Editor's pickMain Slideدنياڏکڻ ايشيا

آمريڪي سفارتڪار ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ ڪيٽي بندر رٿا بابت ڳالھيون

ڪراچي پورٽ تي سخت دٻاءَ سبب سنڌ کي  نئين بندرگاهه جي تُرت ضرورت آهي، مُراد شاھ

آمريڪا جي مُکيہ ڪمپنين جا اعليٰ عهديدار جلد ڪراچيءَ جو دورو ڪندا ته جيئن مختلف رٿائن ۾ سيڙپ جا موقعا ڏسي سگهن ، آمريڪي ناظمہ الامور نيتالي ايشٽن بيڪر

ڪراچي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان اربع ڏينھن آمريڪا جي نگران ناظمه الامور نيتالي ايشٽن بيڪر ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال، خوراڪ جي تحفظ، توانائي ۽ سلامتي جي تعاون، ڪيٽي بندر پورٽ رٿا ۽ سنڌ ۾ سيڙپ جي موقعن تي ڳالهيون ٿيون۔

ملاقات  وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ آمريڪي قونصل جنرل چارلس گڊمين، پولٽيڪل آفيسر جيرڊ هينسن ۽ ٻيا عملدار به موجود هئا۔

وڏي وزير ڪيٽي بندر رٿا جي شروعات ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي ان کي تاريخ جو پهريون قدرتي پورٽ ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويزن قرار ڏنو۔ هن چيو ته ڪراچي پورٽ تي سخت دٻاءُ آهي ۽ نئين بندرگاهه جي فوري ضرورت آهي۔ ان موقعي تي شاھراھ ڀٽو کي سڌو سنئون ڪراچي پورٽ سان ڳنڍڻ جي تجويز تي به ڳالهه ٻولهه ٿي ته جيئن شهر مان ھيوي ٽريفڪ کي هٽائي سگهجي۔

نيتالي بيڪر اعلان ڪيو ته آمريڪا جي نمايان ڪمپنين جا اعليٰ عهديدار جلد ڪراچي جو دورو ڪندا ته جيئن مختلف منصوبن ۾ سيڙپ جا موقعا ڏسي سگهن۔ ان تي وڏي وزير مڪمل سرڪاري سهڪار جي خاطري ڪرائي۔

توانائي ۽ صنعتي تعاون بابت ٿر ۾ ڪوئلي تي ٻڌل منصوبن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون جن ۾ ڪوئلي مان گيس، ڀاڻ ۽ ڊيزل ٺاهڻ شامل آهن۔

ٻوڏ جي صورتحال بابت مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سپر فلڊ لاءِ وڏي تياري ڪئي هئي پر هن سال ٻوڏ گهٽ رهي۔ هن سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ چانورن جي فصل کي پهتل نقصان کي اجاگر ڪيو۔

ٻنهي ڌرين اڳواٽ چتاءَ واري نظام، شهري نيڪال ۽ هنگامي تيارين کي بهتر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو۔ ملاقات ۾ خوراڪ، پاڻي ۽ صفائي لاءِ گڏيل قومن ۽ غير سرڪاري تنظيمن وسيلي 22 لک 50 هزار آمريڪي ڊالرن جي امداد ۽ آمريڪي فوج طرفان ٻيڙيون، ٽينٽ، کٽون ۽ پاڻي جا پمپ ڏيڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي۔

غذائي تحفظ بابت وڏي وزير گذريل سال ڪڻڪ جي گهٽ پوک سبب پيدا ٿيل مسئلا اجاگر ڪندي ٻڌايو ته درآمدي ڪڻڪ صوبي کي 40 ڪلو جي حساب سان 3800 رپيا ۾ پئي۔ هن چيو ته غذائي تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي۔

سڪيورٽيءَ جي تعاون بابت به ڳالهيون ٿيون۔ مراد علي شاهه 2012 کان انٽرنيشنل نارڪوٽڪس اينڊ لا پروگرام هيٺ آمريڪي تعاون جي ساراهه ڪئي جنهن وسيلي پوليس جي تربيت، سامان، عورت پوليس لاءِ بيرڪس ۽ جيل سڌارن لاءِ مالي مدد فراهم ڪئي وئي۔ هن ٻڌايو ته سنڌ جي 22 جيلن کي جديد نظام سان آراسته ڪيو ويو آهي ۽ حيدرآباد ۾ جيل عملي جي تربيت لاءِ ادارو قائم ڪيو ويو آهي۔ وڏي وزير آمريڪا پاران 20 ملين ڊالر جي حفاظتي سامان جي فراهمي کي به تسليم ڪيو۔

نيتالي بيڪر انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ سنڌ پوليس جي نمائندگي ڪرڻ تي ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ پوليس منيشا روپيتا جي تعريف ڪئي ۽ انتهاپسندي خلاف ۽ عوامي سلامتي لاءِ سنڌ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو۔ ٻنهي ڌرين معذور ماڻهن لاءِ قدمن تي به ڳالهيون ڪيون۔ نيتالي بيڪر چيو ته آمريڪي ڪمپنيون ٻوڙن ٻارن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت لاءِ مدد ۾ دلچسپي رکن ٿيون۔ وڏي وزير مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ حڪومت اڳ ئي تعليم، تربيت ۽ بحالي جي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، آمريڪي ادارن جو تعاون اسان لاءِ انتهائي قيمتي ٿيندو۔ (پريس رليز)

_________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button