Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

بنيادي عالمگير آمدني: غربت جي خاتمي لاءِ ھڪ نئون معاشي تصور

بنيادي عالمگير آمدني“ هڪ اهڙو معاشي تصور آهي، جتي حڪومت هر شهريءَ کي، بنا ڪنهن شرط جي، هڪ مقرر رقم ماهوار ادا ڪري

يونيورسل بيسڪ انڪم جا حامي انھيءَ کي رُڳو غربت ختم ڪرڻ نہ پر معاشي ۽ سماجي برابري قائم ڪرڻ جو هڪ طريقو مڃين ٿا

ڇا دنيا جو هر شهري ڪم ڪرڻ يا نه ڪرڻ باوجود مقرر پگهار جو حقدار آهي؟

عبدالله عثمان مورائي

بنيادي عالمگير آمدني (Universal Basic Income – UBI) هڪ اهڙو معاشي تصور آهي، جتي حڪومت هر شهريءَ کي، بنا ڪنهن شرط جي، هڪ مقرر رقم مهينيوار ادا ڪري ٿي ته جيئن هو پنهنجي بنيادي ضرورتن (ڇت، کاڌو، تعليم ۽ صحت) کي پورو ڪري سگهي. جيتوڻيڪ هي خيال ڪيترين ئي صدين کان موجود آهي، پر آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) ۽ مڪمل خودڪار نظامن (Automation) جي ترقيءَ سبب گذريل ڏهاڪي ۾ هي بحث عالمي سطح تي تيز ٿي چڪو آهي. ماڻهو خوفزده آهن ته جڏهن روبوٽ سڀ ڪم ڪرڻ شروع ڪندا، ته انسان ڇا ڪندا؟

UBI جو فلسفو ۽ بنيادي مقصد

UBI جا حامي ان کي رڳو غربت ختم ڪرڻ جو هڪ طريقو نه ٿا سمجهن، پر ان کي معاشي ۽ سماجي برابري قائم ڪرڻ جو هڪ طريقو مڃين ٿا. جنهن جا مرڪزي مقصد آهن ته هر شهريءَ کي هڪ بنيادي آمدني ڏيڻ سان، ڪو به ماڻهو مڪمل بک يا بي گهر ٿيڻ جو شڪار نه ٿيندو ۽ غربت ختم ٿيندي. ٻيو وري جڏهن مزدور کي خبر هوندي ته هن وٽ جيئڻ لاءِ بنيادي آمدني آهي، ته هو گهٽ پگهار تي يا خطرناڪ حالتن ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري سگهندو، جنهن سان اجرت (Wage) ۽ ڪم جي معيار ۾ بهتري ايندي.

ان کان سواء سماجي ڀلائيءَ (Social Welfare) جي موجود پيچيده ۽ ڏکين نظامن کي ختم ڪري، هڪ سادو نظام لاڳو ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان سرڪاري خرچ ۽ رشوت خوري ۾ گهٽتائي ايندي. ان سان گڏوگڏ جڏهن ماڻهن کي معاشي دٻاءُ نه هوندو، ته هو تعليم، آرٽ، ريسرچ، ۽ نوان ڪاروبار شروع ڪرڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي سگهن ٿا.

دنيا ۾ ٿيل اهم تجربا (Pilot Projects)

ڪيترن ئي ملڪن ۽ علائقن ۾ UBI جي نظريي کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ تجربا ڪيا ويا آهن. مثال طور جيئن فنلينڊ ۾ اهو تجربو 2017-2018 جي دوران ڪيو ويو جنهن ۾ فنلينڊ جي حڪومت 2,000 بيروزگار ماڻهن کي ٻن سالن لاءِ هر مهيني €560 (بنا ڪنهن شرط جي) ڏنا. فنلينڊ ۾ ان جو نتيجو اهو نڪتو ۽ اتي اهو ڏٺو ويو ته UBI حاصل ڪندڙ ماڻهن وڌيڪ نوڪريون ڳولڻ شروع نه ڪيون، پر اهي وڌيڪ خوش ۽ صحتمند ٿيا، ۽ انهن جو حڪومتي ادارن تي اعتماد وڌيو. انهن جو دٻاءُ (Stress) گهٽ ٿيو، جنهن سان صحت جي خرچن ۾ گهٽتائي آئي.

ڪينيڊا جي اونٽاريو صوبي ۾ پڻ هڪ تجربو شروع ڪيو ويو هو، جيڪو پوء ڪجهه وقت کان پوء سياسي تبديليءَ سبب بند ڪيو ويو. پر ان مان به ڪجھ نتيجا ڪڍيا ويا هئا جيئن ماڻهن جو چوڻ هو ته هن آمدنيءَ جي ڪري اهي مهانگن شهرن ۾ به اعلي تعليم ۽ صحت جون سهولتون حاصل ڪري سگهيا ٿي.

ڪينيا جي ڪجهه علائقن ۾ وري ماڻهن کي بنا ڪنهن شرط جي ڪجهه رقم ڏني وئي هئي ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ماڻهن اهو پيسو شراب يا غير ضروري شين تي خرچ ڪرڻ بدران ڳئون خريد ڪرڻ، ننڍڙا ڪاروبار شروع ڪرڻ يا پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏيڻ تي خرچ ڪيو هو. جنهن سان مقامي معيشت ۾ بهتري آئي هئي.

تنقيد ۽ عملي چئلينج

جيتوڻيڪ UBI هڪ پرڪشش نظريو آهي، پر ان تي عالمي سطح تي سخت تنقيد به ڪئي وڃي ٿي، جهڙوڪ سڄي ملڪ جي هر شهريءَ کي هڪ مقرر رقم ڏيڻ لاءِ تمام وڏي ناڻي جي ضرورت پوندي. اهو پئسو ڪٿان ايندو؟ حامي وڏن ٽيڪسن (Tax) يا سماجي پروگرامن کي ختم ڪرڻ جو مشورو ڏين ٿا، پر اهو سڀ سياسي طور مشڪل آهي. تنقيد ڪندڙن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن ماڻهن کي مفت ۾ پئسو ملندو، ته اهي سست ٿي ويندا ۽ محنت ڪرڻ ڇڏي ڏيندا، جنهن سان قومي پيداوار (Productivity) گهٽجي ويندي.

ڪن جو وري خيال آهي ته جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ اوچتو تمام گهڻو پئسو اچي ويو، ته شين جي قيمت وڌي ويندي، جنهن جي ڪري افراط زر – (Inflation) ۽ UBI جو حقيقي قدر ختم ٿي ويندو. ان کان سواء ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته پگهار رڳو مالي ضرورت نه پر انساني وقار (Dignity) ۽ مقصد جو احساس به آهي، ۽ مفت آمدني ان وقار کي گهٽائي سگهي ٿي.

سنڌ جي تناظر ۾ UBI جو خيال

سنڌ جهڙي علائقي لاءِ، جتي وڏي تعداد ۾ ماڻهو بيروزگار آهن يا صرف روزاني مزدوريءَ تي گذارو ڪن ٿا، UBI هڪ دلچسپ خيال ٿي سگهي ٿو جيڪوعلائقي مان غربت کي ختم ڪري سگهي ٿو ۽ خاص طور تي عورتن ۽ ٻهراڙين جي ماڻهن کي معاشي فائدو ۽ تحفظ فراهم ڪري سگهي ٿو.

ان سان گڏوگڏ چئلينج پڻ آهن مثال طورهن پروگرام کي سنڀالڻ لاءِ مڪمل شفافيت، ۽ ڪوڙو فائدو وٺندڙن (Ghost Beneficiaries) کي روڪڻ لاءِ هڪ مضبوط ڊجيٽل سسٽم جي ضرورت پوندي. انهي سان گڏ، جيستائين وڏا معاشي سڌارا نه ٿين، تيستائين ايترو پئسو ڏيڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي.

آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته UBI اڄوڪي دنيا جي هڪ وڏي حقيقت، يعني ٽيڪنالاجيءَ جي ڪري ايندڙ نوڪرين جي تبديليءَ جو هڪ امڪاني جواب آهي. فنلينڊ ۽ ڪينيا جهڙن ملڪن جا تجربا ڏيکارين ٿا ته UBI ماڻهن جي زندگيءَ جي معيار، صحت ۽ خوشيءَ کي بهتر بڻائي ٿو، پر هن کي عالمي سطح تي لاڳو ڪرڻ کان اڳ ان جي خرچ، ناڻي جي فراهمي، ۽ سڄي دنيا جي معيشت تي پوندڙ اثرن تي وڌيڪ تحقيق ۽ بحث جي ضرورت آهي. هي بحث صرف پئسي جو نه پر انسانيت جي مستقبل، محنت جي معني ۽ سماجي انصاف بابت آهي.

______________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو وڏي عرصي کان انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button