Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

موسمي ڦيرگھير ۽ سنڌ: 300 ڏينهن جو سرڪاري  پلان – هڪ جائزو

موسمي ڦيرگھير هڪ عالمي چئلينج آهي، پر سنڌ لاءِ اهو هڪ وجودي بحران بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي تجويزي منصوبا خاص طور تي 300 ڏينهن جي پلان تي ايمانداري سان عمل ڪن ته ٻوڏن ۽  سوڪھڙيجا نقصان گهٽجي سگهندا

مُشتاق ٽانوري

پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ، موسمي تبديليءَ جي خطري ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقا بڻجي چڪا آهن. عالمي سطح تي گرين هائوس گيسز جي خارج ٿيڻ  ۾ پاڪستان جو حصو  رڳو هڪ سيڪڙو آهي، پر ان جي باوجود ملڪ آبهوا جي تبديليءَ جا سخت ترين اثر ڀوڳي رهيو آهي. ماحوليات جي وفاقي وزير  ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ اهو طئہ ٿيو آهي ته 300 ڏينهن واري موسمي ڦيرگھير پلان تي عمل ڪيو ويندو، جيڪو ايندڙ سانوڻيءَ لاءِ اڳواٽ تياريءَ ھيٺ  آهي. ان سان گڏ،ڪاربان ڪريڊيٽ مارڪيٽ کي به وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، جيڪا سنڌ ۾ اڳ ئي آزمائشي طور تي شروع ٿي چڪي آهي.

سنڌ حڪومت جو ”سنڌ ڪلائيميٽ چينج پاليسي 2022ع“ صوبائي سطح تي هڪ اهم بنيادي دستاويز آهي. ان ۾ سکر بئراج جي گنجائش وڌائڻ، سنڌو درياهه جي بندن کي مضبوط ڪرڻ، پاڻي جي لنگهن ۽ نالن جي بحالي، ۽ جديد موسم اڳڪٿي سسٽم جي قيام تي زور ڏنو ويو آهي. هيءَ پاليسي سنڌ جي مخصوص حالتن ۽ خطري واري جاگرافيائي حيثيت کي نظر ۾ رکندي تيار ڪئي وئي آهي. 2022ع جي برساتي ٻوڏ سنڌ لاءِ هڪ تاريخي تباهي هئي، جنهن ۾ تقريباً 4.4 ملين ايڪڙ زرعي زمين متاثر ٿي، ۽ 26 ضلعن ۾ 8.6 ملين ماڻهو خوراڪي خطري جو شڪار ٿيا.  سنڌ جي سالياني برسات 150 کان 250 ملي ميٽر آهي، پر هاڻي برساتون غيرمعمولي شدت سان پئجي رهيون آهن. هڪ تحقيق موجب 2022ع جي برساتن دوران 5 ڏينهن جي وڌ کان وڌ برسات معمول کان 75 سيڪڙو وڌيڪ شديد هئي. عالمي رپورٽون ٻڌائن ٿيون ته سنڌ ۾ 2050 تائين گرمي پد ۾ 1.9 سينٽي گريڊ  کان 2.4سينٽي گريڊ تائين واڌ ٿيندي. ڪورڊيڪس جي رپورٽ موجب ايندڙ سالن ۾ نوابشاھ، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو ضلعن ۾سوڪھڙي جي شدت وڌندي ۽ ڊگھا خشڪ دور شروع ٿيندا. پاڻيءَ جي کوٽ زراعت ۽ روزگار کي سڌي ريت متاثر ڪندي. پاڪستان ۾ هر فرد لاء پاڻي جي دستيابي اڳ ۾ ئي خطري جي حد کان گهٽجي، 2025 تائين رڳو 860 ڪيوبڪ ميٽر رهڻ جو امڪان آهي.عالمي بينڪ موجب  موسمي تبديلي سبب پاڪستان جو ساليانو جي ڊي پي  2050 تائين 18کان 20 سيڪڙو گهٽجي سگهي ٿو. سڌي نقصان ۾ ٻوڏ، گرميءَ جا دورا، ۽ زرعي نقصان شامل آهن. يونسيف رپورٽ مطابق، 2022ع جي ٻوڏ کان پوءِ پاڪستان ۾ 10 ملين کان وڌيڪ ماڻهو محفوظ پيئڻ واري پاڻي کان محروم ٿيا، جن ۾ ٻار به وڏي تعداد ۾ شامل هئا.

سنڌ حڪومت جو ڊيلٽا بليو ڪاربان منصوبو عالمي سطح تي ڪامياب تجربو آهي. ان تحت تقريبا هڪ لک 60 هزار  هيڪٽر ۾ تمر جا وڻ ٻيهر پوکيا ويا، جيڪي سامونڊي طوفانن کان ساحلي علائقن کي بچائن ٿا. ان منصوبي ذريعي 3 ملين ٽن ڪاربان  برابر ڪريڊيٽس وڪرو ڪيا ويا، جنهن مان 40 ملين ڊالر آمدني حاصل ٿي.اميد آهي ته 2075 تائين، سنڌ ان منصوبي مان 12 بلين ڊالر آمدني ۽ 240 ملين ٽن ڪاربان جي گهٽتائي حاصل ڪندو. هي منصوبو نه رڳو ماحولياتي فائدا ڏئي ٿو، پر مقامي ڪميونٽيز لاءِ روزگار ۽ سماجي بهتري جا موقعا به پيدا ڪري ٿو. وزيراعظم شهباز شريف 2022ع ۾ اعلان ڪيو ته سولر، ونڊ ۽ هائيڊرو پاور ذريعي توانائي جي گهرج پوري ڪئي ويندي، جنهن سان فوسل فيول تي دارومدار گهٽ ٿيندو.

هن منصوبي جي ڪاميابي لاءِ لازمي آهي ته سياسي عزم حقيقي هجي، عوامي شعور وڌايو وڃي، مقامي ڪميونٽيز کي شامل ڪيو وڃي ۽ بين الاقوامي امداد حاصل ڪئي وڃي. 300  ڏينهن جو پلان سنڌ لاءِ نه رڳو هنگامي تياري آهي پر هڪ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي به ٿي سگهي ٿو، جنهن سان زرعي پيداوار ۾ استحڪام، انساني زندگين جي حفاظت ۽ ماحولياتي توازن ممڪن بڻجي سگهندو. موسمي ڦيرگھير هڪ عالمي چئلينج آهي، پر سنڌ لاءِ اهو هڪ وجودي بحران بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي تجويزي منصوبا خاص طور تي 300 ڏينهن جي پلان تي ايمانداري سان عمل ڪن ته ٻوڏن ۽  سوڪھڙيجا نقصان گهٽجي سگهندا، معيشت ۾ استحڪام اچي سگهندو، ۽ سنڌ جي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ مستقبل ٺهي سگهندو. هاڻي ضرورت آهي ته هن پلان کي رڳو ڪاغذن تائين محدود نه رکجي، پر فوري عملدرآمد ذريعي سنڌ کي آبهوا جي تبديليءَ جي تباهين کان بچايو وڃي.

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button