي ويئي. افغاني نوجوانن سان دعا سلام ٿي ته مون کين چيو ته جيڪڏهن اوهان وٽ افغانستان جي ڪرنسي ’افغاني‘ هجي ته مون کي هڪ نوٽ يا سِڪو ڏيو، ان جي بدلي ۾ اوهان کي ’يوآن‘ ڏيندس. چيائون اسان وٽ آهن، ٻئي ڀيري اينداسون ته کڻي اينداسون. مون سندن مھرباني مڃي ته انهن مان هڪ ڪلين شيو نوجوان پڇيو ته اسان جڏهن به ايندا آهيون ته اوهان نوٽ بوڪ تي ڇا لکي رهيا هوندا آهيو ۽ ڪھڙي ٻولي ۾. مون چيس: ”آءٌ پنھنجي چين جي سفر جا نوٽس لکي رهيو آهيان ۽ واپس وڃي سفرنامو لکندس“، جنھن تي پڇيائين ته اوهان ليکڪ آهيو؟ چيم، هائو. ته هڪدم چيائين، ”آءٌ به شاعر آهيان ۽ شاعري ڪندو آهيان.“

بس ٻيو ڇا کپي. سندس نالو حامد فضلي هو. اصل قندار جو هو. مادري زبان دري يعني فارسي هُيس (افغانستان ۾ فارسيءُ کي دري چوندا آهن). بس شروع ٿي وياسين ڪچھريءَ ۾. سندس عمر ارڙهن سال هئي، ڪچھريءَ مان محسوس ڪيم ته حافظ شيرازي، سعدي ۽ عمر خيام وغيره پڙهيل اٿس ۽ ٻيو جديد ادب به. سندس ننڍي وهي ڏسي ۽ مطالعو ڏسي حيرت ٿيم. اسان جڏهن عمر خيام جو نالو ورتو ته سامھون ويٺل تاجڪ نوجوان مان هڪ ڄڻي چيو ته، ”عمر خيام تاجڪستان جو آهي.“
چيومانس، ”خيام ته ايران ڄائو آهي ۽ سندس قبر به نيشاپور ايران ۾ آهي ۽ آءٌ ڏسي آيو آهيان.“
وراڻيائين، ”ڀلي ايراني هجي، پر اسان تاجڪ کيس پنھنجو شاعر سمجهندا آهيون ۽ اسان وٽ به گهڻو مشھور آهي، تاجڪستان ۾ به فارسي ڳالهائي ۽ سمجهي ويندي آهي.“
مون سندس مھرباني مڃي ته پاڻ منھنجي معلومات ۾ واڌارو ڪيائين.
ان موقعي تي حامد فضليءَ پنھنجا ٻه ٽي فارسي ۾ غزل ٻڌايا، جن مان هڪ هن ريت آهي:
امشب ميخواهم چند سطر خطا بنويسم
ازهمان دوره اي وگذشته ها بنويسم
از غم وشادي درهم آميخته اي زندگي ما
از درد و تنهايي خويش بانجوا بنويسم
از دوست و دشمن، ازشب و روزِ درگذر
دل به دريا واز جدايي ها بنويسم
از حال خويش به سوي گذشته سفر کنم
دنيا رافر موش کرده و از قديم ها بنويسم
از سوگواري مرگ، از وصال و شادي دونسان
از اشک و لبخنداز ناميدي واميدها بنويسم
از نامردي روزگار که بر آرزو هار ماخط کشيد
از عشق وهجرا، ازشور و تلخ دنيا بنويسم.
از شيرين و فرهاد و استقامت در راه عشق
امشب از درد فرهاد وتيشه زون ها بنويسم
ازليلي و مجنون تاوحلت عشق هان امروز
امشب ميخو اهم چند سطر ساده وزيبا بنوسيم
دلتنگي هاي غربت حالم راپريشان مي کُند
از پريشاني، پراکنده به خطا چليپا بنويسم
_________________
يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھو اڄڪلھ چين ۾ آھي